ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي ته حيدرآباد ميلن جو ئي شهر ٿي ويو آهي. اهي ميلا جتي ملاکڙا نٿا ٿين پر ميلن دوران ملاکڙا به ڏسڻ لا ملن ٿا. شيخ اياز ميلي ۾ ڪيترن ئي ڪارن جا شيشا ٽوڙي ماڻهن جون قيمتي شيون چوري ڪيون ويون هيون. ان وقت پوليس جو چوڻ هيو ته اياز ميلي لا منتظمين چيو هو ته گاڏين جي پارڪنگ سنڌ ميوزم ۾ نه پر ڀر واري راڻي باغ ۾ هوندي. جنهن لا اسان پوليس به کين چيو ته پارڪنگ اتي ئي رکي وڃي. ان لا سنڌ ميوزم جي ديوار سان گڏ ڪنڊيدار تارون به لڳايون ويون هيون، جنهن تي عمل نه ڪيو ويو ۽ پارڪنگ روڊ تي ئي لڳل رهي. پوليس ميلي ۾ سيڪيورٽي دوران ڦوهه جواني ۾ پهتل نوجوانن کي ڪنٽرول ڪرڻ لا سادا ڪپڙا پهريل ماڻهو به سيڪيورٽي لا الرٽ رکيا هئا. پوليس هنن نوجوانن تي ويندڙ رات جي سرد پهر ۾ لٺ بازي به ڪئي هئي. ان وقت سيڪيورٽي کي سنڀاليندڙ اڪبر ڪٽپر ايس ايڇ او هيو. ميلي جي پڄاڻي دوران هن انسپيڪٽر کي هٽائي نئون انسپيڪٽر نظام دين شيخ کي آندو ويو هو.
هن کي مون وري جنوري جي شروعاتي ڏينهن ۾ لڳل مي رقصم صوفي ميلي ۾ ڏٺو هو. هي انسپيڪٽر ايف آ اي حيدرآباد ۾ ايس ايڇ او رهيو آهي. ان پوليس جي موجودگي باوجود 80 جي لڳ ڀڳ ننڍڙي سنڌ ميوزم ۾ نجي سيڪيورٽي ڪمپني جا گارڊ طلب ڪيا ويا هئا. هي صوفي ميلو ٻن ڏينهن تائين لڳل رهيو. جتي آيل مهمانن ۾ ڊي آ جي حيدرآباد پير محمد شاهه به شامل هو. جنهن سان گڏ پنهنجو اسڪواڊ موجود هو. هن ميلي ۾ سنڌ ميوزم اندر قائم ڪيل ويليج ۾ 5 مختلف درگاهن جا اسٽيج جوڙيا ويا ھئا، انهن اسٽيجن تي ڀٽائي سرڪار، سچل سرمست، صوفي شاھھ عنايت، قلندر ۽ سلطان باھو جي درگاھن جا پينا فليڪس لڳايا ويا. صوفي درگاهن جي نالي سان اسٽيج ٺاهي راڳ ويراڳ جون محفلون شروع ڪيون ويون هيون. جتي منتظمين هڪ غلطي اها ڪئي هئي ته سڀ اسٽيج هڪٻئي جي ڀر ۾ ٺًاهيا هئا. جتي ڪير به ماڻهو يا راڳ جو شوقين صحيح طريقي سان راڳ ٻڌي نه پئي سگهيو. ان لا پري پري اسٽيج ٺاهيا وڃن ها ته ماڻهو هن راڳ مان ضرور لطف اندوز ٿين ها. ان راڳ جي محفلن سان گڏ هڪ وڏو ٻيو اسٽيج راڳ ۽ تقريرن لا به سجايو ويو هو. هن صوفي ميلي ۾ ڪتاب جي اسٽالن کان معاوضو نه ورتو هو. پر سياحت ۽ ثقافت کاتي طرفان لڳايل ساڳئي اياز ميلي ۾ ڪتابن جي اسٽال وارن کان معاوضو ورتو ويو هو. اياز ميلي ۾ لکين روپين جا ڪتاب وڪرو ٿيا هئا. هن صوفي ميلي ۾ ڪتابن جي خريداري نه هجڻ برابر هئي. هن صوفي ميلي ۾ صوبائي وزير سردار شاهه کي افتتاح ڪرڻو هو. جيڪو 2 ڏينهن گذرڻ باوجود نه پهتو هو. صوفي ميلي جو افتتاح اوقاف کاتي جي سيڪريٽري ۽ ثقافت کاتي جي ڊي جي منور علي مھيسر، ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ ڊي آءِ جي پير محمد شاهه سان گڏجي ڪيو هو. جيتوڻيڪ پهرين ڏينهن تي صوفي ميلي ۾ ھڪ ئي ويھڪ منعقد ڪئي وئي، “عدم برداشت ۽ ان جو حل” جي عنوان هيٺ ٿيل ويھڪ جي ماڊريٽر زاهدا ابڙو هئي.
