شوبز

بروڪ شيلڊ سان ماضي ۾ جنسي زيادتي ٿيڻ جو انڪشاف

آمريڪا جي ماضي جي سپر ماڊل ۽ مشهور اداڪارا بروڪ شيلڊ انڪشاف ڪيو آهي تھ ماضي ۾ کيس جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو هو. ميڊيا مطابق سوڊانس فلم فيسٽيول ۾ پيش ڪيل ڊاڪيومينٽري پريٽي بيبي ۾ بروڪ شيلڊ ٻڌايو تھ مون هن واقعي تي اڳ ڪڏهن بھ عوامي سطح تي ناهي ڳالهايو، ڇوتھ هن واقعي ذهني طور مفلوج بڻائي ڇڏيو هو. هن جو چوڻ هو تھ فلم ۾ ڪاسٽ ڪندڙ ماڻهو هوٽل ۾ گهرائي زيادتي جو نشانو بڻايو. هن چيو تھ خوف سبب مان پنڊ پهڻ ٿي ويس، سوچيم پئي تھ مزاحمت ڪئي تھ ماري وينديس، بعد ۾ هوٽل مان ٻاهر نڪري مون دوستن کي فون ڪري گهرايو ۽ سيڪيورٽي پڻ گهري، ڇوتھ مون تي خوف جو حملو ٿي ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button