ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پنهنجي سڃاڻپ جي ڳولا هڪ خطرناڪ سوال

Editorial-Article- Yuval Noah Harari

سمورا انسان پاڻ کان پڇن ٿا ته اهي ڪير آهن، اهي ڪٿان آيا ۽ انهن جي سڃاڻپ ڪهڙي آهي؟ سڃاڻپ لاءِ اها جستجو اهم ۽ دلچسپ آهي، پر اهو خطرناڪ به ثابت ٿي سگهي ٿو. پنهنجي پاڻ بابت هڪ واضح سڃاڻپ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ۾، شايد مون کي پاڻ کي دنيا کان لاتعلق ٿيڻو پوي. مان شايد اهو نتيجو ڪڍي سگهان ٿو ته منهنجي سڃاڻپ ماڻهن جي هڪ گروهه سان واسطو رکي ٿي، مون کي انهن حصن زور ڀرايو آهي جيڪي مون کي هڪ خاص چونڊيل گروهه سان ڳنڍيندا آهن ۽ منهنجي ٻين سڀني حصن کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن.
پر ماڻهو ناقابل يقين حد تائين پيچيده مخلوق آهن. جيڪڏهن اسان پنهنجي سڃاڻپ جي فقط هڪ حصي تي ڌيان ڏيون ٿا ۽ تصور ڪريون ٿا ته اهو اڪيلو معاملو آهي، اسان سمجهي نه سگهنداسين ته اسان واقعي ڪير آهيون. مثال طور، مون لاءِ هڪ يهودي جي حيثيت ۾ اهو واضح آهي ته يهودي تاريخ ۽ يهودي ثقافت منهنجي سڃاڻپ لاءِ بيحد اهم آهن. پر اهو سمجهڻ لاءِ ته مان ڪير آهيان، يهودي هُئڻ جي ڪهاڻيءَ کان اُها حقيقت ڪافي مختلف آهي. مان ڪيترن ئي ٽُڪرن مان ٺهيل آهيان، جيڪي سڄي دنيا مان آيا آهن.
مون کي فٽبال پسند آهي، جيڪا راند مون انگريزن کان سکي آهي. هنن هن راند کي ايجاد ڪيو. تنهنڪري جڏهن آئون گول ۾ هڪ بال کي لت هڻان ٿو ته مان ٿورڙو برطانوي آهيان. مون کي صبح جو ڪافي پيئڻ پسند آهي، جنهن لاءِ آئون ايٿوپين جو شڪرگذار آهيان، جن ڪافي دريافت ڪئي ۽ عربن ۽ ترڪن جو شڪرگذار آهيان، جن ان مشروب کي پري پري تائين پهچايو. مان پنهنجي ڪافيءَ کي هڪ کنڊ جي چمچي سان مٺو ڪرڻ پسند ڪريان ٿو، تنهنڪري مان پاپوانن جو شڪرگذار آهيان، جن گهٽ ۾ گهٽ 8000 سال اڳ نيوگني ۾ ڪمند جو فصل ڪاهيو هو. ڪڏهن ڪڏهن مان پنهنجي ڪافيءَ کي چاڪليٽ جي هڪ ٽڪري سان ذائقو مٽائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو، جيڪا مون کي وچ آمريڪا ۽ امازونيا جي اڀرندڙ وڏن ٻيلن مان ايندي هئي، جتي اصلي آمريڪن ڪوڪو ڀاڄيون ٺاهڻ شروع ڪيون هيون. شايد 5000 سال اڳ جي ڳالهه چئي سگهجي ٿي.
ڪجهه يهودين کي فٽبال پسند ڪونهي، ڪافي نه پيئندا آهن ۽ کنڊ سان گڏ چاڪليٽ واپرائڻ کان پرهيز ڪندا آهن. پر اهي اڃا تائين پرڏيهين جا گهڻا قرضي آهن، انهن وٽ گهڻو ڪجهه ڌاريو آهي. عبراني، يهوديزم جي مقدس ٻولي آهي، ان جا ڪيترائي لفظ، محاورا ۽ بنيادي ڍانچو ٻين ٻولين جهڙوڪ فونيشين، اڪيڊين، يوناني، عربي ۽ سڀ کان اهم آرامي کان ورتا آهن. پراڻي عهدنامي جا سمورا حصا عبراني بدران آرامي ٻوليءَ ۾ لکيل آهن، جيئن مشنا، تلمود ۽ ٻين اهم يهودي متن جا وڏا حصا شامل آهن. آڳاٽي آرامي يهوديت جواه بدرانِ ديوتا حداد جي پوڄا ڪندا هئا ۽ ڪيترن ئي يهودي بادشاهن کي ماريندا هئا، پر عبراني ٻولي ۽ يهودي ڪلچر جو تصور آرامين جي سهڪار کانسواءِ انهن وٽ ٿي ئي نٿو سگهي. ڪٽر يهودين دنيا کي ڪدش عبادتن جي آرامي آواز ڏانهن روانو ڪيو. اٽڪل 2500 سال اڳ، يهودين پنهنجي عبراني رسم الخط کي به ڇڏي ڏنو ۽ اڄ تائين توريت، تلمود ۽ سندن روزاني اخبارون آرامي لپيءَ ۾ لکجن ٿيون.
