دنيا ۾ معاشي سڌارن جو عمل جاري آهي. ڪئين ملڪ معيشت جي جديد ماڊل کي عمل ۾ آڻي، پنهنجا معاشي معاملا نه رڳو حل ڪري رهيا آهن پر پنهنجي عوام لاءِ نواڻ ۽ سهولتون پيدا ڪري رهيا آهن. جڏهن ملڪ جو عام ماڻهو سکيو ٿيندو آهي ته اهو ڪيترن ئي ذهني ۽ معاشي مونجهارن کان آجو ٿي ويندو آهي. اسان جي سامهون بنگلاديش هڪ اهم مثال آهي. ڪهڙي ريت اتان جي حڪمرانن پنهنجي ملڪ کي هر شعبي ۾ ترقي وٺرائي آهي ۽ هاڻ بنگلاديش جي معيشت دنيا جي بهترين معيشتن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي رهي آهي.
هڪ اندازي موجب پاڪستان جي معيشت جو حجم 264 ارب ڊالر آهي. تنهنڪري پاڪستان دنيا جي 40هين وڏي معيشت آهي. بنگلاديش جي في ڪس آمدني 2064 ڊالر آهي، جڏهن ته پاڪستان جي 1271 ڊالر آهي. پاڪستان جا ناڻي واڌ ذخيرا 20 ڏهائي 8 ارب ڊالر آهن. جڏهن ته بنگلاديش جا 42 ارب ڊالر آهن. اهي انگ اکر گذريل سال جا آهن. جڏهن ته هاڻوڪي صورتحال ۾ پاڪستان جي معاشي حالت بنهه خراب آهي. خزاني واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ته دعويٰ ڪري ٿو ته پاڪستان جي خزاني ۾ 10 ارب ڊالر پيل آهن پر معاشي انگ اکر ڪجهه ٻي ڪهاڻي ٻڌائي رهيا آهن. آخر بنگلاديش پنهنجو پاڻ کي ايترو سگهارو ۽ ماڊرن ملڪ ثابت ڪرڻ ۾ ڪيئن ڪامياب ويو آهي. ان وٽ اهڙو ڪهڙو جادو آهي جو هاڻوڪي معاشي ڀونچال ۾ به بنگلاديش هر حوالي سان سکيو ستابو ملڪ لڳو پيو آهي ۽ ڏينهون ڏينهن ترقيءَ جو منزلون طئي ڪري رهيو آهي.
هڪ ته بنگلاديش وڏي انگ ۾ فوج کي نٿو پالي. ٻيو ان وٽ آئين جي بالادستي آهي ۽ ٽيون اتي مذهب جي نالي تي سياست نٿي ٿئي. مذهب جي نالي ۾ ڪا به وڏي لوڌ بنگلاديش قبولڻ لاءِ تيار ڪونهي. ٻاهرين قرض تي ڀاڙڻ بدران بنگلاديش پنهنجي برآمد کي وڌائڻ تي زور ڏئي رهيو آهي. ان عورتن جي تعليم تي گهڻو ڌيان ڏنو آهي. ان کان سواءِ عورتن تي روزگار جا در کولي ڇڏيا آهن. جنهن ڪري نه رڳو بنگلاديش جون معاشي حالتون بهتر ٿيون آهن پر اتان جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻيءَ ۾ به وڏو فرق آيو آهي.
پاڪستان ۾ ڪا قدرتي آفت هجي يا نه هجي پر هي ملڪ سدائين قرضن تي ڀاڙيندو رهيو آهي. قرضن مٿان قرض کڻي پنهنجي معيشت کي سڌارڻ جي چڪر ۾ هي ملڪ ايترو ته قرضن هيٺ دٻجي ويو آهي جو بجليءَ جون قيمتون به آءِ ايم ايف طئي ڪري ٿو. گئس جا اگهه به آءِ ايم ايف جي چوڻ تي وڌايا وڃن ٿا. انهن اگهن جي وڌڻ سان سڌي ريت بار عام ماڻهو تي پوي ٿو. گذريل سال جڏهن ملڪ ۾ ٻوڏ آئي ته هاڻوڪي حڪومت امداد لاءِ عالمي ادارن ڏانهن نهارڻ شروع ڪيو هو. امداد ملي به وئي پر اڃا تائين به حڪومت وڌيڪ امداد جو آسرو ڪري رهي آهي. جنهن لاءِ جنيوا ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو ويو آهي ته ملڪ، مختلف مالياتي ادارا ۽ سماجي تنظيمون پاڪستان کي امداد ڏينديون ته جيئن ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪري سگهجي. پر سوال اهو آهي ته هڪ ملڪ ڪيتري وقت تائين امداد تي هلي سگهي ٿو ۽ ٻيا ملڪ ڪيتري وقت تائين پاڪستان کي امداد ڏئي سگهن ٿا.
سعودي عرب پاڪستان کي گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان امداد جي مد ۾ اربين ڊالر ڏيندو رهيو آهي. پر هاڻ ان ملڪ به شرط لاڳو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. سعودي عرب حڪومت جو چوڻ آهي ته هاڻ ڪنهن به ريت غير مشروط طور امداد فراهم نه ڪئي ويندي. ڇاڪاڻ ته سعودي حڪومت پنهنجي عوام کان ٽيڪس وٺي ٿي. تنهنڪري پاڪستان کي به معاشي سڌارا ڪرڻا پوندا.
