ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ اٽي جي بحران سبب پريشان عوام

Editorial

سنڌ ۾ اٽي جو بحران اڃا تائين به هلندڙ آهي. ماڻهو اٽي جي اگهن تي احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ جتي به اٽو ملي رهيو آهي، اهو بنهه مهانگي اگهه تي ملي رهيو آهي، پر حڪومتن جي ڪيترين دعوائن باوجود ماڻهن کي سستو اٽو ڪونه پيو ملي. سنڌ حڪومت ته اهو به طئي نه ڪري سگهي آهي ته اٽي جو ڪلو ڪيتري اگهه ۾ ملندو. پهرين اهو چيو ويو ته سستي اٽي جا اسٽال لڳايا ويندا پر عوام کي ڪٿي به سستي اٽي جا اسٽال نظر ڪونه آيا. ماڻهن کي مجبوريءَ ۾ مهانگو اٽو خريد ڪرڻو پيو. مختلف شهرن ۾ ماڻهو اٽي جي عدم دستيابي ۽ مهانگي اگهه خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن پر حڪومت جي ڪن تي جونءِ به ڪونه ٿي سري. جڏهن ته اٽو اهڙو اسم آهي، جيڪو هر ماڻهو استعمال ڪري ٿو ۽ وڏي مقدار ۾ استعمال ڪري ٿو. پر هن وقت تائين اٽو ڪنهن کي به صحيح نموني ڪونه پيو ملي. ڪالهه به عوام احتجاج ڪيا آهن.
خبر موجب مقصودو رند ۾ اٽو اڻلڀ ٿي ويو، جنھن سبب پورھيت طبقو سخت پريشان آهي. ان حوالي سان پورھيتن امان الله رند، امداد رند، روپو جنڊاوڙو ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته مھانگائي تمام گهڻي وڌي وئي آهي. مسڪينن لاءِ اٽو اڻلڀ ٿي ويو آھي، کاڌي پيتي جون سڀ شيون مھانگيون ٿي ويون آهن، اٽي جي قيمتن ۾ وڏو اضافو ٿي ويو آهي، شھر ۾ اٽو 120 کان 130 رپيا ڪلو ملي رھيو آھي، جيڪو وڏو ظلم آهي. پورھيت ڏھاڙي 5 سئو ڪمائين ٿا، اهي ڪٿان اٽو وٺندا ۽ گھر جا ٻيا خرچ ڪڍندا، ان ڪري بکون ڪاٽي رهيا آهيون، سنڌ سرڪار جي اعلان تي به عمل ناهي ٿي سگهيو. فوڊ کاتو به سرڪاري ريٽ تي اٽي جو اسٽال لڳائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي. هنن گهر ڪئي ته سرڪاري اٽي جو اسٽال لڳائي پورهيت طبقي کي رليف فراهم ڪيو وڃي.
هي رڳو هڪ شهر جي خبر آهي پر ٻيا به ڪيترائي شهر آهن، جتي اٽو مهانگو ملي رهيو آهي. خوراڪ کاتو ۽ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته اهي سستي اٽي تائين عوام جي رسائي کي ممڪن بڻائين. ڇاڪاڻ ته اٽو مهانگو ٿيڻ کان پوءِ هر اسم مهانگو ٿي رهيو آهي. کاڌي پيتي جون شيون پڻ مهانگيون ٿي رهيون آهن. نتيجي ۾ عوام لاءِ پريشاني وڌي رهي آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سڄي سنڌ ۾ اٽي جا اگهه گهٽائي عوام کي رليف ڏنو وڃي.

لاڙڪاڻي ۾ رولو ڪتن جو آزار
ڪجهه وقت اڳ سنڌ ۾ ڪتي جا ڏاڙهڻ جي واقعن ۾ واڌ ٿي وئي هئي، تنهن کان پوءِ سنڌ حڪومت ان معاملي جو نوٽيس ورتو ۽ اهي ڪيس گهٽجي ويا هئا. ڇاڪاڻ ته سنڌ حڪومت ڪتن کي خصي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. پر هڪ ڀيرو وري ڪتن جي ڏاڙهڻ جا ڪيس سامهون اچي رهيا آهن. جنهن ڪري ماڻهن ۾ خوف پکڙي رهيو آهي. جن جن هنڌن تي اهي ڪيس ٿين ٿا، اتي مريضن کي ويڪسين به ڪونه ملي رهي آهي. جڏهن ته ويڪسين جي دستيابي هر ننڍي وڏي صحت مرڪز ۾ هجڻ لازمي آهي. پر سنڌ جي وڏن شهرن کان وٺي ننڍن شهرن ۾ اها ويڪسين ڄڻ اڻ لڀ لڳي پئي آهي. تنهنڪري جتي به ماڻهن کي ڪتا ڏاڙهين ٿا، انهن کي وقت سر علاج جون سهولتون ملڻ مشڪل ٿيو وڃن. هڪ ڀيرو وري لاڙڪاڻي ۾ ڪتن جي ڏاڙهڻ جا واقعا سامهون اچي رهيا آهن.

لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، رولو ڪتن هڪ ئي ڏينهن ۾ 16 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، جن ۾ 3 ورهين جي نجمه ڌيءَ احسان، 6 ورهين جو مبين پٽ عبدالرئوف ، 10 ورهين جو عادل غلام حيدر، 38 ورهين جو امتياز پٽ گل حسن ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي سندن وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر ويڪسين ڪرائي ڊاڪٽرن کين گهر اماڻي ڇڏيو.
اسين سمجهون ٿا ته لاڙڪاڻي ۾ رولو ڪتن کي ڪنٽرول ڪرڻ اتان جي مقامي انتظاميه جو ڪم آهي، جيڪڏهن اها ڪتن کان شهرين کي بچائڻ ۾ ناڪام پئي وڃي ته ان جو مطلب اهو آهي، اها پنهنجون ذميواريون ڪونه پئي نڀائي ۽ شهرين کي تحفظ فراهم ڪونه پئي ڪري. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ننڍن ٻارن توڙي وڏي ڄمار جي شهرين کي ڪتن کان بچائڻ لاءِ حفاظتي اپاءَ ورتا وڃن ته جيئن ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ اهڙا ڪيس ظاهر نه ٿين ۽ شهري بنا خوف جي گهمي ڦري سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button