ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون

Editorial-Article- Rashid Leghari

سنڌ ۾ مهاٻوڏ دوران بلدياتي اليڪشن جو رڪيل ٻيو مرحلو پورو ٿي ويو آهي، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن جي حتمي نتيجن موجب پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجا وڌيڪ اميدوارن کٽي ورتا آهن. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ٻين ضلعن ۾ ضلعي ڪائونسل، يونين ڪميٽين، يونين ڪائونسل ۽ وارڊن تي چونڊون ٿيون آهن. جيتوڻيڪ سوين حساس پولنگ جي باوجود هي اليڪشن جو ٻيو مرحلو پرامن ٿي گذريو آهي. حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ بلدياتي اليڪشن سميت حيدرآباد ڊويزن ۾ اليڪشن کانپو ٻيو مرحلو ميئر جي چونڊ جو ٿيڻو آهي. جنهن تي پڻ هڪ بحث شروع ٿي ويو آهي. حيدرآباد ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو ئي ميئر اچڻو آهي. حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي 9 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ۾ 6 سئو کان وڌيڪ چيئرمين، وائيس چيئرمين چونڊ وڙهيا آهن، جنرل وارڊ ميمبر 18 سئو کان وڌيڪ اميدوار هئا. حيدرآباد شهر ۾ 9 لک 12 هزار 472 رجسٽرڊ ووٽن مان ووٽن جو ٽرن آئون گهٽ رهيو. عوام جي اليڪشن ۾ دلچسپي گهٽ نه نظر آئي. ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا. اهڙي ريت حيدرآباد ريجن ۾ حيدرآباد، مٽياري، دادو، ڄامشورو، ٽنڊو محمد خان، ٽٺو، بدين، سجاول ۽ ٽنڊوالهيار ۾ مجموعي طور تي ڪي 49 لک ووٽ داخل هئا. حيدرآباد ۾ 160 يونين ڪميٽيز تي مشتمل آهي. حيدرآباد ۾ 167 اميدوار بنامقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن.

