ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اٽو کائڻ بدران مني بجيٽ ھضم ڪيو!

Editorial-Article-Dastgir Bhatti

گذريل ٻن مهينن کان معاشي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ لاءِ پي ڊي ايم حڪومت جي ڪيل فيصلي بابت جيڪا خبر اخبارن توڙي سوشل ميڊيا تي بار بار ايندي هئي، شھباز شريف جا ترجمان ھر ڀيري انھن چؤٻولن کي بي بنياد چئي رد ڪري ڇڏيندا هئا. ڪارڻ رڳو اھو ته مھانگائي جي پھاڙ ھيٺان اڳ ۾ ئي دٻيل خدا جي خلق ڪٿي رستن تي نڪري حڪومت کي ڊاهڻ لاءِ عمران خان ڏانهن واجهائڻ نه لڳي جنهن اڳ ۾ ئي موجودہ وفاقي حڪومت لاءِ ڪيترا ئي چئلينج پيدا ڪري ڇڏيا آهن. بھرحال جمعي تي ھڪ وڏي اردو اخبار شهه سرخيءَ سان ھن فيصلي جا تفصيل ڇاپي ڇڏيا آهن جيڪي ھن ريت آھن:
“شھباز شريف سرڪار ماڻهن جي کيسن منجهان وڌيڪ 200 ارب رپيا اوڳاڙڻ واسطي خميس تي ھڪ آن لائين گڏجاڻيءَ ۾ سمورين 13 اتحادي جماعتن جي اڳواڻن سان ساڍا ٽي ڪلاڪ صلاح مصلحت کان پوءِ طئي ڪري ورتو آهي ته آئي ايم ايف جي شرطن کي مڃڻ بنا حڪومت جو ڪار وهنوار هلائي نه ٿو سگهجي.”
تنهن ڪري ھڪ عدد مني بجيٽ آڻڻ اڻٽر ٿي ويو آهي. انھيءَ مني بجيٽ ۾ في الحال بجليءَ جو في يونٽ چار روپيا ۽ ڪجھه ھفتن بعد ساڍا چار روپيا مھانگو ڪرڻو پوندو ته جيئن گردشي قرض جي 1100 اربن مان 850 ارب رپيا واپس ڪري سگھجن ٿا. مني بجيٽ ۾ ئي گھرن توڙي ڪارخانن ۽ ھوٽلن ۾ استعمال ٿيندڙ قدرتي گئس جي اگھه ۾ پڻ واڌ ڪرڻي پوندي. ھن آن لائين گڏجاڻيءَ ۾ پنھنجي راءِ ڏيندي خزاني جي مملڪتي وزير مسز عائشه غوث چيو ته اسان جو 33 سيڪڙو پرڏيهي ناڻو پيٽروليم وارين شين کي ٻاھران گھرائڻ تي خرچ ٿيو وڃي. ماڻهن کي ڪيترا ڀيرا سمجهايو آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل گھٽ استعمال ڪريو پر ھو گھٽائين ئي نه پيا. لڳي ٿو ته هنن مھانگائي مان ڪوبه سبق نه پرايو آهي. عائشه غوث اھي لفظ به چيا ته اسان جو ملڪ ھڪڙي معاشي طوفان جي وڪڙ ۾ ڦاٿل آهي جنهن مان نڪري پار ٿيڻ لاءِ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ جي شرطن تي عمل ڪرڻ لازمي ٿي پيو آهي. ٻاھران آيل سامان سان ڀريل سامونڊي ٻيڙن مان مال لاھڻ واسطي گهربل پرڏيهي ناڻو يعني ڊالر قومي خزاني ۾ نه آهن. سڀني کي ڄاڻ آهي ته ڊالر جو اگهه ڪير پيو وڌائي. سٽي بازي ڪندڙن خلاف قدم کڻڻ نھايت ضروري آهي. بھرحال ھن اھا اميد به ڏيکاري ته عالمي بينڪ وٽان 110 ڪروڙ ڊالر ملڻ کان پوءِ پاڪستان ڏيوالپڻي کان بچي سگهي ٿو.
