وفاقي سرڪار آخرڪار آئي ايم ايف جي اڳيان عار مڃي يا گوڏا کوڙيا ۽ ڪنن تي هٿ رکي چيو ته” معاشي ديوتا آئي ايم ايف جيئن چوندو تيئن ڪنداسين” يعني هلندڙ سال مني بجيٽ آڻڻ جي منظوري ڏيندي. غالب امڪان اهوئي آهي ته سيلز ٽيڪس ۽ پيٽروليم شين تي ٽيڪس لڳائي 200 ارب روپيه اوڳاڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي پر چالاڪ ۽ ترڪتال حڪمران طبقو اهوئي پيو ورجائي ته “عام ماڻهن تي بار نه پوي پر آئي ايم ايف اسان کي ٻئي طرف وٺي وڃڻ چاهي ٿو. ان ڪري سڀ ڳالهيون مڃيون ۽ سخت فيصلا ڪرڻا پيا” معيشت جي الف بي کان واقف عام سوچ رکندڙ ڪو به فرد سادي انداز سان اها حڪمتِ عملي سمجھي ٿو سگھي ته ملڪ جي معيشت ۾ وڏي کان وڏو بنياد ٽيڪس جي وصولي هوندي آهي هي رڳو هتي ناهي پر پوري دنيا جي اندر اهائي حڪمتِ عملي اختيار ڪئي ويندي آهي امير ۽ غريب ملڪن ۾ فرق هي آهي ته امير ملڪ پنهنجو ٽيڪس نيٽورڪ پوري طرح پيداوار جي طاقتور ذريعن واپارين ۽ صنعتڪارن کان وصول ڪندا آهن ۽ انهيءَ کان پوءِ هر عام فرد پنهنجي پنهنجي معاشي سگھه جي بنيادن تي ٽيڪس ادا ڪرڻ ۾ پابند هجي ٿو پر غريب ملڪن ۽ خاص ڪري اسان جهڙا ملڪ وري انهن ۾ به سڀني کان مٿي ۽ اتامرا آهن جو هتي ٽيڪس 80 کان 90 سيڪڙو غريب ۽ مسڪين عوام ڀري ٿو. 10 کان 20 سيڪڙو بقايا ٽيڪس هن ملڪ جو واپاري، دوڪاندار، صنعتڪار سان گڏوگڏ پورو اشرافيا طبقو ڏيندو آهي جنهن جو عملي نتيجو هي ٿو نڪري ته هر بجيٽ يا سال کان پوءِ غريب، غريب تر ٿيندو ٿو وڃي ۽ اشرافيا طبقو (جنهن جي پرتن جو مٿي ذڪر ڪيوسين) امير کان امير تر ٿيندو ٿو وڃي. ڪهڙي به حڪومت اچي ڀلي اهي آمريت جي لٺ گھمائيندڙ ۽ هوا ۾ مڪا لوڏيندڙ حڪمران هجن يا ” تبديلي پسند سورما” ۽ پراڻا معيشت جي مهارت جا دعويدار جن پنهنجن سينن تي هٿ هڻي چيو ته “هن ملڪ کي ايشيا جو ٽائيگر بڻائينداسين” پر سڀني جو معاشي پلان اهوئي رهيو آهي ته هو امير ملڪن کان مدد وٺن يا انهن کي پراجيڪٽ ڏئي انهن جي ئي پيسي مان معيشت کي جيڪ ڏين يا وري عالمي مالياتي ادارن آئي ايم ايف يا ورلڊ بينڪ جي اڳيان جھول جھلن ۽ انهن جي شرطن تي عمل ڪن وڌ کان وڌ ٻيو پهلو هن ملڪ جي تمام حڪمرانن وٽ اهوئي رهيو آهي ته هو انهن ملڪن جن کي هو دوست ملڪ چون ٿا انهن کان معاشي مدد جي پن سن ڪن ۽ وري گاڏو هلندو رهي.
