اھو اتفاق آھي يا ان جي پويان ڪا نھ ڪا معنيٰ ۽ مام آھي تھ اسان کي ڊسمبر جي مھيني ۾ گھڻو ڪري پنھنجي ڏيھھ ھي ڏاھن ماڻھن جون ورسيون مھائڻيون پونديون آھن پر ھڪ مھيني کان پوءِ يعني جنوريءَ ۾ اسان کي ذھين ۽ مشھور ماڻھن جي سالگراھن جا سنيھا ملندا آھن. ڇا اھو عجيب ناھي تھ گذريل سال جي آخري مھيني يعني ڊسمبر ۾ اسان کي نھايت افسوسناڪ قسم جا ليک پڙھڻا پيا. جڏھن اسان کي اھو اطلاع مليو تھ ڊسمبر ۾ شيخ اياز ۽ پروين شاڪر جھڙن شاعرن جي زندگيءَ جو انت آيو ھو تھ اسان کي وقت گذرڻ جي باوجود بھ افسوس ٿيو ھو. اھو ھڪ نھايت دردناڪ واقعو ھو. ڇو تھ اسان کي ڇڏي ويندڙ ڏات جا وڏا ڏاتار ھئا ۽ انھن اسان کي خوبصورت گيتن جا تحفا ڏنا ۽ اسان انھن جي ڏنل تحفن مان ھن وقت تائين ھڪ قسم جو لطف حاصل ڪري رھيا آھيون پر اسان انھن کي اڄ بھ ياد ڪريون ٿا. ھو اڄ بھ اسان کان الڳ نھ ٿيا آھن ۽ ٿي بھ نھ ٿا سگھن. ڇو تھ انھن سان اسان جا ناتا رشتا تمام گھڻا آھن ۽ اسان ڪنھن بھ صورت ۾ انھن کي فراموش ڪري نھ ٿا سگھون ۽ نھ وري انھن کي فراموش ڪرڻ جو خيال اسان جي لاءِ ڪنھن بھ طرح سان خوشيءَ جو ڪارڻ بڻجي سگھي ٿو. انھن جو اسان جي مٿان ھڪ قسم جو قرض آھي ۽ اھو قرض سان ڪڏھن بھ لاھي نھ ٿا سگھون. اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ ھي اھو قرض آھي، جنھن کي لاھڻ بدران بھتر آھي تھ اسان ان کي ڳايون ۽ انھن جا گيت ورجايون ۽ انھن کي محبت ۽ عقيدت سان ياد ڪريون. اسان گذريل مھيني جي دوران اھو ئي ڪيو سين ۽ اسان کي اھوئي ڪرڻ گھربو ھو.
اھا نھايت حيرت ۾ وجھندڙ حقيقت آھي تھ ھڪ مھينو اڳ اسان کي عظيم ۽ مشھور ماڻھن جي وفات تي افسوس جا اظھار ڪرڻا پيا ۽ ھڪ مھيني کان پوءِ يعني جنوريءَ ۾ اسان کي اھو اطلاع ملندو رھيو آھي تھ فلاڻي تاريخ تي فلاڻي مشھور ماڻھوءَ جو جنم ٿيو ۽ فلاڻي تاريخ تي فلاڻو وڏو ماڻھو پيدا ٿيو. ھونءَ تھ جنوريءَ ۽ ڊسمبر جي وچ ۾ ھڪ سال جي وٿي اچي وڃي ٿي. ڇو تھ ڊسمبر ڪنھن بھ سال جو آخري ۽ جنوري ھر سال جو پھريون مھينو ھوندو آھي پر اسان جيڪڏھن انگن ۾ نھ الجھون تھ حقيقت اھا آھي تھ اسان کي ڊسمبر توڙي جنوريءَ ۾ ساڳي سرديءَ جو احساس محسوس ڪرڻو پوي ٿو. اسان جي لاءِ مند اھا ئي رھي ٿي. اھا ئي سرد ھوا ۽ اھا ئي ٿڌ واري موسم، جنھن ۾ جدائيءَ جو احساس وڌيڪ شديد ٿي ويندو آھي. جيڪڏھن ائين نھ ھجي ھا تھ شيخ اياز اھو ڇو لکي ھا تھ:
“اڄ سرد ھوا آھي
ٿي باھه ٻري ڀرسان
پر يار پري آھي”
يا ھن “سر سھڻي” ۾ جيڪو لکيو آھي تھ:
“ميھر اکيون باهھ ۾، منڌ سڪائي وار
شل ھيءَ سڀ ڄمار، پوري ٿي ان پل ۾”
ان کان سواءِ اسان کي نھ صرف شيخ اياز پر شاھه لطيف جي شاعريءَ ۾ سرديءَ جي موسم ۾ محبت جي وڌيڪ شدت نظر اچي ٿي. اھو ئي سبب آھي تھ شاھه لطيف بھ “سر سھڻي” ۾ لکيو آھي تھ:
“سياري سھھ رات ۾، جا گھڙي وسندي مينھن”
سياري جي موسم واقعي کي محبت جي موسم آھي. اھوئي سبب آھي تھ ھن موسم ۾ ماڻھوءَ کي جدائيءَ جو احساس جھوري وٺي ٿو ۽ ماڻھو اھو محسوس ڪري ٿو تھ ھن جو وجود ھن جي پيار کان سواءِ اڌورو آھي.
