ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

منٽو جي افسانن واري قميص

ڪجهه ڏينهن کان پاڪستاني ٽي وي چينل تي فراڊ نالي هڪ ڊرامو هلي رهيو آهي، ان ڊرامي ۾ هڪ ماڊل منٽو جي افساني واري قميص پاتي هئي. اها قميص اڄڪلهه پاڪستان ۾ هڪ فيشن طور هلي رهي آهي. ان قميص تي ڪهاڻيون ۽ اردو ادب جي مختلف صنفن جا ڪجهه جملا لکيل هوندا آهن.
اها قميص پاڪستان ۾ منٽو نالي هڪ بوتيڪ تي ملي ٿي. پر اڄڪلهه جيئن ته سوشل ميڊيا عام ٿي وئي آهي ته اڄوڪي نسل وٽ پنهنجي نصابي ڪتابن کي پڙهڻ لاءِ ئي وقت ڪونهي ته ادب يا افسانو پڙهڻ ته پري جي ڳالهه آهي. اهڙي ماحول ۾ ڇا اها قميص پرنٽ ڪرڻ يا مارڪيٽ ۾ آڻڻ نوجوان نسل کي ادب ڏانهن راغبت ڪرڻ جي رٿا آهي يا وري مڙئي هڪ ٽرينڊ طور ان کي متعارف ڪرايو ويو آهي.
مون کي ان فيشن جي ڪا تڪ سمجهه نه آئي آهي. جيڪي ڪپڙا جسم تي پاتا وڃن يا وري ڪا شاعري يا افسانو ان تي ڇاپيا وڃن، ڇا ڪپڙن تي ڇاپيل افسانا ڪو ماڻهو پڙهندو؟ مون پهرين اها قميص فقط سوشل ميڊيا تي ڏٺي پر حقيقت ۾ پاڪستان مان آيل مهمان جڏهن مون لاءِ تحفو وٺي آيا ته مون کي قبول ڪرڻو پيو پر ان قميص مون کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
جيڪڏهن اها قميص هتي ترڪي ۾ آئون پائي بازار ۾ وڃان ته ڪو ماڻهو مون کان اهو سوال ڪندو ته ادي هن جو مطلب يا ترجمو ٻڌايو. ٺيڪ اهڙي ريت جيڪڏهن ڪا عورت اها قميص پائي بازار ۾ ويندي قميص جي اڳيان پٺيان ادب، افسانو يا وري شاعري لکيل هوندي ته ڪو ادب جو شوقين هن کي بيهاري چئي سگهي ٿو ته ادي بيهو آئون اهو افسانو پورو ڪري وٺان يا وري مون کي ڪجهه ڏينهن لاءِ اها قميص عنايت فرمايو ته جيئن آئون پڙهي وٺان. ڏٺو وڃي ته ادب پڙهڻ جو لاڙو پيدا ڪرڻ لاءِ هي هڪ سٺي ڪوشش آهي ڇو ته عورتون اهو لباس پائينديون ته شايد ماڻهن جي اندر ادب کي پڙهڻ جو شوق پيدا ٿي پوي.
ڪجهه وقت اڳ پين جو فيشن هليو هو. ان کان پوءِ سنڌي ٽوپي ڏهاڙي جي حوالي سان اجرڪ، ٽوپي ۽ پٽڪا نڪتا. انهن تي نالو لکرائي ۽ جيئي سنڌ جو جهنڊو ڇاپيل هوندو هو ۽ ماڻهو وڏي فخر سان پائي هلندا هئا. ان کان پوءِ شاديءَ ۾ هڪ ڳاڙهو رئو نڪتو. جنهن تي ڪنوار جي ٿيڻ واري مڙس جو نالو هوندو هو. جيئن عمران جي ڪنوار وغيره. ٺيڪ اهڙي ريت هتي ترڪيءَ ۾ ڪجهه اهڙا اسڪارف آهن جن تي مولانا رومي جو “وا” نمايان ٿيل هوندو آهي. قونيه ۾ جيڪڏهن توهان ڪا ڊائري ڪا پين يا وري ڪو ڪتاب وٺندا ته هن تي “و” جو نشان هوندو آهي ۽ هر دڪان ۽ شاپنگ مال ۾ هڪ بهترين نمايان ساز وڄندو آهي، جنهن مان تصوف جي جهلڪ نظر ايندي آهي ۽ فونيه ۾ ڪافي ماڻهو درويش واري ٽوپي پائي هلندا آهن. ٺيڪ اهڙي ريت برصه ۾ سلطان واري ٽوپي ۽ (Social) ۾ وري (ErtugalGazi) وارا ڪپڙا پائي هلندا آهن پر پاڪستان ۾ سڄو ادب سڄي جي سڄي شاعري ۽ افسانو قميص تي ڇاپيل سمجهه کان ٻاهر آهي.
مون جڏهن انهن جي ويب سائيٽ چيڪ ڪئي ته مون کي الاهي سارا ڪپڙا نظر آيا جن تي ڊريس جي اڳيان ڀرت بدران شاعريءَ جو ڊزائين آهي ۽ ڪن تي وري سڄي پوتي افساني سان ڀريل آهي ۽ ڪجهه اسڪارف آهن، جن تي شاعري لکيل آهي. جيئن شعر هو آرزو ٿي ڪه ۽ هن اسڪارف جو نالو ئي آرزو اسڪارف آهي. ٺيڪ اهڙي ريت انهن وٽ ايراني ڪلچر جا ڪپڙا به آهن، جنهن تي فارسي ٻوليءَ جا ڇپيل ڪيترا اسڪارف، چادرون ۽ قميصون آهن.
