ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حڪومت ۽ واڳ ڌڻي آمهون سامهون!

ملڪ جي معاشي صورتحال ته پهريان ئي گڙٻڙ واري هئي، هاڻ سياسي صورتحال به انتهائي مونجهاري جو شڪار آهي. پي ڊي ايم ۾ شامل اهم پارٽي ن ليگ جيڪا وڌيڪ گهاٽي جو سودو ڪندي رهي آهي، ان جو چوڻ آهي ته انهن عمران خان کي اقتدار مان ڪڍي، جيڪا سياسي قيمت ادا ڪرڻي هئي، اها ڪري ڇڏي، هاڻ وڌيڪ گنجائش ناهي. پنجاب ۽ ڪي پي ڪي صوبائي اسيمبليون ٽٽڻ کانپوءِ ن ليگ کي شڪ پيدا ٿيو آهي ته ڪٿي اسٽيبلشمنٽ انهن سان ڊبل گيم ته نه کيڏي رهي آهي؟ ان حوالي سان لنڊن ۾ ويٺل ميان نواز شريف پنهنجن اڳواڻن کان پڇا ڳاڇا ڪري رهيو آهي. ائين لڳي رهيو آهي ته نواز شريف جي ڪن ۾ ڦوڪ ڏني وئي آهي ته انهن عمران خان کي واڳ ڌڻين جي پروجيڪٽ تحت هٽايو ۽ ان کانپوءِ حڪومت جيڪي غير مقبول فيصلا ڪيا، ان جي قيمت جي ادائيگي ۾ واڳ ڌڻين پنهنجو حصو ادا ڪرڻ کان پاسو ڪيو. جنرل باجوا جي آخري ڏينهن ۾ ته ميڊيا جي حلقن ۾ چيو ويو ته واڳ ڌڻي، حڪومت پي ڊي ايم حوالي ڪري پاسيرا يا لاتعلق ٿي ويا آهن. هاڻ به معاشي صورتحال کي بهتر بنائڻ لاءِ واڳ ڌڻين کي پنهنجو جيڪو ڪردار ادا ڪرڻو هو، اهو نه ڪيو، پ پ ۽ ن ليگ عالمي سطح تي پنهنجا لڳ لاڳاپا استعمال ڪري عالمي برادري کان معاشي پيڪيج ته حاصل ڪيو، پر اهي ڪميٽمنٽس جيڪي اهم ڌرين ڪيون اهي بيڪ فائر ثابت ٿيون،انڪري حڪومت وٽ عالمي مالياتي فنڊ جي شرطن کي قبول ڪرڻ کانسواءِ ڪوبه رستو نه بچيو آهي.
هينئر هڪ طرف عمران خان، حڪومت کي پريشان ڪرڻ لاءِ، خاص ڪري بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪرڻ لاءِ جيڪا ڌمڪي ڏني هئي، ان جو جواب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائون قسطن ۾ منظور ڪري ڏئي رهيو آهي. پي ٽي آءِ جي ميمبرن جون هيل تائين 80 جي لڳ ڀڳ استعيفائون منظور ٿي چڪيون. تازو ئي 35 پي ٽي آءِ ايم اين ايز جون استعيفائون منظور ڪيون ويون. ان سان عمران خان، جي ڌمڪي ته هو شهباز شريف جي ننڊ حرام ڪري ڇڏيندو ۽ کيس سمهڻ لاءِ گوريون کائڻيون پونديون، واري ڳالهه مان هوا نڪري وئي آهي. هينئر به عمران خان جي پنهنجي استعيفا منظور نه ڪئي وئي آهي. ان سان گڏ عمران خان جن ستن ايم اين ايز جي سيٽن تي چونڊ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، ان جو به نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. هاڻ عمران خان چاهي ٿو ته هو خالي ٿيل 70 سيٽن تي اڪيلو اميدوار هوندو، هو ظاهر ڪرڻ گهري ٿو ته سمورو ملڪ عمران خان کي ووٽ ڏيڻ گهري ٿو. جيڪڏهن عمران خان هڪ سيٽ رکڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن باقي سيٽن تي چونڊ ڪرائي ته ان سان پي ٽي آءِ جو ٽائيم پاس ٿي سگهي ٿو،پر ڪوبه نتيجو نڪري نٿو سگهي. هي عمل جاري رهيو ته عام چونڊن جو وقت به اچي ويندو. پر هاڻ هي به چيو پيو وڃي ته ايندڙ عام چونڊون مقرر وقت تي به نه ٿينديون. هينئر هڪ طرف ڪي پي ڪي ۽ پنجاب اسيمبلين جون ننڍيون چونڊون ٿيڻيون آهن، ته ٻئي پاسي اسپيڪر جن ايم اين ايز جون استعيفائون منظور ڪيون آهن، انهن مان اڪثريت جو واسطو خيبرپختون خوا سان آهي. هي خبرون به آيون ته ڪي پي ڪي ۾ مولانا فضل الرحمان جي پارٽي پهريان ئي قومي اسيمبلي جي سيٽن تي چونڊ وڙهڻ کان انڪار ڪري چڪي آهي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته حڪومت هجي يا مخالف ڌر، ٻئي هڪٻئي سان ڪوئي ٻلي واري راند کيڏي رهيا آهن.
