ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٻڏندڙ معيشت ۽ امپورٽ تي زور

Editorial

پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ ڪئين مسئلا اهڙا آهن، جيڪي ٿوري ڌيان سان حل ٿي سگهن ٿا پر هر حڪومت انهن مسئلن کي اينگهائيندي رهندي آهي. هن وقت ملڪ ڪيترن ئي مسئلن ۾ گهيريل آهي. هڪ پاسي معيشت جو ڏيوالو نڪتو پيو آهي، ٻئي پاسي امپورٽ تي زور آهي. اهڙي ريت ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي به عوام لاءِ پريشانيون کڻي آئي آهي. مٿان آءِ ايم ايف جيڪي شرطون رکيون آهن، انهن کي لاڳو ڪيو ويو ته عوام جي کيسي تي مالي بار وڌي ويندو ۽ ان لاءِ گذارو ڪرڻ به ڏکيو ٿي ويندو. جڏهن کان پي ڊي ايم جي حڪومت آئي ان وقت کان وٺي معاشي بحران سخت ٿي ويو آهي. اهو بحران ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي ۽ حڪومت ٻاهرين امداد جي محتاج لڳي پئي آهي. پر ڇا اهي مسئلا واقعي به اهڙا آهن، جيڪي حل نٿا ٿي سگهن. تازو اسٽيٽ بئنڪ چيو آهي ته ملڪ ۾ امپورٽ جو دٻاءُ وڌي رهيو آهي.
اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو آهي ته امپورٽ جو دٻا ايترو آهي جنهن لا ملڪ ۾ ڊالر ناڪافي آهن، هي مسئلا ڪجهه ڏينهن اندر پيدا نه ٿيا آهن، اسان کي ڏسڻو آهي ته معيشت کي ڪهڙي ريت ٺيڪ ڪري سگهجي ٿو، ڪراچيءَ ۾ فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز کي خطاب ڪندي اسٽيٽ بئنڪ گورنر چيو ته يو اي اي پاڪستان ۾ پنهنجا 2 ارب ڊالر ڊپازٽ رول اوور ڪري ڇڏيا آهن، هن وقت سڀ کان وڏو مسئلو بندرگاهه تي ڦاٿل 5700 ڪنٽينرن کي رليز ڪرڻ آهي، اهو مسئلو حل ڪنداسين، ايندڙ هفتي کان ڊالر ايندا ته مٽاسٽا واري ناڻي جا ذخيرا وڌڻ شروع ٿي ويندا. هن چيو ته اسان کي ڪاروبار جي سهولت ڏيڻي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري سبب اسان کي ڪجهه قدم کڻڻا پيا. هن چيو ته اسان جي امپورٽ گهٽ ٿي آهي، 33 هزار ايل سيز جا ڪيس ڪليئر ڪيا آهن، ايل سيز کي جاچڻ ۾ گهڻو وقت لڳندو آهي، رهيل ايل سيز جلد کولينداسين، بئنڪن کي چيو آهي ته خوراڪ، دوائن ۽ تيل کي ترجيح ڏني وڃي، اسان ايڪسپورٽ لاءِ امپورٽ مال کي ترجيح ڏني آهي، زرعي شعبي لاءِ امپورٽ ۾ سهولت پيدا ڪري رهيا آهيون، وڌيڪ ڊالر ايندي ئي وڌيڪ امپورٽ کي سهولت ڏيڻ جو منصوبو رٿيو آهي، ڊالر ڏسي امپورٽ جو فيصلو ڪرڻو پوندو آهي. گورنر اسٽيٽ بئنڪ چيو ته جيڪڏهن امپورٽر ڊالر جو بندوبست ڪن ٿا ته اسان کي ڪو اعتراض نه هوندو، ايڪسپورٽرز کي پنهنجي ڊالرن سان امپورٽ جو بندوبست ڪرڻ جي اجازت آهي، ايندڙ هفتي کان ملڪ ۾ ڊالر اچڻ شروع ٿيندا ته مٽاسٽا ناڻي جا ذخيرا وڌڻ شروع ٿيندا، ڪجهه مال بنا اجازت امپورٽ ٿيڻ سبب پڻ بندرگاهه تي ڦاٿل آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وياج جي شرح بابت في الحال ڪجهه نٿو چئي سگهان.
ملڪ کي ڪهڙي ريت هلائي سگهجي ٿو ۽ ڪهڙي ريت ان جي معيشت کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو، ان ۾ جدت آڻي سگهجي ٿي، ان لاءِ ڪئين ماڊل موجود آهن پر ڇا هي ملڪ انهن ماڊلز کي اپنائڻ لاءِ تيار آهي. دنيا جا ڪئين ملڪ هن وقت جديد معيشت کي ڀليڪار ڪري رهيا آهن. سعودي عرب ان جو اهم مثال آهي. هاڻ ته سعودي عرب به اکيون ڦيري ڇڏيون آهن ۽ اهو پاڪستان کي قرض بنا شرطن جي ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي. پاڪستان کي پنهنجي پرڏيهي پاليسيءَ تي نظر ثاني ڪرڻي پوندي، ايران کان گئس ۽ روس کان تيل وٺڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون ته جيئن عوام لاءِ پريشانيون نه وڌن. جيڪڏهن ڪابه پرڏيهي پاليسي عوام دوست ناهي ته پوءِ ڪهڙي ريت ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو. ڪهڙي ريت ملڪ جي معيشت کي بهتر ڪري سگهجي ٿو. تنهنڪري جيڪي به معاملا آهن، انهن کي ٺيڪ ڪرڻ جو هي وقت آهي. ڇاڪاڻ ته هن نظام وسيلي ملڪ کي هلائڻ مشڪل آهي ۽ ان کان وڏي معاشي بحران کان به بچي نٿو سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button