هن وقت تائين جي حڪمران طبقن مان شايد ئي ڪو ليڊر يا سياسي پارٽي اهڙي هجي جنهن وٽ ملڪ جي معيشت کي مضبوط ۽ طاقتور ڪرڻ جي لاءِ ڪو معاشي پروگرام هجي. ڪنهن به پارٽي وٽ ايگريڪلچر جي ترقي جو ڪو به پلان ناهي سواءِ ان جي ته هو ايگريڪلچر جي جنسن جي اگهن ۾ هيٺ مٿاهيون ڪن ۽ نه وري صنعتي ترقي جو ڪو نظرياتي ۽ معاشي پروگرام ڪنهن وٽ آهي. هڪ خودرو ۽ انارڪي جي انداز سان ترقي جي رفتار جنهن آوارا گردي سان اڳتي وڌي ٿي انهيءَ کي اسان سڀ ڏسون به ٿا ۽ سمجهون به ٿا. ٻيو ته ڇڏيو پر ڪنهن به حڪمران پارٽي هن وقت تائين پنهنجي معاشي ۽ سياسي پروگرام ۾ رڳو معمولي ۽ انتظامي اهو به عمل ڪري ناهي ڏيکاريو ته پيداوار جي اندر ڪا ڪوالٽي ڪنٽرول جي سختي ڪجي نه ڪا اسان وٽ اهڙي حڪمتِ عملي اختيار ڪئي وئي آهي جو پنهنجي پيداوار وارين شين کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ مارڪيٽ ڪامپيٽيشن جو سادو اصول اپنائيندي پنهنجي ملڪي معيشت جي ليول جا جيڪي ملڪ آهن، انهن جي مارڪيٽ ۾ داخل ٿجي. هتي صورتحال پڇ لٽڪائو يا دلال سرمائيدار واري اها رهي آهي ته اسان جي ملڪ ۾ پنهنجي صنعتن جا مارڪيٽ ٻاهرين دنيا کي ڪامپيٽ ڪرڻ جي بجاءِ رڳو ملڪ جي اندر سردي تالا ڏئي ۽ ملڪ جي مارڪيٽ کي صنعتڪارن جي حوالي ڪيو ويو آهي ۽ ٻئي طرف ملٽي نيشنل ڪمپنين جي حوالي ظاهر آهي ته انهن ٻنهين جي قيمتن ۾ تمام وڏو فرق رهي ٿو عام ماڻهو قوتِ خريد ڪمزور هجڻ جي ڪري هتان جي گجراتي ۽ لالوکيتي پراڊڪشن کي اهميت ڏيڻ يا خريد ڪرڻ ۾ ئي بهتري سمجھي ٿو يا گذارو ڪري ٿو پر جيڪڏهن هندستان، بنگلاديش، مليشيا اهڙن ٻين ڪيترن ئي ملڪن جي صنعتن لاءِ جي دروازا کولجن ته لازمي طور تي انهيءَ ۾ ڪامپيٽيشن ٿيندي ڪاسميٽڪس کان وٺي ڪپڙي تائين يا اليڪٽرانڪ جي شين جي اگھن ۾ جي ويهون اڻويهون فرق هوندو ته انهن ۾ ئي ڪوالٽي ۽ پائيداري ڏٺي ويندي.
معيشت جي بنيادي اصولن ۾ اهائي شيءِ آهي ته برابري جي سطح واري معاشي ۽ صنعتي ملڪن سان پيداواري ڪامپيٽيشن ڪرڻ سان پنهنجي ڪمزور ۽ نٻل غير معياري پيداوار ۾ ترقي آڻي سگھبي. ليڪن جڏهن توهان دروازا بند ڪري مخصوص گروهن کي فائدو ڏيڻ لاءِ مارڪيٽ جي ڇوٽ انهن کي ڏيو ٿا ته پوءِ ان جو نتيجو صرف ۽ صرف غير معياري ۽ خراب شيون پيدا ٿينديون ۽ عوام انهن کي خريد ڪرڻ لاءِ مجبور هوندو. دنيا جي اندر معاشي بحران ترقي يافته ملڪن ۾ به ايندا رهندا آهن پر انهن معاشي بحرانن کي حڪومتون ڪنٽرول ان ڪري ڪري وينديون آهن جو انهن وٽ پورو رياست جو ڊسيپلين ۽ ڪو به سماجي بحران ناهي هوندو. انهيءَ جي ڪري مارڪيٽ اڪانومي ۾ جيڪا به گھٽ وڌائي ٿيندي آهي يا اسٽاڪ ايڪسچينج جي اندر لاهھ چاڙھه اچڻ جي ڪري معيشت کي جھٽڪا اچي ويندا آهن خاص ڪري عالمي صورتحال جي مدنظر انهن ملڪن ۾ ڪجھه وقت جي لاءِ خوفناڪ لوڏا اچي ٿا وڃن پر اهي ملڪ پنهنجي معاشي سڌاري ۽ بهتري کي وري جلد کان جلد بحال ٿا ڪري وٺن.