جيتري قدر لکڻ جي خيال جو تعلق آهي ته اهو آرمائي ماڻهن جو نه، پر قديم سُميرين جو حصو آهي. ڌرتيءَ تي پهرين يهودي جي رهڻ کان هزارين سال اڳ، ڪجهه سميري جن هڪ شروعات ڪئي هئي، مٽيءَ جي ٽڪرن تي لٺ جو استعمال ڪري نشان لڳائي ڪجهه نشانيون دريافت ڪيون. انهن نشانين لاءِ هڪ ڪوڊ ايجاد ڪيو ۽ لکڻ جي ٽيڪنالاجي ٺاهي، جنهن نيٺ اسان کي ڪتاب، اخبارون ۽ ويب سائيٽون ڏنيون. نه رڳو ان جي ٻولي ۽ لکڻ جو نظام، پر بنيادي مذهبي يهوديزم جا عقيده به ٻاهران آيا. ذاتي طور اهو ايمان آهي ته بعد جي زندگي ٻين عقيدن کان يهوديت ۾ داخل ٿي، خاص طور تي افلاطون جي يوناني فلسفي ۽ زرتشتي مذهب جي فارسي مذهب مان.
کاڌي کان وٺي فلسفي تائين، طب کان وٺي فن تائين، سڀ کان وڌيڪ شيون جيڪي اسان کي زنده رکن ٿيون ۽ جيڪي زندگيءَ کي قيمتي بڻائين ٿيون، اهي شيون آهن، جيڪي منهنجي خاص قوم جي فردن نه پر سڄي دنيا جي ماڻهن ايجاد ڪيون آهن. اھو سچ رڳو يھودين لاءِ نه پر سڀني جي باري ۾ ساڳيو آهي.
هڪ ڀيري ڪنهن ماڻهو جيڪو آفريڪي ثقافتن کي گهٽ ڏيکارڻ چاهيندو هو، طنزيه انداز ۾ پڇيائين، “زولس جو ٽالسٽاءِ ڪير آهي؟” اهو ماڻهو يقين ڪرڻ لڳي ٿو ته ڪنهن به آفريڪي ماڻهوءَ جي ثقافت، يا ته زولوس يا ڪنهن ٻئي جي تخليق ڪيل ادبي ڪم ٽالسٽاءِ جي “جنگ ۽ امن” يا “انا ڪرينينا” جي ڀيٽ ۾ اپنايل آهي. ايلف وائلي آفريڪي-آمريڪي صحافي، هن سوال کي ساهي پٽِي هن للڪار کي قبول ڪري جواب ڏنو. وائلي زولو ليکڪن جي فهرست نه ڏني هئي. جهڙوڪ بينيڊڪٽ والٽ ولاڪازي، ميزسي ڪنني، يا جان لانگليبيلي ڊيوب، نه ئي هن وڌيڪ زور ڀريو ته آفريڪي ليکڪَ جهڙوڪ چنوا اچيبي، چيمامانڊا نگوزي اڊيچي، يا گگي واٿنگيو اوترا ئي سٺا آهن، جيترا اولهه جا ليکڪ. ولي مڪمل طور تي هن فرقيوار ڄار کي نظرانداز ڪيو. ان بدران، هن پنهنجي ڪتاب Dark‏ ‏Witness ۾ لکيو آهي ته “ٽالسٽاءِ زولوس جو ٽالسٽاءِ آهي- جيستائين توهان انسانيت جي عالمگير ملڪيتن کي خاص قبائلي ملڪيت ۾ بند ڪرڻ ۾ ڪو فائدو نه ڳوليو.”
تعصب پرست نسل پرستن جي نظرين جي ابتڙ ۽ گڏوگڏ ماڻهن پاران “ثقافتي تخصيص” جي مذمت کي انتها تي وٺن ٿا، ٽالسٽاءِ روسين جي خاص ملڪيت ناهي. ٽالسٽاءِ سڀني انسانن سان تعلق رکي ٿو. ٽالسٽاءِ پاڻ پرڏيهين جي خيالن کان تمام گهڻو متاثر هو، جهڙوڪ فرانسيسي وڪٽر هيوگو ۽ جرمن ليکڪ شوپنهار، جنهن ۾ يسوع ۽ مهاتما ٻڌ جو ذڪر نه ڪيو ويو. ٽالسٽاءِ انهن احساسن، سوالن ۽ ساڃاهه جي ڳالهه ڪري ٿو، جيڪي ڊربن ۽ جوهانسبرگ واسين لاءِ ماسڪو ۽ سينٽ پيٽرسبرگ جي ماڻهن کان گهٽ ناهن.