اسان کي محبت ۽ عشق جا اھي احساس ڀرپور انداز سان سمجھائڻ وارا اھي عظيم انسان ھئا، جن گھڻو ڪري ادب ۽ پنھنجي دانش ذريعي اسان جي ذھن ۾ وڌيڪ وسعت پيدا ڪئي ۽ اسان اھو سوچڻ لڳاسين تھ انسان جي ھستي صرف اھا ناھي، جيڪا اسان کي بظاھر معلوم ٿئي ٿي يا اسان کي جيڪا لڳي ٿي پر انسان اصل ۾ اھا گھرائي رکي ٿو، جيڪا گھرائي ھن کي ٻين زندگيءَ جي روپن کان وڌيڪ بامعنيٰ ۽ ڀرپور بڻائي ٿو. اھو ئي سبب آھي تھ اسان گھڻو ڪري انھن وجودن ۾ پنھنجي فڪر جو گھڻو رنگ ڏسون ٿا، جن کي اسان ادب ۽ سياست جي روپ ۾ ڏٺو ۽ محسوس ڪيو ۽ انھن مان اسان کي تمام گھڻو اتساھه بھ مليو ۽ اسان انھن کي جيئڻ جو جس سمجھيو ۽ ھن وقت بھ اسان جي مٿان انھن ماڻھن جو ڪنھن نھ ڪنھن طرح سان پاڇو پوي ٿو ۽ اسان انھن کي پنھنجي وجود جي گواھي سمجھون ٿا ۽ اسان محسوس ڪيون ٿا تھ اسان جي مٿان انھن جي ھجڻ جو بھ وڏو احسان آھي. ڇو تھ اسان انھن کي گھڻو ڪجھھ سکيو آھي.
انھن وڏن ۽ ڪڏھن بھ فراموش نھ ڪري سگھندڙ انسانن ۾ جيڪڏھن ڪجھھ انسان واقعي بھ اسان جي لاءِ وڏي معنيٰ رلن ٿا تھ انھن انسانن ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو بھ آھي ۽ انھن عظيم انسانن ۾ سائين جي ايم سيد بھ آھي ۽ انھن ماڻھن کان اسان سنڌي ھجڻ جي ناتي سان رسول بخش پليجو بھ ڪنھن طرح سان الڳ ڪري نھ ٿا سگھون. ڇا اھا سنڌ جي ماڻھن جي لاءِ عجب جھڙي حقيقت نھ آھي تھ سنڌ جي انھن ٽنھي وڏن ماڻھن جو جنم جنوريءَ جي مھيني ۾ ٿيو ھو؟ جڏھن تھ انھن ٽنھي ماڻھن جا پاڻ سياسي طور تي وڏا اختلاف بھ ھئا. ڇو تھ جيڪا سياست ڀٽي صاحب جي ھئي، ان سياست کي جي ايم سيد سنڌ جي مفاد ۾ نھ سمجھندو ھو ۽ ھن سموري زندگي ڀٽي صاحب جي مخالفت ڪئي ۽ ساڳي طرح سان ڀٽو صاحب بھ سائين جي ايم سيد واري قومپرست سياست کي سنڌ جي عوام جي لاءِ بھتر نھ سمجھندو ھو. ان ڪري ٻنھي جي ڌرتي ۽ ٻنھي جي ٻولي ساڳي ھجڻ جي باوجود بھ انھن ٻنھي جا پاڻ شديد ترين ٽڪراءَ ھئا. اھي ٽڪراءَ اسان کي ھرھنڌ نظر آيا ۽ انھن ٽڪرائن جي حوالي سان اسان کي گھڻي پروڙ پئي تھ ڪنھن جا ڪھڙا خيال آھن؟ پر اھا حقيقت ڪو بھ فراموش ڪري نھ ٿو سگھي تھ سنڌ ۾ ڀٽي صاحب جي سياست ۽ سائين جي ايم سيد جي سياست ۾ سخت ٽڪراءُ رھيو. جڏھن تھ رسول بخش پليجو جيڪو ھڪ ئي وقت قومپرست بھ ھو ۽ ساڳي وقت ترقي پسند بھ ھو ۽ ھڪ پنھنجين تقريرن توڙي تحريرن ۾ ٻنھي جي مخالفت ڪندو ھو. ھن ذوالفقار علي ڀٽي جي مٿان بھ سخت تنقيد ڪئي ۽ ھن سائين جي ايم سيد جي مٿان بھ ڪڏھن ھلڪو ھٿ نھ رکيو. اھڙي طرح اسان کي سنڌ جي سياست ۾ اھي ٽي وڏا ماڻھو نظر آيا ۽ اسان اھو بھ ڏٺو تھ ھو ٽيئي ھڪ ٻئي جا سياسي طور تي مخالف ھئا. جيتوڻيڪ انھن جو دور بھ ساڳيو ھو ۽ انھن جي ڌرتي بھ ساڳي ھئي ۽ ھو ساڳي سنڌي ٻولي ڳالھائيندا ھئا پر انھن جي وچ ۾ ڪڏھن بھ ڪو سمھجھوتو ٿي نھ سگھيو ۽ نھ وري اسان کي ڪڏھن ان جو ڪو امڪان نظر آيو. ڇو تھ انھن جون واٽون ۽ انھن جون سياسي راھون الڳ الڳ ھيون ۽ انھن ڪڏھن بھ ھڪ ٻئي اسان اتفاق نھ ڪيو ۽ انھن جي وچ ۾ جيڪو اختلاف ھو، ان کي گھٽائڻ جي ڪوشش بھ ڪئي وئي ۽ اھو بھ چيو ويو تھ انھن جي قوم ھڪ آھي ۽ انھن جي ڌرتي ھڪ آھي، ان ڪري انھن کي اتحاد ۽ ايڪو ڪرڻ گھرجي پر اسان کي ان قسم جي ھر ڪوشش ناڪام ٿيندي نظر آئي ۽ اسان کي مجموعي طور تي معلوم ٿيو تھ انھن جي وچ ۾ سمجھوتي جو ڪو بھ امڪان موجود ناھي ۽ ان اتحاد جي امڪان کي وڌيڪ وڌائڻ جي ھاڻي تھ ڪا ڪوشش بھ ڪا نھ ٿي رھي آھي. اھڙي ڪوشش جو ھاڻي ڪو فائدو بھ ناھي. ڇو تھ پنھنجي حياتيءَ ۾ بھ ھو ھڪ ٿي نھ سگھيا تھ ھاڻي ھو ھڪ ڪيئن ٿيندا؟ ھاڻي تھ انھن جي سياست ھڪ ٻئي کان گھڻو دور نڪري وئي آھي ۽ اسان ان کي ڪنھن بھ ھنڌ تي ملندي نھ ٿا ڏسون پر پوءِ بھ اسان کي ان مھل محسوس ٿئي ٿي تھ ھو پاڻ ۾ ملي رھيا آھن، جڏھن اسان انھن کي ساڳي مھيني ۾ جنم جون مبارڪون ملنديون ڏسون ٿا. اسان سوشل ميڊيا تي سنڌ جي انھن ٽن مک سياسي ماڻھن جا جنم ڏينھن ڏٺاسين ۽ انھن کي اسان پنھنجي پنھنجي علم ۽ عقل آھر ڀيٽا بھ پيش ڪئي. پر ان ڳالھھ تي اسان کي عجب محسوس ٿي رھيو آھي تھ سنڌ جي سياست جا اھي ٽي مک ڪردار ڪھڙي ريت ھڪ ٻئي کان اختلاف رکڻ جي باوجود بھ جنوريءَ جي سرد ۽ ساڳي مھيني ۾ پيدا ٿيا ۽ انھن جو جنم سنڌ جي لاءِ سياسي سگھھ جو سبب ٿيو.