قومن جي تاريخ ۾ اهڙا اهم حادثا جنم وٺندا آهن، جيڪي ان جي تاريخ تي گهري نموني اثر انداز ٿي ان سماج جي سياسي، سماجي ۽ معاشي جوڙجڪ کي بدلائي ڇڏيندا آهن. اهڙا حادثا ڪڏهن حملي آورن جي صورت ۾ ٿيندا آهن، جيڪي ملڪ تي قبصو ڪري پنھنجن پنھنجن ادارن ۽ رسمن کي متعارف ڪرائيندي پراڻي نظام کي بدلائي ڇڏيندا آهن. ڪڏهن اهي انقلاب جي صورت ۾ ايندا آهن، جيڪي سماج جو ماضي سان رشتو ڪٽي هڪ نئين نظام جي تعمير ڪندا آهن. انهن حادثن جي اثر جو اندازو وقت گذرڻ کان پوءِ ٿيندو آهي. جڏهن اهي تاريخ جو حصو بڻجي چڪا هوندا آهن. شايد انهن جي پنهنجي زماني ۾ انهن حادثن جي اثرن کي پوري ريت نه ٿو سمجهيو وڃي. ان لاءِ جڏهن اسين سنڌ جي تاريخ جي انهن ٽن دؤرن جو جائزو وٺنداسين، جن اُن جي تاريخي عمل کي تبديل ڪرڻ جي عمل ۾ حصو ورتو آهي ته اسان وٽ سنڌ جي تاريخ جا اهم ماخذ ۽ دستاويز موجود آهن. جن جي مدد سان اسين ماضي جي انهن حادثن جا ۽ زماني حال ۾ جيڪو ڪجهھ عمل ۾ آيو، اُن جو تجزيو ڪري سگهنداسين.
پھريون دؤر جنھن سنڌ جي تاريخ کي گهرائي سان بدلايو. اهو 12-711 عيسوي ۾ عربن جو حملو هو، انهن جي فتح ۽ انهن جو سياسي اقتدار آهي. ڇاڪاڻ ته عرب حملي آور هڪ نئين مذهب جا پوئواري ڪندڙ هئا. ان لاءِ بنيادي طور تي پھريون اثر اهو ٿيو ته سنڌ مذهبي طور تي ٻن جماعتن ۾ ورهائجي وئي. مسلمان فاتح هئا، انهن وٽ فوجي طاقت هئي. انهن وٽ مذهبي جذبو ۽ جوش هو. ان لاءِ آهستي آهستي ارتقائي طور تي مسلمانن جي مٿانهين طاقت ۾ ٻن طريقن جو اضافو ٿيو. هڪ ته سنڌ جي قبيلن مذهب مٽائي فاتحن جي جماعت ۾ شرڪت ڪئي ۽ ٻين سنڌ تي قبضي کان پوءِ مسلمان مهاجرن طور آمد شروع ڪئي. ان ۾ واپاري، عالم ۽ نون معاشي موقعن جي ڳولا ۾ اچڻ وارا هئا. ايندڙ عرب آبادڪارن پنهنجي قبائلي سڃاڻپ کي قائم رکيو. ان سان پنھنجو پاڻ کي نمايان رکندا هئا. ڇاڪاڻ ته اڄ به سنڌ ۾ سيد، قريشي، سنڌي ۽ ٻيا عربي سڃاڻپ نالن جي حوالي سان اهم حصو آهن. ان روايت کي اسان هندستان ۾ ٻين علائقن ۾ به ڏسون ٿا. سنڌ، اميه ۽ عباسي دؤرِ حڪومت ۾ عرب سلطنت جو حصو رهي ۽ انهن جا حڪمران اتان کان ايندا رهيا.
نائين ۽ ڏهين صدي عيسوي ۾ سنڌ ۾ اسماعيلي مبلغ آيا، جيڪي مصر جي فاطمي سلطنت جي سرپرستيءَ ۾ هئا. هتي انهن اسماعيلي عقيدي جي تبليغ ڪري وڏي انگ ۾ پنھنجا پيروڪار بڻايا. ان جي تفصيل لاءِ الانا جو ڪتاب “اسماعيلي سنڌ ۾” پڙهي سگهجي ٿو. سنڌ جو آخري عرب حڪمران خاندان هباري هو، جيڪو اسماعيلي عقيدو اختيار ڪري چڪو هو. ان جي گاديءَ جو هنڌ منصوره هو، جنھن کي محمود غزنويءَ جي فوجن تباهه ڪيو. ان ڪري جڏهن عباسي خلافت جو خاتمو ٿيو ته سنڌ آزاد ٿي الڳ سان پنهنجي سياسي سڃاڻپ قائم ڪئي.
