پاڪستانعالمي

پاڪستان کي امداد کپي ته معاشي سڌارا آڻڻا پوندا:سعودي عرب

پاڪستان کي سعودي عرب کان امداد واري رقم ملڻ ۾ دير جو سبب سامهون اچي ويو، سعودي حڪومت گرانٽ، ڊپازٽ ۽ سيڙپڪاري کي معاشي سڌارن سان مشروط ڪري ڇڏيو، سعودي ناڻي واري وزير چيو آهي ته پهرين اسان ڪنهن به شرط کانسوا پئسا ڏئي ڇڏيندا هئا پر هاڻي ايئن نه ٿيندو، سعودي عرب پنهنجي ماڻهن کان ٽيڪس وٺي ٿو، تنهنڪري جيڪي اسان کان امداد وٺن ٿا، انهن کي به ائين ڪرڻو پوندو ۽ پاڪستان سميت ٻين ملڪن کي ٽيڪس نظام ۾ سڌارا آڻڻا پوندا. سعودي ناڻي واري وزير محمد الجدعان ڊيووس ۾ هلندڙ ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ ڳالهائيندي چيو ته سعودي عرب پنهنجي پاليسي تبديل ڪندي آئينده ڪنهن به ملڪ کي غير مشروط پرڏيهي امداد نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسان پرڏيهي ملڪن کي امداد ڏيڻ جو طريقيڪار تبديل ڪري رهيا آهيون، سعودي عرب هاڻ غير مشروط پرڏيهي امداد نه ڏيندو. هن چيو ته اسان مختلف ادارن سان ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ سڌارا ڏسڻ چاهيون ٿا، اسان پنهنجن ماڻهن تي به ٽيڪس لڳائي رهيا آهيون ۽ ٻين مان به اها ئي اميد رکون ٿا، اسان مدد ڪرڻ چاهيون ٿا ته پر اهو به چاهيون ٿا پر ٻين کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. محمد الجدعان چيو ته سعودي عرب غير مشروط امداد جو طريقو تبديل ڪري رهيو آهي، پاڪستان، ترڪيا ۽ مصر جي مدد جاري رهندي پر انهن ملڪن کي به گهرجي ته معاشي سڌارا آڻين. هن چيو ته پاڪستان ۾ 10 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جي رٿابندي آهي، پاڪستان کي ڏنل ڊپازٽ جو مدو وڌائي چڪا آهيون ۽ ٻيون سهولتون ڏئي رهيا آهيون، پاڪستان کي به موٽ ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوندو. پنهنجي معيشت وڌائڻ سان گڏوگڏ عالمي معيشت جي مدد تي به ڪم ڪري رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته پهرين اسان سڌي سنئين گرانٽ ۽ ڊپازٽ ڏيندا هئاسين جنهن ۾ هاڻي تبديلي آڻي رهيا آهيون، اسان خطي لاءِ رول ماڊل بڻجڻ چاهيون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button