ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آءِ ايم ايف سان ڳالهيون

ملڪ ۾ معاشي بحران ڏينهون ڏينهن تيز ٿي رهيو آهي. هڪ پاسي آءِ ايم ايف سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، ٻئي پاسي هاڻوڪي حڪومت مالياتي ادارن ۽ ملڪن کان امداد گهري رهي آهي. ان کان سواءِ مني بجيٽ آڻڻ جون تياريون پڻ ٿي رهيون آهن. جيڪڏهن ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ حڪومت مني بجيٽ آڻي ٿي ته ان سان مهانگائي وڌندي ۽ عوام لاءِ ان مهانگائيءَ ۾ گذارو ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو. معاشي سڌارن کان سواءِ ڪنهن ملڪ جي معيشت جٽاءُ نٿي ڪري سگهي. پاڪستان معاشي سڌارن جي حوالي سان ڪڏهن سنجيدگي اختيار نه ڪئي آهي. ان ڪري جڏهن به ملڪي معيشت بحران جو شڪار ٿيندي آهي ته وقت جي حڪومت قرض وٺڻ لاءِ تيار ٿي ويندي آهي. اهڙي ريت معاشي بحران ويتر وڌي ويندو آهي. هڪ ڀيرو وري آءِ ايم ايف ڏانهن وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ سخت فيصلا ڪرڻ جو سوچيو پيو وڃي.
سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ ايل سيز نه کلڻ جي معاملي تي حڪومت ۽ اپوزيشن آمهون سامهون اچي ويا، مملڪتي وزير عائشا غوث پاشا ۽ سينيٽر محسن عزيز وچ ۾منهن ماري ٿي. عائشا غوث پاشا ٻڌايو آهي ته آئي ايم ايف جا خدشا ختم ڪري ڇڏيا آهن، ڪوشش آهي ته غريب ماڻهن تي بار نه پوي. پر جيڪڏهن آءِ ايم ايف اسان جي ڳالهه نه مڃي ته پروگرام ۾ وڃڻ لا آ ايم ايف جون ڳالهيون مڃڻيون پونديون ۽ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا. اسان هن وقت ڪرائسز ۾ هلي رهيا آهيون، جيئن اسان هلون پيا ائين هاڻ نٿو هلي سگهجي. هر ڪو پنهنجو تڪ بچائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ملڪ جي نه. ايل سيز ناهي روڪي، ضروري شعبن جي اسٽيٽ بئنڪ ايل سيز کولڻ جي پابند آهي. اسان پريشان آهيون پر اسان وٽ پلان موجود آهي. جڏهن ته فارما سوٽيڪل ايسوسيئيشن خبردار ڪيو آهي ته ڪچي مال لاءِ ايل سيز نه کليون ته ايندر مهيني ملڪ ۾ دوائن جي کوٽ ٿي ويندي. خميس تي سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ سينيٽ جي ناڻي بابت قائما ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪريٽر اسٽيٽ بئنڪ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته حڪومت ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 5 ڏهائي 5 ارب رپيا گهٽايو. پاڪستان پرڏيهي قرض به ادا ڪيو آهي. سينيٽر محسن عزيز چيو ته ايل سيز نه کلڻ ڊيفالٽ ئي آهي، ملڪ 75 هزار ڀيرا ڊيفالٽ ٿي چڪو آهي. عائشا غوث پاشا چيو ته اپوزيشن ڊيفالٽ جون ڳالهيون ڪري ماڻهن کي گمراهه ڪري رهي آهي. ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي عائشا غوث پاشا چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ غير معمولي صورتحال آهي ۽ ملڪ کي پيش ايندر مسئلن جو حل اسان کي گڏجي ڪڍڻو پوندو. اها اميد رکو ته ڪاروبار پهريان وانگر معمول مطابق هلندو، اسان هن وقت ڪرائسز ۾ هلي رهيا آهيون جنهن نموني اسان هلي رهيا آهيون. ايئن نٿو هلي سگهي هرڪوئي پنهنجي تڪ کي بچائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ پاڪستان جي ڳالهه نٿو ڪري. ٻئي پاسي ميڊيا سان ڳالهائيندي عائشا غوث پاشا چيو ته چاهيون ٿا ته آئي ايم ايف پروگرام جلد بحال ٿي وڃي ۽ ان لا آءِ ايم ايف سان ڳالهيون به هلي رهيون آهن. ايڪسچينج آف نوٽيس ٿي رهيا آهن ۽ ورچوئل ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي. آءِ ايم ايف جي معاملي تي ڪالهه اسٽيٽ بئنڪ سان اجلاس به ٿيو اسان چاهيون ٿا ته هي معاملو تيزي سان اڳتي وڌي.
ملڪ ۾ جڏهن به سخت فيصلا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويندو آهي ته انهن فيصلن جو اثر سڌي ريت عوام تي پوندو آهي. عوام تي نوان ٽيڪس لڳندا آهن، مهانگائيءَ جو طوفان ايندو آهي ۽ کاڌي پيتي جون شيون عوام جي پهچ کان پري ٿي وينديون آهن. پر ڪڏهن به حڪومت سخت فيصلا چونڊيل نمائندن ۽ ڪامورن لاءِ ڪونه ڪندي آهي. ڇا حڪومت کي اهو اندازو آهي ته آءِ ايم ايف جا ڳرا شرط مڃڻ کان پوءِ عوام لاءِ کاڌي پيتي جون شيون خريد ڪرڻ ئي مسئلو ٿي ويندو. ان کان سواءِ گئس ۽ بجليءَ جي قيمتن ۾ واڌ ايندي ته ان جو اثر به عوام جي گهرو بجيٽ تي پوندو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عوام تي معاشي بار نه وڌو وڃي ۽ جيترو جلدي ٿي سگهي معاشي سڌارا عمل ۾ آندا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button