ٻه هزار سال اڳ آفريڪي-رومن ڊراما نگار ٽرينس، هڪ آزاد ٿيل غلام ۾، ساڳئي اهم خيال جو اظهار ڪيو. جڏهن هن چيو ته، “مان انسان آهيان ۽ ڪو به انسان منهنجي لاءِ غير ناهي.” هر انفرادي انسان سڄي انساني تخليق جو وارث آهي. جيڪي ماڻهو پنهنجي سڃاڻپ کي، هڪ الڳ دنيا کي هڪ واحد قوم جي ڪهاڻي تائين محدود ڪري تلاشي رهيا آهن، اهي پنهنجي انسانيت کان منهن موڙي رهيا آهن. اھي گهٽ قدر ڪندا آھن، جيڪي اھي ٻين سڀني ماڻھن سان حصيداري ڪندا آھن يا گڏجي ويندا آهن ۽ اھي تمام گھڻيون شيون گھٽائي ڇڏيندا آھن. گذريل ڪجھه هزارن سالن ۾ انسانن جون سڀ ايجادون ۽ خيال فقط ان ڳالهه جو مٿانهون تهه آهن ته اسان ڪير آهيون. هن تهه جي هيٺان، اسان جي جسمن ۽ ذهنن جي گهرائيءَ ۾، ڪنهن انساني وجود کان گهڻو اڳ، اسان ۾ اهي شيون موجود آهن، جيڪي لکين سالن کان ترقي يافته آهن، اهو گهرو اسرار پاڻ کي هر شيءِِ ۾ ظاهر ڪري ٿو جيڪو مون محسوس ڪيو ۽ سوچيو. مان ڪير آهيان، ان کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته ان اسرار کي کولجي ۽ ان کي ڳولهڻ بدران اهو قصو معلوم ڪرڻ گهرجي ته مان ڪيئن آهيان يا جن ماڻهن جي هڪ قبيلي سان واسطو رکان ٿو، ڪنهن درياهه جي ويجهو ڪجهه ٽڪرين تي جيڪو ڪجهه هزار سال زندهه رهيا.
مثال طور، اسان جي شادين جي رسمن تي غور ڪريو. اسان کي ڇا محسوس ٿئي ٿو. جڏهن اسان ڪنهن کي ڏسون ٿا، اهو اسان کي پرڪشش نظر اچي ٿو، جڏهن اسان پهريون ڀيرو هڪٻئي جا هٿ پڪڙيون ٿا، جڏهن اسان پهرين چمي ڏيون ٿا. جذباتي طوفان، اميدن ۽ خوفن، پيٽ ۾ پوپٽ، وڌندڙ جسم جي گرمي، تيز ساهن جي باري ۾ سوچيو. اهي سڀ شيون ڪهڙيون آهن، جن تي ليکڪ بيحد گهڻو ڌيان ڏين ٿا ۽ ڳائڻ وارا ڪڏهن به ڳائڻ کان نه ٿڪبا آهن؟
اهي شيون يهودين، آرامي، روسي، يا زولوس طرفان ايجاد نه ڪيون ويون آهن. اهي شيون ڪنهن به انسان طرفان ايجاد نه ڪيون ويون آهن. ارتقائي عمل انهن کي لکين سالن کان پوءِ اها شڪل ڏني ۽ اسان انهن کي نه رڳو ٻين سڀني انسانن سان، پر چمپينزي، ڊولفن، رڇ ۽ ٻين ڪيترن ئي جانورن سان پڻ حصيداري ڪندا آهيون. مذهبي رسمون جهڙوڪ يهودي بار متزوا يا ڪرسچن يوڪريسٽ سڀ کان وڌيڪ 2000 سال پراڻا آهن ۽ اهي هاڻوڪي نسل کي لڳ ڀڳ 100 پوئين نسلن سان ڳنڍين ٿا. ان جي ابتڙ، کير پياريندڙ جانورن جي رومانس جون رسمون لکين ڪروڙين سال پراڻيون آهن ۽ اهي اسان کي لکن اڳين جانورن جي نسلن ۽ ان کان اڳي کير پياريندڙن جي ابن ڏاڏن سان به ڳنڍين ٿيون.
جيڪڏهن مان پنهنجي سڃاڻپ کي تنگ ڪرڻ تي اصرار ڪريان ٿو ته منهنجو تعلق هڪ خاص انساني گروهه سان آهي ته پوءِ آئون انهن سڀني ڳالهين کي نظرانداز ڪريان ٿو. مان پنهنجي سڃاڻپ جو هڪ حصو ٺاهيان ٿو جنهن ۾ فٽبال ۽ چاڪليٽ تائين، آرامي ۽ ٽالسٽاءِ تائين ۽ ايتري قدر رومانس شامل آهي. باقي بچيل هڪ تنگ قبائلي ڪهاڻي آهي، جيڪا سڃاڻپ جي سياست جي ويڙهه ۾ هڪ تيز هٿيار طور ڪم ڪري سگهي ٿي، جيستائين مان انهيءَ تنگ ڪهاڻيءَ تي قائم رهندس، تيستائين مان پنهنجي باري ۾ سچائي نه ڄاڻيندس.
)مضمون جو ترجمو ليکڪ جي فيسبڪ پيج تان ڪيل آهي(
سنڌيڪار: جاويد پنهور

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button