حيدرآباد ضلعي ۾ بلدياتي چونڊ جي نتيجن مطابق حيدرآباد ۾ سڀ کان وڌيڪ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جون سيٽون پ پ 94 کنيون آهن. جيڪا پهرين نمبر تي آئي آهي. حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جي بائيڪاٽ کانپو پاڪستان تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين تي 40 سيٽون کٽيون آهن. 16 آزاد اميدوار ڪاميابي ماڻي آهي. حيدرآباد ۾ مذهبي جماعتن گهڻي ڪاميابي حاصل نه ڪئي آهي. جنهن ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان 2 ۽ جماعت اسلامي رڳو هڪ سيٽ حاصل ڪئي آهي. 2 يونين ڪاميٽين تي چونڊ روڪي وئي آهي. 5 اميدوارن جي فوت ٿيڻ کانپو اتي به چونڊون ملتوي ڪيل آهي. اليڪشن ڪميشن جي نتيجن مطابق پاڪستان پيپلز پارٽي ڪجهه ٻهراڙي ۽ ٻيو شهري علائقي تي ٻڌل پهرين نيرون ڪوٽ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي 18 مان 13 سيٽن، شهري علائقي ميان سرفراز ٽائون ميونسپل مان 8، قاسم آباد مان سموريون 18، ٽنڊو فضل مان 14، سچل سرمست مان 14 ۽ حسين آباد مان 12 چيئرمين، وائرس چيئرمين جون سيٽون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي، جيتوڻيڪ لطيف آباد جي شاهه لطيف ٽائون مان پ پ يونين ڪميٽي جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لا هڪ به سيٽ حاصل نه ڪئي آهي. جتي گهڻيون سيٽون پي ٽي آ کنيون آهن. پي ٽي آ سٽي مان 13 ۽ شاهه لطيف ٽائون مان 14 سيٽون حاصل ڪيون آهن. پهرين ميونسپل ڪارپوريشن نيرون ڪوٽ مان پي ٽي آءِ کي يونين ڪميٽي جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين تي 2 ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان کي يونين ڪميٽي جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين تي هڪ سيٽ نصيب ٿي آهي.
ميان سرفراز ٽائون جي 18 يونين ڪميٽين مان پيپلزپارٽي 8 يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جون سيٽون حاصل ڪيون آهن. پي ٽي آءِ کي 5 ۽ آزاد اميدوارن کي ٽن يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جون سيٽون مليون. اهڙي ريت نتيجن موجب پريٽ آباد ٽائون جي 18 يونين ڪميٽين مان پيپلزپارٽي کي ٻن يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جون سيٽون مليون آهن. ٻهراڙي تعلقي جي ٽنڊو ڄام ٽائون جي 16 يونين ڪميٽين مان پ پ کي 13 يونين ڪميٽين تي ڪاميابي ملي آهي. ٻهراڙي تعلقي جي ٻئي ٽنڊو فضل ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي 17 يونين ڪميٽين مان پيپلزپارٽي کي 14 يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي عهدي تي ڪاميابي ملي آهي. اتي 3 آزاد اميدوار به ڪامياب ٿيا آهن. سچل سرمست ٽائون جيڪو شهري ۽ لطيف آباد تعلقن تي ٻڌل ٽائون ڪارپوريشن آهي، جتي پ پ جا 14 اميدوار يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي عهدن تي ڪامياب ٿيا آهن. ان ٽائون مان پي ٽي آءِ 4 ۽ آزاد اميدوار هڪ يونين ڪميٽي جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين طور ڪاميابي ماڻي آهي. لطيف آباد ٽائون مان هڪ يونين ڪميٽي تي آزاد ۽ هڪ يونين ڪميٽي تي جماعت اسلامي جو چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين ڪامياب ٿيو آهي. حسين آباد ۾ ٻن يونين ڪميٽين تي پي ٽي آءِ ۽ ٽن يونين ڪميٽين تي آزاد حيثيت ۾ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين چونڊجي ويا آهن. هن نتيجن موجب ميئر پ پ مان ئي ايندو، ان لا به پ پ جي چونڊيل چيئرمينن ميئر لا ڊڪ ڊوڙ شروع ڪري ڇڏي آهي. جنهن ۾ هن مهل تائين صوبائي وزير ڄام خان شورو جي ڀا ڪاشف شورو حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن لا ميئر جي اميدوار طور ڊڪ ڊوڙ شروع ڪري ڇڏي آهي. جيتوڻيڪ پ پ جي ٻين اميدوارن سڌي ريت اڃا ڪاشف شورو جي حمايت نه ڪئي آهي. ڪاشف شورو اڳ ۾ قاسم آباد ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين ٿي رهيو آهي. حيدرآباد ۾ ايتري وڏي آبادي باوجود پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ به عورت اميدوار نه بيهاري آهي. وارڊن تي آزاد حيثيت ۾ عورتون به بيٺل هيون. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هي مڪاني بلدياتي چونڊ مڪمل طور تي مرداڻي چونڊ هئي. جنهن ۾ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين مرد ئي ڪامياب ٿيا آهن. پ پ سان گڏ پي ٽي آ جا پڻ مرد چيئرمين ڪامياب ٿيا آهن. هن ڀيري اليڪشن ۾ ٽرانسجينڊر کي به پنهنجي جنس طور ووٽ داخل ڪرڻ جو حق مليل هو. هاڻ ڏسجي ته ميئر جي چونڊ ڪيئن ٿئي ٿي. اڳ ۾ ميئر ايم ڪيو ايم جي طرفان ئي ايندا رهيا آهن. ڪراچي ۾ پ پ مخالف اميدوار پ پ خلاف ڪو اتحاد ڪن ٿا ته ان لا پ پ کي ميئر جي چونڊ لا ڏکيائون پيدا ٿينديون. حيدرآباد صفائي ۽ ڪچرو کڻڻ جو ذمو اڳ ۾ به بلدياتي ادارن جو رهيو آهي. اهو ڪچرو هن وقت ترڪي ڪمپني التاس کڻي رهي آهي. ان ڪمپني دعوا ڪئي آهي ته اسان حيدرآباد مان 4 لک ٽن کان وڌيڪ ڪچرو کڻي لينڊ فل سائيٽ تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي. هن کي گهر گهر مان ڪچرو کڻڻ جو نالو ڏنو ويو آهي. هن وقت قاسم آباد مان ڪچرو کڻڻ جي شروعات ڪئي وئي آهي. جتان روزانو 180 ٽن ڪچرو کنيو پيو وڃي. هن ڪچري مان ڪراچي ۾ توانائي جو متبال تيار ڪري بجلي جي پيداوار ۾ اضافو ڪيو ويندو. ان ڪري بلديا ادارو ڪچرو کڻڻ جي ذمي کان آجو ٿي چڪو آهي. اڳ ۾ حيدرآباد ۾ لکين ٽن ڪچرو کڻڻ باوجود شهر ۾ ئي ڦٽو ڪيو ويندو هو. جنهن کي ساڙڻ سان گڏ مختلف موتمار بيمارين کي دعوت ڏني ويندي هئي. هن وقت ڪچري کڻڻ لا لوڊر ۽ ڊمبر اچي ويا آهن. ان ڪري مڪاني اداري جي ميئر کي ڪچري کڻڻ کانسوا شهر جي حسناڪي ۽ ٻين معاملن تي ڌيان ڏيڻُو پوندو. بلديا طرفان جاري ٿيل پارڪنگ ۽ ٻين ٺيڪن کي هونئن به ها ڪورٽ حيدرآباد ختم ڪري چڪي آهي. حددخلين هٽائڻ لا به حڪم ناما جاري ڪيل آهن. جنهن تي ميئر ڪيئن عمل ڪرائيندو. ان تي به رپورٽنگ ڪرڻ ۽ لکڻ جي ضرورت پيش ايندي رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button