منهنجي اندازي موجب سعادت حسن منٽو جي نالي تي کلندڙ هڪ دڪان هڪ سماج جي سچائي ۽ منافقت کي سمجهندڙ عمل آهي. ڇو ته سعادت حسن منٽو اهو ڪردار آهي جنهن کي سمجهندڙ عملو اهو دڪان کوليندڙ آهي ڇو ته هي اهو ڪردار آهي جنهن سماج جي براين کي پنهنجن لکڻين وسيلي منظر عام تي آڻي بي نقاب ڪيو. اهو هڪ ڪهاڻيڪار آهي، جيڪو حقيقت پسند آهي. اسان جي بدقسمتي اها آهي ته هو جنهن زماني ۾ جيئرو رهيو، ان وقت سڀني جا نظريا ڪجهه تنگ نظر هئا. هن جي افسانن کي رڳو جنسي افسانا سمجهيا ويا پر منٽو پنهنجن افسانن وسيلي سماج کي اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو ته هتي عورت ڪيتري ظلم جو شڪار آهي ۽ اها ڪيترن نفسياتي مونجهارن کي منهن ڏئي رهي آهي. هن اهڙن ڪردارن ۾ بدبودار سماج جي عڪاسي ڪئي جنهن کي دنيا نه ٻڌڻ پسند ڪندي آهي ۽ نه ڏسڻ.
43 سالن جي عمر ۾ وفات ڪندڙ منٽو زندگيءَ کان مايوس ۽ هارايل انسان هو. بک، مفلسي ۽ ان جي مٿان الزام ڪنهن عذاب کان گهٽ نه هئا.
سعادت حسن منٽو چوي ٿو: مختصر لفظن ۾ زندگيءَ لاءِ اهو چئي سگهي ٿو ته اها هڪ آهه آهي جيڪا واه ۾ لڪائي پيش ڪئي وڃي ٿي.
هن مولوي، طوائف ۽ عورت تي هر طريقي سان قلم کنيو. هن جو چوڻ آهي ته آئون ته سماج جي حقيقت لکان ٿو، جيڪڏهن ماڻهن کي فحش لڳي ٿي ته ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي؟
حقيقت اها آهي ته هر ڪو پنهنجي نظريي موجب قلم کڻي ٿو. بک، مفلسي، بيروزگاري، مذهب جي نالي تي پنڻ، رات جي اونداهيءَ ۾ گناهه ڪرڻ ۽ صبح جو هڪ شرافت جو نقاب لڳائي سماج ۾ گهمڻ هر ڪو ان منافقت کي قبول نه ٿو ڪري سگهي. هڪ جاءِ تي اسان جي سماج جي عڪاسي ڪندي لکي ٿو ته مان هڪ اهڙي آئيني جو حصو آهيان، جتي اسان آئينو فقط چهرو ڏسڻ لاءِ استعمال ڪندا آهيون. بلڪل اهائي سچائي آهي. هتي سچائي فقط محسوس ڪري سگهجي ٿي، قلم سان لکي پاڻ وٽ سانڍي به رکجي سگهي ٿي پر بيان نه ٿي ڪري سگهجي.
ڪالي شلوار، سوڳنڌي، گوشت کي دڪان، بازار، مزدوري، ڪرامت وغيره هن جون مشهور ڪهاڻيون آهن.
سعادت حسن منٽو جو حياتيءَ ۾ ڪو قدر ڪونه ڪيو. جنهن جو حقدار هو. بلڪه کيس ايذايو ويو. پر سندس وفات کان پوءِ اردو ٻوليءَ جو سڀ کان وڏو افسانه نگار مڃيو وڃي ٿو. هن تي انڊيا ۾ فلم ٺهي جيڪا 2015ع ۾ رليز ٿي هئي.
پاڪستان جي حڪومت پاران کيس نشان امتياز ڏنو ويو. پاڪستان پوسٽل ڊپارٽمنٽ پاران 2005ع ۾ سندس ورسيءَ جي موقعي تي هڪ ٽڪلي به جاري ڪئي وئي هئي. اڄ تائين اردو ادب ۾ هن جهڙو ڪهاڻيڪار پيدا ڪونه ٿي سگهيو آهي. هن جي ڪهاڻي اسان جي سماج جا اهي پاسا ڏيکاريا آهن، جيڪي ڏسڻ کان اسين گهٻرائيندا آهيون. هن کي گهڻا ئي ماڻهو گاريون ڏئي پنهنجو اندر ٺاريندا آهن پر سچ ته اهو آهي سعادت حسن منٽو پنهنجن ڪهاڻين وسيلي سماج کي جيڪو آئينو ڏيکاريو آهي، ان ۾ منهن ڏسڻ لاءِ وڏي همت جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته هن جون ڪهاڻيون عورت جي آزادي، ان جي حقن ۽ سندس نفسياتي غلاميءَ جي پهلوئن کي بيان ڪن ٿيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button