ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

تعليم ۽ سوويت يونين

Editorial-Article- Yameen Jatoi

سوويت يونين ۾ سوشلزم زندگيءَ جي ٻين ميدانن سان گڏ تعليمي ميدان ۾ به وڏا ڪارناما ۽ معجزا ڪري ڏيکاريا. اهڙا ڪارناما ۽ معجزا جن جو زارشاهي روس ۾ رڳو تصور ئي ٿي پئي سگهيو. پر سوشلزم ڪجهه سالن اندر ئي اهڙن خوابن کي زندهه حقيقت ۾ بدلائي ڇڏيو.
انقلاب کان اڳ روس ۾ تعليم تائين عام ماڻهن جي پهچ ۾ نه هئي. تقريبن ٽي ڀاڱي چار آبادي اڻ پڙهيل هئي، 80 سيڪڙو ٻارن ۽ نوجوانن اسڪول جي شڪل نه ڏٺي هئي. 1914ع ۾ هزار مان رڳو 58 ماڻهو مختلف تعليمي ادارن ۾ پڙهندا هئا. آڪٽوبر انقلاب کان اڳ روس ۾ عام تعليم جا اهڙا اسڪول نه هئا، جن ۾ هر دور جي ٽريننگ جو انتظام هڪ ئي پروگرام تحت ٿيندو هجي. انهن ڏينهن ۾ ٽيهه پنجٽيهه قسم جا طرح طرح جا اسڪول هئا ۽ اهي به 17 مختلف ادارن هيٺ ڪم ڪندا هئا. اسڪول جي نظام جو بنياد طبقن تي هو. اميرن جا ٻار، فوجي يا قانون جي اسڪولن ۽ اميرن جي ڇوڪرين جي مخصوص اسڪولن ۽ اهڙن ٻين ادارن ۾ تعليم حاصل ڪندا هئا- انهن اسڪولن ۾ فيس ڏني ويندي هئي-ثانوي اسڪولن جا دروازا جن کي جمنيزيا چيو ويندو هو، بظاهر سمورن ٻارن لاءِ کليل هوندا هئا-پر اتي به اڪثر شاگرد رڳو اميرن جا ٻار هئا-بورجوا طبقي جي ٻارن لاءِ حرفتي اسڪول هئا، مذهبي پيشوا پنهنجن ٻارن کي ديني سيمنارن ۽ مذهبي ۽ ڪليسائي اسڪولن ۾ اماڻيندا هئا.
مزدور، هاري ۽ دستڪار پنهنجن ٻارن کي گهڻو ڪري مختلف پرائمري اسڪولن ۾ پڙهائيندا هئا. انقلاب کان اڳ روس ۾ ٽي ڀاڱي چار کان وڌيڪ آبادي هارين جي هئي پر اسڪولن جي شاگردن ۾ هارين جي ٻارن جو انگ رڳو 15 سيڪڙو هو. اڳوڻي روسي سلطنت جي ڪيترين ئي قوميتن جا پنهنجا اسڪول نه هئا. اهو ئي نه بلڪ انهن کي ڪنهن به قسم جي تعليم به نه ڏني ويندي هئي.
تعليم جو پيچيدو نظام، پبلڪ اسڪولن ۾ محدود ابتدائي تعليم ۽ اسڪولن جي وڌندڙ فيس اهي هئا اهي سبب جن پورهيتن جي ٻارن لاءِ ثانوي ۽ اعليٰ تعليم تقريبن ناممڪن بڻائي ڇڏي هئي. جنوري 1918ع ۾ سوويتن جي ٽين ڪل روس يونين ڪانگريس جي موقعي تي لينن چيو هو: “تعليم جي چئني پاسي اهڙا قلعا جوڙيا ويا آهن، جيڪي عوام جي راهه ۾ رنڊڪ آهن. پر اهي قلعا ڊاٿا ويندا.” آڪٽوبر انقلاب جي فتح واري ڏينهن کان سوويت حڪومت ان رڪاوٽ کي ڊاهيندي رهي. سوويت يونين مختصر عرصي ۾ عام تعليم ۾ واضح ترقي حاصل ڪئي. سوويت يونين ۾ جهالت جي ڀيانڪ ورثي کي بلڪل ختم ڪيو ويو. 48 قوميتن پنهنجي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو تحريري ٻوليءَ جو بنياد وڌو.
