پاڪستان

ڇا به ٿي پئي، وفاقي حڪومت اپريل ۾ عام چونڊون ڪرائڻ تي مجبور ٿي ويندي: عمران خان

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڌانڌلي واريون چونڊون احتجاج ۽ ڏڦيڙ جي شدت وڌائڻ جو سبب بڻجنديون، صاف ۽ شفاف اليڪشن لاءِ اسان پنجاب ۽ پختونخوا اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون، اڳڪٿي ڪريان ٿو ته ڀلي ڇا به ٿئي، وفاقي حڪومت اپريل ۾ عام چونڊون ڪرائڻ تي مجبور ٿي ويندي. برطانوي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته نئين آرمي چيف جنرل عاصم منير سان منهنجو ڪو تعلق يا رليشن شپ ناهي، مون کي ٻڌايو وڃي ته اڄ تائين ڪو اهڙو سياسي اڳواڻ آيو آهي جنهن پنهنجي ئي حڪومت ختم ڪري ڇڏي هجي، هاڻوڪي حڪومت قانون جي بالادستي جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا آهن، هنن پنهنجو پاڻ کي قانون کان مٿانهون بڻائي سڀ چوريون معاف ڪرائي ڇڏيون آهن، مٿن جيڪي به ڪيس هئا سي هنن جي ئي حڪومتي دورن ۾ داخل ٿيا هئا، شهباز شريف، نواز شريف، آصف زرداري ۽ مريم سڀ بچي ويا آهن، هنن جو مقصد رڳو پنهنجا ڪيس ختم ڪرائڻ آهي. تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته هاڻوڪي حڪومت چونڊن سان نه پر آڪشن ذريعي آئي آهي، شهباز شريف جي حڪومت هارس ٽريڊنگ ذريعي آئي آهي، ڪروڙين رُپين ۾ ماڻهو خريد ڪيا ويا. هن چيو ته جنرل (ر) باجوا هاڻوڪن حڪمرانن کي اسان تي مڙهڻ لاءِ سندن مدد ڪئي، هنن 1100 ارب رپين جا ڪرپشن ڪيس ختم ڪرايا، ملڪ جي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ويو، تاريخ ۾ پاڪستان جون معاشي حالتون ڪڏهن به اهڙيون ناهن رهيون جهڙيون اڄ آهن، ڪو ملڪي سيڙپڪاري يا ڪاروبار شخصيت مٿن اعتماد نٿو ڪري، پرڏيهي سيڙپڪار به اعتماد نٿا ڪن. هن چيو ته پاڪستان ڌٻڻ ۾ ٻڏندو پيو وڃي، سريلنڪا جهڙي صورتحال کان بچڻ لا صاف شفاف چونڊون ئي واحد حل آهن. پي ٽي آ سربراهه چيو ته اسان کي اِهو خطرو آهي ته جنهن نموني اسان جي معيشت ڏينهون ڏينهن ڪِري رهي آهي، ذخيرا 4 ارب ڊالرن تي اچي پهتا آهن، بندرگاهه تي 2 ارب ڊالرن جون شيون سڙي رهيون آهن پر ڪير کڻڻ لاءِ تيار ناهي، شيون مهانگيون ٿي رهيون آهن، بيروزگاري وڌي رهي آهي، فيڪٽريون بند ٿي رهيون آهن. پنجاب جي صورتحال تي هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ پنهنجو پورو زور لڳايو ته پرويز الاهي نواز ليگ جو وڏو وزير بڻجي وڃي پر پرويز الاهي اسان سان وفاداري نڀائي، هاڻي هو تحريڪ انصاف ۾ ضم ٿي اسان جي پارٽي جو حصو بڻجي ويندو. ٻئي طرف ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ عمران خان چيو ته هاڻي اهو ثابت ٿي ويو ته اليڪشن ڪميشن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۾ رنڊڪون ڇو وڌيون، او وي ايم شفافيت ۽ تڪڙا نتيجا ممڪن بڻائيندي آهي، ان سان ڌانڌلي ۽ نتيجن ۾ تبديلي جا رستا بند ٿيندا آهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي وارا ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ طاقت، بليڪ ميلنگ، پوليس ۽ پئسي جو وڏو استعمال ڪندا آهن. مڪاني چونڊن جا نتيجا ڪيترائي ڏينهن دير سان وصول ٿيا، وڏي پئماني تي گڙٻڙ جا امڪان آهن، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن، رياست ۽ پي ڊي ايم اهڙيون چونڊون چاهين ٿا ته ان سان ملڪ ۾ استحڪام نه ايندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button