اسان کي هي ياد آهي ته جڏهن سوويت يونين پنهنجي پهريان ئي معاشي بحرانن مان گذري ٿي تڏهن ان وقت جي صدر گربا چوف جيڪو ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪٽريري جنرل به هو تنهن پنهنجي معاشي پروگرام ۾ بهتري آڻڻ جو پهريون بنياد اندروني انتظامي ڪمزوريون ۽ نااهلين کي نشاندهي ڪندي تنقيد جو نشانو بڻايو هو ۽ ان جو مشهور نظريو “ڪلاس نوسٽ” بحث جو موضوع بڻيو. ان جي گھڻ رخي ۽ بهتر يا ڪمزور پهلوئن تي گھڻي تجزيي ۾ نٿا وڃون پر تڏهن گربا چوف هي صاف لفظن ۾ چيو هو ته “هاڻي آمريڪا سان هٿيارن جي ڊوڙ ڪرڻ جي بجاءِ اسان مارڪيٽ اڪانامي کي فوڪس ڪنداسين جنهن ۾ پهريون ٽارگيٽ جاپان آهي جيڪڏهن اسان پنهنجي پيداوار کي يعني مارڪيٽ اڪانامي کي جاپان جي معيار مطابق آڻيندي انهيءَ کان اڳتي وڌون ٿا ته پوءِ پورو يورپ اسان جي اڪانامي جو مقابلو نٿو ڪري سگھي.” اڪانامي جي بنيادن کي ان پرائن جي پڙهڻ کان پوءِ آساني سان سمجھي سگھبو ته معيشت جي ترقي شين جي بهتر معيار سماجي ڊسيپلين ۽ پوري قانوني گرفت سان هر فرد کي ٽيڪس جي زمري ۾ آڻڻ سان ئي ممڪن آهي هي اقربا پروري انتظامي مشينري ۾ صنعتن ۽ زراعت تي ڌيان نه ڏيڻ کان پوءِ معيشت جو سفر بليڪ هول ڏانهن وڌڻ جي مثل ٿيندو پنهنجي معيشت کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ لازم آهي ته سياسي پارٽيون پنهنجي سياست کي ۽ تنظيم کي بهتر ڪن انهيءَ سان ئي رياست جا ادارا بهتر ٿيندا ۽ سماجي انارڪي يا بحران ڪمزوريون ختم ٿي سگھنديون سواءِ ان جي پينو معيشت هڪڙي دور م هاءِ گهوڙا ڪندي ۽ وري جڏهن ڪشتي ۾ ڪڻا ايندا ته حڪمران ڏند ٽيڙيندا، ليڪن بحران پنهنجي وجود ۾ اوتروئي رهندو نه رڳو ايترو رهندو پر ايندڙ وقت ۾ وڌ کان وڌ طاقتور ٿيندو هن وقت هن ملڪ جو بنيادي بحران هي آهي جو هن ملڪ جو اشرافيا پاڻ کي رياست جي قانون جو پابند نٿو سگھجي تنهن ڪري ان جو ڪاروبار ٽيڪس کان آجو ۽ ان جي سياست ڊسيپلين يا ايمانداري کان خالي پوءِ نتيجو ڪهڙو ملندو؟ اهوئي جو بقول غالب جي ” قرض ڪي پيتي ٿي مئه، ليڪن سمجهتي ٿي ڪي هان، رنگ لاويگي هماري فاقه مستي ايک دن.”