نامياري اديب مدد علي سنڌي چيو ته تصوف کي سمجهڻ جي لاءِ پنهنجي تاريخ کي ڏسڻو پوندو، سنڌ سدائين ڌارين جي حملي هيٺ رهي آهي، سنڌ خوشحال ديس هو ۽ ڪراچي کي ورھاڱي کان اڳ پيرس سڏيو ويندو هو، پر ورهاڱي کانپوءِ هتي مذهب جي نالي تي فساد ڪرايا ويا، 77ع کانپوءِ سنڌ ۾ فاشزم کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، سنڌ جي درگاهن تي بم ڦاڙيا ويا، هن وقت به چئلينج تمام گهڻا آهن، ان ڪري عدم برداشت، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي خلاف جدوجهد جاري رکڻي پوندي،
ثقافت کاتي جي ڊي جي منور علي مهيسر ڳالهائيندي چيو ته اسان پنهنجي ڪاوڙ کي ختم ڪري ٻين جي غلطين کي معاف ڪيون، ماضيءَ ۾ ملڪ اندر عدم برداشت کي وڌائڻ جي لاءِ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ڪردار ادا ڪيو، پر سنڌ اهو واحد خطو رهيو آهي جنهن ان باهه کي پاڻ کان پري رکيو. ان موقعي تي جونيئر جانڻ چن چيو ته سنڌي ماڻھو پنهنجي خيال ۽ ذات ۾ ڏاڍو ڪشادو رهيو آهي، فقير جانڻ چن هاري جي گهر ۾ جنم ورتو، پر فقير جانڻ سدائين پنڌ ۾ رهيو، هو پنهنجي مرشد جي واٽ تي هلي اڳتي وڌندو ويو. هن چيو ته اڄ جي نوجوان تصوف کي پنهنجي جي ۾ جاءِ ڏني آهي، صوفين پنهنجي ڌرتي سان سدائين پاڻ ملهايو آهي. هن چيو ته اسان جي اليٽ ڪلاس جي ماڻهو جا رويا منافقاڻا آھن، جيڪو سماج سان ناهي بيٺو، فڪر ۽ خيال بازار جو وکر ٿيندو ته ماحول خراب ٿيندو، ڳوٺاڻو نوجوان سادن معاملن مان گذري ٿو، سنڌ جي سيڪيولر روح کي شھري آبادي توڙي مذهب جي صورت ۾ قيد ڪيو ويو آهي. ٻئي ڏينهن جي ويهڪ ۾ شاهه لطيف يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر پروين منشي چيو ته ماڻهو پيدا ڇو ٿيو آهي، ان جي جواب لاءِ انسان پاڻ کي ڳوليندو آهي، نفس، روح ۽ شعور کي ڄاڻڻ وارو ئي موتي داڻو هوندو آهي،
ڊي آءِ جي پير محمد شاهه چيو ته صوفي سوچ هم آهنگي آهي، اها صرف ماڻهن نه پر قدرت سان به هم آهنگ آهي، هتي انسان مختلف فرقن ۾ ورهائجي ويو آهي. سماج ۾ سائنس ترقي نه پر گدلاڻ به ڏني آهي، هن وقت جيڪي حالتون آهن، انهن ۾ امير وڌيڪ امير ٿيندو پيو وڃي، غريب وڌيڪ غريب ٿيندو پيو وڃي.
صوفي ميلي جي افتتاح کانپوءِ ثقافت کاتي جي ڊي جي منور علي مھيسر هڪ صحافي جي پڇيل سوال تي چيو ته صوفي ميلي تي 60 لک رپيا خرچ ٿيندا، 60 لکن جي خرچ سان 62 ملين جهڙو اثر ظاهر ٿيندو، اهڙين سرگرمين تي خرچ ٿيندڙ رقم بابت ڪٿي به سوال نٿا ٿين، رڳو اسان کان ئي سوال ڪيا وڃن ٿا، پر اسان جواب ڏيڻ جا پابند آهيون، سنڌ ۾ رڳو ثقافت کاتو ئي زندهه آهي، ڀلي چوڌاري نظر ڦيرائي ڏسو، ثقافت کاتي جو ڪم روڊ، ناليون ٺهرائڻ ۽ ٽاور لڳرائڻ نه آهي. هن سوال ڏيڻ وقت ئي پري بيٺل ڪنهن ڪاموري کي اک ڀڃي “سڀ ٺيڪ ويو” جو اشارو به ڏنو هو. هن ٻن ميلن کان پو وري ادبي ميلو مٿان سجي اچي رهيو آهي. ثقافت کاتي اڳ ۾ هن ادبي ميلي کي فنڊ نه پئي ڏنا ته اهو فيسٽيول عبدالله بلڊر جي هائوسنگ اسڪيم تي لڳايو ويو هو. انڪري هاڻ خبر ناهي ته اهو فيسٽيول ڪٿي لڳندو. هنن ميلن سان گڏ سائنسي ۽ نظرين سان ڀرپور ميلا لڳائڻ تي پڻ نوجوان سوشل ميڊيا ۽ ٻي سماجي سائيٽ تي مطالبو ڪري رهيا آهن. اڳ ۾ صوفين سان شام جو رواج به پيو هو. اهي ميلا ختم ٿيا ته وري هي ميلا شروع ٿيا آهن. ميلن جي سرگرمي سٺو عمل به آهي پر انهن ميلن تي ايندڙ خرچن تي پڇا ڪرڻ تي منتظمين کي ناراض به نه ٿيڻ گهرجي.
مونکي ياد آهي ته هڪ ليٽريچر فيسٽيول ۾ صوبائي وزير سردار شاهه چيو هو ته ادبي ميلا لڳائڻ سٺو عمل آهي پر اسان کي هنن سرگرمين کي ڊاڪومينٽ ڪرڻ گهرجي. 4 ميلا لڳا آهن ته پو پوئين ميلي تي نظر ثاني ڪرڻ گهرجي ته ميلن مان نوجوانن ڪيترو پرايو آهي يا سندن سوچ تي فرق پيو آهي، جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه نه ٿي رهيو آهي ته پو ميلا لڳائڻ جو ڪوبه فائدو ۽ افاديت نه آهي.