
بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا نرگس فخري سوئٽرزلينڊ پهچي برفباري جو مزو ورتو آهي ۽ مداحن کي تصويرن ذريعي سيرا ڪرائي ورتو آهي. ميڊيا مطابق برگس فخري سوئٽرزلينڊ ۾ هن وقت هڪ اهڙي هوٽل ۾ ترسيل آهي، جتي اها هر وقت برف سان کيڏندي ۽ سير سپاٽو ڪندي نظر اچي ٿي. جڏهن تھ هن خوبصورت منظرن واري برف سان ڍڪيل جڳيهون پڻ مداحن سان شيئر ڪيون آهن. هن ڪيپشن ۾ لکيو تھ برفباري ڏسڻ جي خواهش ٿي، تنهنڪري سوئٽرزلينڊ هلي آيس.