سوويت يونين ۾ ستين جماعت تائين لازمي تعليم (وڏن وڏن شهرن ۾ ڏهين جماعت تائين) عام ڪئي وئي. هر شهر ۽ هر ديهي آباديءَ ۾ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون، جنهن کان پوءِ ثانوي تعليم جو رواج آهستي آهستي عام ڪيو ويو. اسڪولن ۾ سوويت يونين جي قوميتن جي 59 مختلف ٻولين ۾ تعليم ڏني وئي. عام تعليم جي اسڪولن ۾ پوليٽيڪنيڪي ٽريننگ جو رواج عام ڪيو ويو.
خاص تعليم جي ثانوي ادارن ۽ اعليٰ تعليم جي ادارن ۾ شاگردن جو انگ انقلاب کان پهرين واري انگ جي ڀيٽ ۾ 22 ڀيرا وڌي ويو.
زارشاهي تعليم واري وزارت جي هڪ رسالي 1916ع ۾ ڪاٿو هنيو هو ته يورپي روس جي عام خواندگيءَ لاءِ 120 سال، سائيبيريا ۽ قفقاز لاءِ 430 سال ۽ وچ ايشيا لاءِ 4 هزار 6 سئو سال درڪار هوندا. پر سوويت يونين رڳو ڪجهه ڏهاڪن ۾ ان گهڻ قومي ملڪ مان ناخواندگيءَ جو نالو نشان ميساري ڇڏيو. ناخواندگيءَ سان وڙهڻ لاءِ 1920ع ۾ جڏهن هڪ خاص ڪل روس ڪميشن قائم ڪئي وئي ته هزار 20 ٻارن لاءِ رڳو هڪ قلم، هڪ پينسل، ۽ هڪ ڪاپي هئي. ٻن تباهه ڪن جنگين 18-1914ع جي پهرين عالمي جنگ ۽ 20-1918ع جي گهرو ويڙهه ۽ ان سان گڏوگڏ هٿياربند سامراجي مداخلت ملڪ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو هو. نئين سوويت ريپبلڪ جو دشمن قوتن گهيراءُ ڪري ورتو هو ۽ سياسي بائيڪاٽ ڪري ان جي معاشي ناڪابندي ڪئي وئي هئي. سمورين ڏکيائين باوجود 1923ع کان 1939ع جي وچ واري عرصي دوران 5 ڪروڙ کان وڌيڪ ناخوانده ۽ تقريبن 4 ڪروڙ نيم ناخوانده ماڻهن کي تعليم يافتا ڪيو ويو. ملڪ جي اوڀرندي حصي ۾ جتي ڪجهه هنڌن تي جاگيرداراڻي ۽ ايتري تائين جو ابتدائي دور جا قبائلي لاڳاپا رائج هئا، صديون پراڻي ناخواندگيءَ سان وڙهڻ خاص طور ڏکيو هو.
1920ع کان پهرين وچ ايشيا يا ڪزاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جو هڪ به ادارو نه هو. 80ع جي ڏهاڪي تائين اتي اهڙا تقريبن 130 ادارا هئا، ۽ هر ڏهه لک ماڻهن ۾ انهن علائقن ۾ شاگردن جو تعداد وفاقي جرمن جمهوريه، فرانس، جاپان ۽ آسٽريليا کان وڌيڪ هو. سمورين سوويت جمهوريائن ۾ انسٽيٽيوٽ، يونيورسٽيون ۽ اڪيڊميون هيون. هر جمهوريا ۾ ماهرن ۽ ٽيچرن جو مناسب تعداد هو، جيڪي ٻارن کي مقامي ۽ ٻاهرين ٻولين ۾ تعليم ڏيڻ جي مهارت رکندڙ هئا.