ان حوالي سان تازي صورتحال سامهون آئي آهي. جنهن ۾ سعودي حڪومت پنهنجو موقف پيش ڪيو آهي. پاڪستان کي سعودي عرب کان امداد واري رقم ملڻ ۾ دير جو سبب سامهون اچي ويو آهي. سعودي حڪومت گرانٽ، ڊپازٽ ۽ سيڙپڪاريءَ کي معاشي سڌارن سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي. سعودي ناڻي واري وزير چيو آهي ته پهرين اسان ڪنهن به شرط کان سوا پئسا ڏئي ڇڏيندا هئاسين پر هاڻي ائين نه ٿيندو. سعودي عرب پنهنجي ماڻهن کان ٽيڪس وٺي ٿو، تنهنڪري جيڪي اسان کان امداد وٺن ٿا، انهن کي به ائين ڪرڻو پوندو ۽ پاڪستان سميت ٻين ملڪن کي ٽيڪس نظام ۾ سڌارا آڻڻا پوندا. سعودي ناڻي واري وزير محمد الجدعان ڊيووس ۾ هلندڙ ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ ڳالهائيندي چيو ته سعودي عرب پنهنجي پاليسي تبديل ڪندي آئينده ڪنهن به ملڪ کي غير مشروط پرڏيهي امداد نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسان پرڏيهي ملڪن کي امداد ڏيڻ جو طريقيڪار تبديل ڪري رهيا آهيون. سعودي عرب هاڻ غير مشروط پرڏيهي امداد نه ڏيندو. هن چيو ته اسان مختلف ادارن سان ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ سڌارا ڏسڻ چاهيون ٿا، اسان پنهنجن ماڻهن تي به ٽيڪس لڳائي رهيا آهيون ۽ ٻين مان به اها ئي اميد رکون ٿا، اسان مدد ڪرڻ چاهيون ٿا ته پر اهو به چاهيون ٿا پر ٻين کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. محمد الجدعان چيو ته سعودي عرب غير مشروط امداد جو طريقو تبديل ڪري رهيو آهي. پاڪستان، ترڪيا ۽ مصر جي مدد جاري رهندي پر انهن ملڪن کي به گهرجي ته معاشي سڌارا آڻين. هن چيو ته پاڪستان ۾ 10 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاريءَ جي رٿابندي آهي، پاڪستان کي ڏنل ڊپازٽ جو مدو وڌائي چڪا آهيون ۽ ٻيون سهولتون ڏئي رهيا آهيون، پاڪستان کي به موٽ ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوندو. پنهنجي معيشت وڌائڻ سان گڏوگڏ عالمي معيشت جي مدد تي به ڪم ڪري رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته پهرين اسان سڌي سنئين گرانٽ ۽ ڊپازٽ ڏيندا هئاسين جنهن ۾ هاڻي تبديلي آڻي رهيا آهيون، اسان خطي لاءِ رول ماڊل بڻجڻ چاهيون ٿا.
سعودي عرب پاڪستان جي مختلفن بحرانن ۾ مدد ڪندو رهيو آهي ۽ اها مدد برادر اسلامي ملڪ طور ٿيندي رهي آهي پر جيڪڏهن هاڻ سعودي جهڙو ملڪ به اکيون ڦيري ڇڏي ۽ آءِ ايم ايف هر صورت ۾ پنهنجا ڳرا شرط مڃرائڻ تي زور ڀريندو هجي ته ملڪي معيشت جي حالت ڪهڙي ٿيندي ۽ عام ماڻهوءَ تي ڪيترو معاشي بار وڌندو. ان جو اندازو لڳائڻ ڏکيو ڪونهي.
ملڪ ۾ هن وقت تائين جيڪي به مسئلا سامهون آيا آهن. اهي رات پيٽ ۾ ڪونه ٿيا آهن پر انهن جي پويان هڪ ماضي آهي. آمريتن کان وٺي غيريقيني واري سياسي صورتحال ۽ چونڊيل حڪومتن خلاف سازشون ڪري انهن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ وارا فيصلا به ملڪي معيشت جي تباهيءَ جو سبب ٿيا آهن. تنهنڪري انهن مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ وقت لڳي سگهي ٿو پر اڳ ۾ اهو طئي ڪيو وڃي ته انهن معاملن کي حل ڪير ڪندو ۽ ڪهڙي ريت حل ڪيو ويندو. ڇا پاڪستان اڄوڪي دور ۾ جديد معاشي ماڊل ڪتب آڻڻ لاءِ تيار آهي. ڇا اهو سعودي عرب وانگر پنهنجي معيشت کي ڇال ڏيڻ لاءِ تيار آهي، جنهن وسيلي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کي پاڻ ڏانهن راغب ڪري سگهجي ٿو ۽ ان کان سواءِ پنهنجن وسيلن کي بهتر نموني ڪيئن استعمال ڪري سگهجي ٿو، اهو طئي ڪرڻ جو هي وقت آهي.
جيڪڏهن ملڪ ۾ معاشي سڌارا ڪونه ڪرڻا آهن ۽ عوام کي رڳو خيرات ۽ قرض تي هيرائڻو آهي ته پوءِ هي ملڪ ائين ئي بحرانن جو شڪار رهندو ۽ اهي بحران وڌيڪ سنگين ٿي سگهن ٿا پر انهن جو حل ڪڏهن به ڪونه نڪري سگهندو. ان ڪري دنيا ۾ اهي ملڪ ئي ترقي ڪري سگهن ٿا ۽ ڪري به رهيا آهن. جيڪي معيشت کي سگهارو ڪرڻ لاءِ سماج جي هر شعبي تي ڌيان ڏين ٿا. جن ۾ سائنس کان وٺي آرٽ ۽ انٽرٽئنمينٽ جا شعبا شامل آهن. معيشت جي ٻڏل ٻيڙيءَ کي تارڻ لاءِ ڪئين حل موجود آهن پر اصل معاملو حڪمرانن جي نيت جو آهي.