سنڌ جي تاريخ جو ٻيو اهم دؤر 1843 عيسويءَ ۾ انگريزن جي فتح سان شروع ٿيو. فتح جي ڪجھه عرصي کان پوءِ سنڌ کي بمبئيءَ جي پزيڊنسيءَ سان جوڙيو ويو. ايئن هڪ ڀيرو ٻيھر سنڌ جي آزاد سڃاڻپ قائم نه رهي ۽ ان تي بمبئيءَ جي انتظاميه وسيلي حڪومت ڪئي وئي. پر انهي دؤر ۾ جيڪي اهم تبديليون آيون، انهن ۾ هندو واپاري طبقي جو اڀار ٿيو. خاص طور تي حيدرآباد ۽ شڪارپور جا واپاري انگريز ڪالونيءَ کان سواءِ ٻين ملڪن ۾ به ڦھلجي ويا ۽ جيڪو منافعو اهي واپس کڻي آيا، ان سان سنڌ جي شهرن جي جديد طريقي سان تعمير ڪئي وئي. حيدرآباد، شڪارپور، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ڪراچي نئين صورت سان اڀريا. جتي باغ، ڪتاب گهر، ڪلبون ۽ تقريرن لاءِ هال تعمير ڪيا ويا. هندو ڪميونٽيءَ خاص طور تي اسڪولن ۽ ڪاليجن جو بنياد رکيو. اخبارون ۽ رسالن جي ڇپائي جو سلسلو شروع ٿيو. سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو وجود عمل ۾ آيو ۽ سنڌ جي تاريخ تي تحقيق جي شروعات ٿي. سنڌي ٻوليءَ جي نئين رسم الخط متعارف ڪرائي وئي، جنهن سنڌيءَ ۾ ڇپائي جي سلسلي کي اڳتي وڌايو.
ان عرصي ۾ ڪراچي هڪ واپاري شھر جي صورت ۾ اڀريو ۽ هتي پارسي، اسماعيلي، بوهرا، ميمڻ ۽ اينگلو انڊين گڏجي تعليمي ۽ ثقافتي طور تي ماڊل شهر ٺاهي ڇڏيو. شھرن جي ترقيءَ سان گڏ ئي هڪ فرق اهو آيو ته سنڌ جي ٻھراڙي واري آبادي ترقيءَ جي انهن اثرن کان محروم رهي، ڇو ته اهي ماڻهو جاگيردار ۽ پيرن جي اثر هيٺ رهيا. برطانوي حڪومت انهن جي سرپرستي ڪندي ٻھراڙيءَ جي آباديءَ ۾ انهن جي اثر رسوخ کي باقي رکيو.
ٽيون دؤر جنهن سنڌ جي سياست ۽ سماجي حالت تي اثر وڌو، اهو 1947 عيسويءَ جو ورهاڱو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ان کان اڳ مسلمانن ۽ هندن ۾ فرقي واراڻا فساد نه ٿيندا هئا. پر سکر ۾ مسجد منزل گاهه جي واقعي کان پوءِ فرقيواراڻا جهيڙن جو خوف ڦهلجي ويو. ان ڪري ورهاڱي کان پوءِ شهري هندو ڪميونٽيءَ گڏيل فيصلي سان سنڌ کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته سنڌ جو تعليم يافته طبقو جنھن سنڌي ادب ۽ ڪلچر کي پذيرائي ڏيڻ ۾ حصو ورتو هو. ان جي وڃڻ کان پوءِ هڪ وڏو خال پيدا ٿيو. ان کي پورو ڪرڻ وارا هندستان کان آيل مھاجر هئا، جيڪي پاڻ سان گڏ نئين ٻولي، نوان ڪلچر ۽ نوان سماجي رويا کڻي آيا ۽ شھري آباديءَ جي وچ ۾ فرق پيدا ٿيو. ان نئين صورتحال سان سنڌ جي ماڻهن ۾ تمام پريشاني ٿيڻ لازمي هو. ڇو ته انهن کي پنهنجي ٻولي ۽ ڪلچر جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽون نظر آيون.
سنڌ جي تاريخ جو هي ٽيون دؤر منھنجي خيال ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم آهي. هن وقت سنڌ جي ٻولي ۽ ڪلچر کي مضبوط رکندڙ سنڌي ٻھراڙي ۽ ڳوٺن جا عام ماڻهو آهن. جيڪي اردو ۽ انگريزي اکرن کان سواءِ خالص سنڌي ڳالهائيندا آهن. هاڻي اهو سوال ته هن دؤر جا اثر ڇا رنگ لائيندا ۽ سنڌي سماج جي اشتراڪ سان ڪهڙي صورت اُڀرندي. هي اهي سوال آهن جن جو جواب ايندڙ وقت کان ملندو. ڇاڪاڻ ته تاريخ جا پنهنجا ڪي به قانون ناهن هوندا. ان لاءِ ان جي غير موجودگيءَ ۾ تاريخ جو ماهر مستقبل جي باري ۾ ڪجھه نٿو چئي سگهي.
سنڌيڪار: مجاهد سومرو