تمام سطح جي تعليم مفت ۽ هر هڪ جي دسترس ۾ هئي. پرائمري تعليم چوٿين ڏهاڪي ۾ ئي لازمي ٿي وئي هئي. جڏهن ته ڇهين ۽ ستين ڏهاڪي ۾ اٺ سالا تعليم لازمي بڻائي وئي، ۽ اٺين ڏهاڪي ۾ مڪمل ثانوي تعليم (ڏهه سالا) کي لازمي بڻايو ويو. سوويت يونين ۾ تعليمي معيار دنيا کان مٿانهون هو.
سوويت يونين ۾ بنيادي طور اسڪول ۽ عوام ۾ وسيع لاڳاپا قائم هئا. سمورن اسڪولن جون پنهنجون والدين جون ڪميٽيون هونديون هيون ۽ سوويت يونين جي پبلڪ تعليمي مسئلن ۾ بحثن ۾ وڏي پئماني تي حصو وٺنديون هيون. ٽريڊ يونين، نوجوان ڪميونسٽ ليگ ۽ ٻيا پبلڪ ادارا اسڪولن ۽ تعليمي ادارن جي ڪم ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺندا هئا.
استادن جي تعليم: عام لازمي تعليم لاءِ وڏي انگ ۾ اهڙن استادن جي ضرورت هئي، جيڪي ثانوي تعليم حاصل ڪري چڪا هجن ۽ فن تعليم جو اعليٰ ڪورس مڪمل ڪري چڪا هجن. 1940ع ۾ عام تعليم جي مختلف اسڪولن ۾ ڪم ڪندڙ استادن جو انگ 11 لک 17 هزار هو. اهو انگ 1914ع جي انگن جي ڀيٽ ۾ 5 ڀيرا وڌيڪ هو. ان کان پوءِ وارن سورهن سالن ۾ يعني 57-1956ع جي تعليمي سال تائين استادن جي انگ ۾ وڌيڪ 7 لک جو اضافو ٿيو. 1958ع تائين استادن جو ڪل تعداد 18 لک 11 هزار هو.
يونين ريپبلڪن ۾ استادن جي انگ ۾ خاص طور تمام گهڻو اضافو ٿيو. ڇاڪاڻ ته انهن علائقن ۾ اسڪول جي تعليم ۾ تمام گهڻي ترقي ٿي. 15-1914ع جي تعليمي سال ۾ زارشاهي ازبڪستان جي اسڪولن ۾ رڳو 704 استاد ڪم ڪندا هئا، 56-1955ع جي تعليمي سال تائين انهن جو انگ وڌي 67 هزار هڪ سئو ٻارنهن ٿي ويو. 1917ع کان اڳ ۾ تاجڪستان جي اسڪولن ۾ رڳو 13 استاد ڪم ڪندا هئا، 56-1955ع جي تعليمي سال ۾ تاجڪ اسڪولن ۾ انهن جو انگ 18 هزار 7 سئو 30 ٿي ويو.
ان مختصر مدي ۾ ايڏي وڏي انگ ۾ استادن جي تعليم لاءِ سوين فن تعليم جا ثانوي ۽ اعليٰ ادارا، علم جي طريقن جي مرڪزن ۽ ٻين ادارن جي ضرورت هئي. فن تعليم جي اسڪولن ۽ ادارن جو اهو سلسلو صحيح معنيٰ ۾ نئين سري کان شروع ڪيو ويو. ڇاڪاڻ ته انقلاب کان اڳ ۾ روس ۾ اهڙا ڪجهه ادارا هئا. غيرروسي اسڪولن لاءِ جن ۾ انهن قوميتن جا اسڪول به شامل هئا، جن جي ڪا به لکجندڙ ۽ پڙهجندڙ ٻولي نه هئي، استادن جي هڪ تمام وڏي ٽيم تيار ڪئي وئي. سوويت حڪومت جي پهرين پنج سالن جي پڄاڻيءَ تائين يعني 1922ع ۾ تمام غيرروسي اسڪولن لاءِ هڪ لک 79 هزار استاد تيار ڪيا ويا. 1936ع ۾ انهن جو انگ ٽيڻون ٿي 3 لک 53 هزار 6 سئو ٿي ويو. بعد ۾ يونين ريپبلڪن اسڪولن ۾ 60 هزار کان وڌيڪ استاد رڳو مادري زبان ۽ ادب پڙهائيندا هئا.
