اسلام آبادپاڪستان

ڪو به دهشتگرد گروپ برداشت نه ڪبو ۽ نه ئي ڳالهيون ٿينديون: بلاول ڀٽو

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان بابت اڳوڻي حڪومت جي پاليسي کي غلط قرار ڏيندي چيو آهي ته غلط پاليسين جي ڪري ئي عوام ڏکيائين جو عذاب ڀوڳيو آهي، ڪنهن به دهشتگرد گروپ کي برداشت نه ڪيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ بلاول چيو ته پاڪستان پر امن پاڙيسري هجڻ تي يقين رکي ٿو، خطي ۾ دهشتگردي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ افغان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪنداسين، سول، ملٽري قيادت جو اتفاق آهي ته دهشتگردي ۾ ملوث ڪنهن سان ڳالهيون نه ٿينديون، پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي بلاول چيو ته اڳوڻين حڪومتن جي غلط پاليسين سبب ئي پاڪستاني عوام ڏکيائين کي منهن ڏنو آهي، اتحادي حڪومت اچڻ بعد اهو تصور ختم ٿي ويو آهي. هن چيو ته قومي سلامتي جي تازي اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ڪنهن به دهشتگرد گروپ کي برداشت نه ڪيو ويندو، پاڪستان جي سول ۽ ملٽري قيادت فيصلو ڪيو آهي ته ملڪ جي خلاف ڪم ڪندڙن کي برداشت نه ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ٻئي دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ ٻنهي ملڪن جو عوام دهشتگردي جو شڪار آهي جنهن کي وقت سر منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي، پرامن افغانستان لا عالمي برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، جڏهن ته اسان اَفغانستان جي عبوري حڪومت تي به زور ڀريو آهي ته اهي عالمي برادري سان ڪيل واعدا پورا ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button