هينئر نواز شريف پنهنجن اڳواڻن کي لنڊن گهرائي صورتحال جو اندازو لڳائي رهيو آهي ته ان کي ڪيئن بهتر بڻائي سگهجي ٿو؟ جائزو ان رخ کان به ورتو پيو وڃي ته ڪٿي واڳ ڌڻي، پي ٽي آءِ سان ملي ته نه ويا آهن؟ نواز شريف کي ٻڌايو ويو ته صدر عارف علوي، ڪوششون ڪيون ته عمران ۽ واڳ ڌڻين جي اهم ٿنڀ جي وچ ۾ ملاقات ٿي وڃي ته جيئن هي تاثر ڏئي سگهجي ته پي ٽي آءِ ۽ واڳ ڌڻين ۾ رابطا بحال ٿي ويا آهن. ان سان گڏ هي بيانيو به جوڙي سگهجي ته واڳ ڌڻين، پنهنجي غلطي کي تسليم ڪري ورتو. ان حوالي سان عمران خان پهريان ئي چئي چڪو آهي ته هو اسٽيبلشمنٽ کي معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهن. ان حوالي سان هي ڳالهه به سامهون آئي ته خبر ناهي ته عمران خان ڪهڙي غلطي تي واڳ ڌڻين کي معافي ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته ڪنهن گناهه جو اعتراف به نه ڪيو ويو. واڳ ڌڻين سان ويجهڙائپ رکندڙ جو چوڻ آهي ته عمران خان، صدر عارف علوي کي جنهن مشن تي لڳايو، اهو به ناڪام ٿي ويو ۽ ان جو اعتراف به ڪيو ويو ته هينئر واڳ ڌڻين سان ڪي به رابطا ناهن. پر هي ڳالهه محسوس ڪئي وئي ته عمران خان کي هاءِ ڪمانڊ ته ڪابه لفٽ نه ڪرائي، پر هيٺئين سطح تي اڻ سڌا واسطا موجود آهن، جنهن جو واڳ ڌڻين جي پاليسين تي ڪوبه اثر پئجي نه رهيو آهي. انڪري پي ڊي ايم جي حڪومت ۽ واڳ ڌڻين جي وچ ۾ لاڳاپا جيئن جو تيئن برقرار آهن.
جيستائين عالمي مالياتي ادارن ۽ برادرز ملڪن جو تعلق آهي ته اهي سڀ پاڪستان تي زور ڀري رهيا آهن، اهو معاشي سڌارا ڪري، پروٽوڪول تحت قرض لاءِ ڪواليفاءِ ڪري. هنن جو معاشي سڌارن مان هي مراد آهي ته پاڪستان جي حڪومت نه صرف ٻوڏ متاثرن جي پنهنجن وسيلن مان مدد ڪري، پر بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ به اضافو ڪري، ان سان گڏ ٽيڪسز ۾ اضافو ڪري، جنهن کي مِني بجيٽ سڏيو وڃي ٿو. آءِ ايم ايف جي شرطن جي حوالي سان پي ڊي ايم جي اتحادي حڪومت به ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪڙو حصو چاهي ٿو ته لاڳو ڪيل شرطن کي قبول ڪيو وڃي، جڏهن ته ٻيو چئي ٿو ته حڪومت ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ انهن کي جيڪا سياسي قيمت ادا ڪرڻي هئي، ڪري ڇڏي، هاڻ وڌيڪ گنجائش ناهي. ڇاڪاڻ ته مهانگائي جي رفتار ۾ 25 سيڪڙي تائين واڌ ٿي چڪي آهي، مڙني ضروري شين جي اگهن ۾ گهڻو اضافو ٿي ويو آهي، انڪري وڌيڪ بار برداشت ڪري نٿو سگهجي. حڪومت جو چوڻ آهي ته عالمي مالياتي اداري کان ته ڳري رقم ملڻي ناهي، پر ان جي Good will جي ضرورت آهي، ان سان ٻيا ملڪ ۽ ادارا پاڪستان جي مدد ڪندا. جيئن سعودي عرب، گڏيل عرب امارتون ۽ ڪجهه ٻيا ملڪ شامل آهن. عالمي بينڪ جي حوالي سان خبر آئي ته ان اعلانيل ڏيڍ ارب ڊالر ڏيڻ کان انڪار ڪيو، پر هاڻ ان جي وضاحت به سامهون اچي وئي آهي، جنهن مان خبر پئي ٿي ته حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڊس انفارميشن به ڦهلائي پئي وڃي.