سوويت حڪومت استادن جي تعليم ۽ فن تعليم جي مخصوص ٽريننگ کي بهتر کان بهتر بڻائڻ تي تمام گهڻو توجهه ڏيندي هئي. ان سلسلي ۾ جن استادن وٽ فن تعليم جي ڊگري نه هوندي هئي، انهن کي خط و ڪتابت ذريعي فن تعليم جي ٽريننگ حاصل ڪرڻ جي تربيت ڏني ويندي هئي. 1958ع تائين ابتدائي اسڪولن جي تقريبن 92 سيڪڙو استادن ۽ ستين ۽ ثانوي اسڪولن جي تقريبن 58 سيڪڙو استادن وٽ فن تعليم جي مخصوص ٽريننگ جي ڊگري هئي. عام طور اهي سڀ استاد جيڪي ڪم ڪري رهيا هئا ۽ جن وٽ مخصوص تعليم جي ضروري ڊگري نه هئي، اهي سڀ استادن جي اسڪولن ۾ خط و ڪتابت ذريعي تعليم حاصل ڪندا هئا. استادن جي اسڪولن ۾ پوليٽيڪنيڪل تعليم جو انتظام به هو. سوويت يونين ۾ استادن جي تعليم جي هڪ اهم خصوصيت اها هئي جو شاگردن کان شهر ۽ ٻهراڙي وارن اسڪولن ۾ پڙهائڻ جي عملي مشق ڪرائي ويندي هئي. استادن جي هر مدرسي جو هڪ تجرباتي اسڪول هوندو هو، جتي استاد اصول تعليم جي سلسلي ۾ تحقيقاتي ڪم جي نگراني ڪندا هئا. سوويت يونين ۾ فن تعليم جي اعليٰ تعليم جي ادارن جو ڄار وڇايو ويو، هر يونين ريپبلڪ ۾ فن تعليم جا ادارا هئا، جتي مقامي اسڪولن لاءِ استادن کي مادري ٻوليءَ ۾ ٽريننگ ڏني ويندي هئي.
57-1956ع جي تعليمي سال ۾ سوويت يونين ۾ 35 يونيورسٽيون هيون، فن تعليم بابت اعليٰ تعليم جا 220 ادارا هئا، اسڪول ۽ اسڪول کان اڳ واري تعليم جي استادن جا 4 سئو کان وڌيڪ مدرسا هئا. 1956ع ۾ استادن جي مختلف اسڪولن مان هڪ لک کان وڌيڪ استادن ڊگري حاصل ڪئي.
سوويت يونين ۾ استادن لاءِ رات جي مدرسن ۽ ادارن جو به وسيع ڄار ڦهلايل هو، گڏوگڏ خط و ڪتابت ذريعي فن تعليم جي تعليم حاصل ڪرڻ جو انتظام به موجود هو. اهڙي نموني نوڪري پيشه استاد پنهنجي مخصوص تعليم جاري رکي سگهندا هئا.
سوويت يونين ۾ سوشلزم تعليم جي ميدان ۾ جيڪي ڪارناما ڪيا، مٿي بيان ڪيل ڳالهيون ان جي هڪڙي ننڍڙي جهلڪ آهي. اڃا کوڙ ساريون ڳالهيون آهن، جيڪي هتي رهجي ويون آهن، جن لاءِ يقينن ڪتاب گهرجن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button