پاڪستانسنڌ

امپورٽ جو وڏو پريشر، ملڪ ۾ ڊالر ناڪافي آهن، ناڻي ذخيرا ايندڙ هفتي کان وڌندا:گورنر اسٽيٽ بئنڪ

اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو آهي ته امپورٽ جو دٻا ايترو آهي جنهن لا ملڪ ۾ ڊالر ناڪافي آهن، هي مسئلا ڪجهه ڏينهن اندر پيدا نه ٿيا آهن، اسان کي ڏسڻو آهي ته معيشت کي ڪهڙي ريت ٺيڪ ڪري سگهجي ٿو، ڪراچي ۾ فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز کي خطاب ڪندي اسٽيٽ بئنڪ گورنر چيو ته يو اي اي پاڪستان ۾ پنهنجا 2 ارب ڊالر ڊپازٽ رول اوور ڪري ڇڏيا آهن، هن وقت سڀ کان وڏو مسئلو بندرگاهه تي ڦاٿل 5700 ڪنٽينرن کي رليز ڪرڻ آهي، اهو مسئلو حل ڪنداسين، ايندڙ هفتي کان ڊالر ايندا ته مٽاسٽا واري ناڻي جا ذخيرا وڌڻ شروع ٿي ويندا. هن چيو ته اسان کي ڪاروبار جي سهولت ڏيڻي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري سبب اسان کي ڪجهه قدم کڻڻا پيا. هن چيو ته اسان جي امپورٽ گهٽ ٿي آهي، 33 هزار ايل سيز جا ڪيس ڪليئر ڪيا آهن، ايل سيز کي جاچڻ ۾ گهڻو وقت لڳندو آهي، رهيل ايل سيز جلد کولينداسين، بئنڪن کي چيو آهي ته خوراڪ، دوائن ۽ تيل کي ترجيح ڏني وڃي، اسان ايڪسپورٽ لاءِ امپورٽ مال کي ترجيح ڏني آهي، زرعي شعبي لاءِ امپورٽ ۾ سهولت پيدا ڪري رهيا آهيون، وڌيڪ ڊالر ايندي ئي وڌيڪ امپورٽ کي سهولت ڏيڻ جو منصوبو رٿيو آهي، ڊالر ڏسي امپورٽ جو فيصلو ڪرڻو پوندو آهي. گورنر اسٽيٽ بئنڪ چيو ته جيڪڏهن امپورٽر ڊالر جو بندوبست ڪن ٿا ته اسان کي ڪو اعتراض نه هوندو، ايڪسپورٽرز کي پنهنجي ڊالرن سان امپورٽ جو بندوبست ڪرڻ جي اجازت آهي، ايندڙ هفتي کان ملڪ ۾ ڊالر اچڻ شروع ٿيندا ته مٽاسٽا ناڻي جا ذخيرا وڌڻ شروع ٿيندا، ڪجهه مال بنا اجازت امپورٽ ٿيڻ سبب پڻ بندرگاهه تي ڦاٿل آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وياج جي شرح بابت في الحال ڪجهه نٿو چئي سگهان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button