پاڪستان

اليڪشن کان نه پهرين ڪڏهن ڀڳا هئاسين، نه هاڻي ڀڄي رهيا آهيون: شهباز شريف

وزيراعظم ۽ نواز ليگ جي مرڪزي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته اليڪشن کان نه اڳ ڀڳا هئاسين نه هاڻي ڀڄي رهيا آهيون، ن ليگ پهريان به عوامي خدمت جي ذريعي ئي اقتدار ۾ آئي هئي ۽ هاڻي پهرين کان وڌيڪ طاقت سان اقتدار ۾ ايندي، پاڻ کي عوام جي خدمت لاءِ ارپيندڙ ئي حقيقي عوامي ليڊر سڏرائين ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن سرگوڌا جي وفاقي پارليماني سيڪريٽري چوڌري حامد حميد سان ملاقات ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته سرگوڌا مسلم ليگ (ن) جو ڳڙهه آهي، جنهن هميشه اسان جي اميدوارن کي ڪامياب ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي، ايندڙ چونڊن ۾ شاهينن جو شهر سرگوڌا مسلم ليگ (ن) جو قلعو ثابت ٿيندو ۽ سرگوڌا جي تعمير ۽ ترقي لاءِ جيڪو به ٿي سگهيو ڪندس. هن چيو ته سرگوڌا جو چوڌري محمد حميد ۽ ٻين اسيمبلي ميمبرن جون سرگوڌا لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن ۽ انهن پاران جيڪي به اسڪيمون آيون آهن اهي فوري طور تي منظور ڪري سرگوڌا جي تعمير ۽ ترقي لاءِ موجوده اقتدار ۾ جيڪو ڪجهه ٿي سگهيو اهو ڪندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button