هينئر تائين عمران خان جيڪي ڪارڊز کيڏيا آهن، انهن جي ڪاميابي گهٽ نظر اچي پئي، پر ڪي پي ڪي ۽ پنجاب اسيمبلين جي ٽٽڻ سان واڳ ڌڻين ۽ حڪومت جي وچ ۾ شڪ ۽ شبها موجود آهن. پنجاب ۾ چوڌري پرويز الاهي جو سڌو واسطو طاقتور ڌرين سان آهي. انهن ٻنهي صوبن ن ليگ کي گهڻو پريشان ڪيو آهي. هينئر ميان نواز شريف ۽ ان جي پارٽي جي اڳواڻن، جن ۾ گهڻائي وفاقي وزيرن جي آهي، اهي ان آپشن تي ويچارين پيا ته ڇونه وڌيڪ سياسي قيمت ادا ڪرڻ بدران جلد عام چونڊن جو آپشن آزمائجي. جيڪڏهن اتفاق ٿي وڃي ٿو ته ممڪن آهي ته آڪٽوبر ۾ ئي عام چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي. عمران خان جو زور ان ڳالهه تي آهي ته عام چونڊن جو اعلان نه ٿيو ته هو ايندڙ مارچ مهيني کان احتجاجي مهم شروع ڪندو. هن جي ڌمڪين کي حڪومت سنجيده وٺي نه رهي آهي، ڇاڪاڻ ته انهن پهريان ئي عمران خان جو پاڻي ڪڇي ڇڏيو هو. انهن عمران خان جي اسلام آباد تي چڙهائي واري خواب کي ساڀيان ٿيڻ نه ڏنو هو. هي تاثر به آهي ته ملڪ جون اعليٰ عدالتون به عمران خان کي ريليف ڏين پيون. عمران خان کي اليڪشن ڪميشن پهريان ئي نااهل قرار ڏنو، هينئر گهٽ ۾ گهٽ ٽي اهڙا ڪيس آهن، جن ۾ عمران خان نااهل ٿي سگهي ٿو. هينئر تائين مائنس عمران خان جي حوالي سان جيترا به فيصلا ٿيا آهن يا ٿيڻ وارا آهن، انهن ۾ سپريم ڪورٽ جو اهم ڪردار آهي، جيڪا فيصلن کي معطل يا فيصلي تي عمل ڪرڻ کان نٿي روڪي ته عمران خان پاسيرو ٿي ويندو. هينئر ته اهي سمورا حلقا، جيڪيPolitical developments تي نظر رکن ٿا، انهن جو اتفاق آهي ته ايندڙ عام چونڊون جڏهن به ٿين، انهن ۾ عمران خان جو ڪوبه رول نظر نٿو اچي. جيڪڏهن ڪا وڏي مداخلت ٿئي ٿي ته ممڪن آهي ته عمران خان سمورن فيصلن جي اثر کان بچي وڃي. جيڪڏهن عمران خان عام چونڊن ۾ شامل به هجي ته هو ڪنهن به صورت ۾ چونڊ نتيجن کي قبول نه ڪندو، ائين جيئن ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جي نتيجن کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي. ان سان سياسي استحڪام پيدا ٿيڻ وارو خواب ته پورو نه ٿيندو. انڪري ان آپشن تي غور ٿي رهيو آهي ته ڪهڙي ريت عمران خان کي سياستدان کان ئي ٻاهر رکجي. جيڪڏهن ڪنهن اهڙي آپشن تي عمل ٿئي ٿو، جيڪو خطرناڪ ٿي سگهي ٿو ته ان سان صورتحال گهڻي خراب ٿي سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button