بلوچستانپاڪستان

پاڪ-ايران بارڊر تي فورسز مٿان سرحد پار کان حملو، 4 فوجي جوان شهيد

بلوچستان جي ضلعي پنجگور ۾ پاڪ- ايران بارڊر تي سرحد پار کان دهشتگردن جي حملي سبب 4 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آ ايس پي آر مطابق پاڪ- ايران سرحد تي چوڪاب سيڪٽر ضلعي پنجگور ۾ دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي حملو ڪري چئن سپاهين کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي. دهشتگردن بارڊر ويجهو پيٽرولنگ ڪندڙ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي کي نشانو بڻائڻ لاءِ ايران جي سرزمين استعمال ڪئي. آ ايس پي آر موجب پاڪستان ايراني اختيارين سان رابطو ڪري مطالبو ڪيو آهي ته هو پنهنجي طرفان دهشتگردن خلاف تڪڙي ڪارروائي ڪري انهن جي ٺڪاڻن جو پتو لڳائين. ٻئي طرف صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي پنجگور ۾ سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي خدمتن ۽ ملڪ جي لاءِ عظيم قرباني تي انهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيد اهلڪارن جي بهادري تي انهن کي سلام پيش ڪيو. صدر پنجگور دهشتگرد حملي جي شهيدن جي پونيئرن سان همدردي جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونيئرن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button