انھيءَ مامري ڏانهن رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال ڪلھه پنهنجي تقرير ۾ چيو ته “وڏن ماڻهن ڊالر خريد ڪري پاڻ وٽ لڪائي رکيا آهن. جيڪڏھن ھو پنھنجو لڪايل پرڏيهي ناڻو قومي جذبي سان اڄ به ٻاهر ڪڍن ته اسان کي امداد گھرڻ لاءِ آئي ايم ايف ڏانهن نه وڃڻو پوندو. اسان جا مسڪين وطن واسي اڄ تڙپي دانھون ڪري رهيا آهن پر سٽي بازن جي من ۾ ذرو به رحم نه آهي. کين گھرجي ته تھخانن ۾ محفوظ ڪيل ڊالر ڪڍي مارڪيٽ ۾ آڻين”
آئون وفاقي وزير جي انھيءَ راءِ سان گھڻي ڀاڱي سھمت آهيان پر مون کي سندس انھيءَ اڌوري سچ تي ڪجھه اعتراض به آهن. ھو ۽ سندس حڪومت توڙي وزير اعظم شھباز شريف ڪھڙي ڪارڻ اھڙن عوام دشمن سٽي بازن جا نالا ظاهر نه پيا ڪن ۽ ڇو نه ٿا قانون جي لتاڙ ڪندڙ اھڙن حرامخور ٺڳن کي وطن دشمن ڊڪليئر ڪري کين جيلن ۾ بند ڪن؟ حڪومت جي اصل ذميواري اھا آھي يا سنڌ ۽ بلوچستان جي اھڙن شاگردن،شاگردياڻين ۽ قومي ڪارڪنن کي کنڀي غائب ڪرڻ سان گڏوگڏ گوادر کان سن تائين ٿيندڙ پرامن جلسن مٿان فائرنگ ۽ تشدد ڪري، انساني حقن ۽ اظهار جي آزاديءَ تي وار ڪرڻ آهي؟ شھباز شريف سرڪار يا سنڌ حڪومت کي ڪھڙي قانون اھو اختيار ڏنو آهي ته پرامن ميڙاڪن تي پوليس ۽ رينجرس کان چڙھائي ڪرائي ماڻهن جي آئيني جمھوري حقن کي بلڊوز ڪري ڇڏين؟ پي ڊي ايم خاص طرح پ پ حڪومت جي واکاڻ ڪندڙ ليکڪن مان ڪوبه ھڪڙو ھمت ڪري مون کي منهنجي ھن سوال جو جواب ڏيندو؟ سياسي اڳواڻن کي کڻي ڇڏيو جيڪي اسٽيبلشمينٽ جي ساڳئي ئي حمام ۾ تڙ ڪندا رهندا آهن. اوھان پنهنجي پاڻ سچو تجزيو ڪندڙ سڏيو ٿا ته پوءِ ڇو نه پيا انھن حڪمرانن کي اڄوڪي معاشي بدحاليءَ جو ذميوار قرار ڏيو جن ٽيھن سالن تائين واري واري سان ملڪ تي بدترين راڄ مڙھي رڳو پنهنجن کنڊ جي ڪارخانن، اسٽيل ملز، پيٽرول پمپس، دبئي کان لنڊن ۽ نيويارڪ کان پيرس تائين پرڏيهه ۾ اربين ڊالرن جون ملڪيتون ۽ محل ماڙيون اڏي عوام کي پنڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي؟ ڇا ھي اقتصادي بربادي رڳو اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پوڻن چئن سالن ۾ آئي آهي يا تباھي جو بنياد وجهندڙ ڌن دولت جي پوڄاري سرمائيدار، ڪارخانيدار ۽ جاگيردار حاڪمن وڌو آهي؟
سوويت يونين پاران ستر سال اڳ دوستي لاءِ وڌايل ھٿ کي پٺي ڏيکاري ڪھڙو وزير اعظم ست سمونڊ پار ڪري وڃي آمريڪي سامراج جي جھوليءَ ۾ ويٺو ۽ ملڪ کي عالمي سامراج جي ڏاوڻن ۽ نيئرن ۾ قيد ڪري ڇڏيائين؟
اڄ به موجودہ حڪومت روس کان سستو تيل وٺڻ لاءِ جاکوڙ ڪري پيئي. جيڪڏهن عمران خان اھڙو ٺاھه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته آمريڪا ۽ ان جي ساٿارين کي ڪاوڙ ڇو لڳي؟ يا يوڪرين تي روسي قبضو ختم ٿي ويو آهي يا عالمي سامراج پنھنجن پاڪستاني مھرن تي مھربان ٿي رهيو آهي؟ احسن اقبال جيڪڏهن پورو سچ ڳالهائي ھا ته سڀ کان پهرين پنهنجي ليڊر ۽ مسلم ليگ جي جلاوطن اڳواڻ ميان نواز شريف ۽ سندس ٻنھي پٽن کي چوي ھا ته لنڊن، سعودي عرب ۽ قطر ۾ خريد ڪيل محلات وڪڻي ڊالر پاڪستان حڪومت حوالي ڪريو ته جيئن اوهان جو ڀاءُ وزير اعظم شھباز شريف مھانگائي جو ھڪڙو ٻيو ھٿيار مسڪين ماڻهن جو پيٽ وڍڻ لاءِ استعمال نه ڪري ۽ عوام جون پٽون ۽ پاراتا وصول ڪرڻ کان بچي سگهي. ان کان پوءِ پنهنجي اتحادي پارٽين جي اڳواڻن آصف زرداريءَ ، مولانا فضل الرحمان ۽ مولانا طارق جميل توڙي مولانا بنوري جي فارين ڪرنسي بئنڪ اڪائونٽس ۾ اصلي ۽ نقلي نالن ذريعي لڪايل ڪروڙين ڊالر ملڪ کي ڏيوالي کان بچائڻ خاطر قربان ڪرڻ جي صلاح ڏئي. رڳو سياسي اڳواڻ، مذهبي دولتمند نه پر پرڏيھه ۾ جديد ٻيٽن تي عياشيءَ سان رهندڙ جنرلن ۽ ڪرنلن کي به چوي ته غريب عوام جا لٽيل خزانا قومي خزاني ۾ جمع ڪرايو ۽ ثابت ڪريو ته اوھان کي پنھنجي وطن سان حقيقي حب آهي!
ايئن ھرگز ڪونه ڪندو ڇاڪاڻ احسن اقبال ۽ سندس ليڊر اسٽيبلشمينٽ سان ھٿ چراند کان توبه گيسي ڪري چڪا آهن ۽ لولي لنگڙي جمهوريت جا وارث بڻجي غريب مسڪين ماڻهن کي ئي جمھوريت کان نفرت ڪرڻ سيکاري رهيا آهن. آئون عمران خان تي سنڌ ورهائڻ جي تنقيد ڪندڙن کان پڇڻ جو حق رکان ٿو ته ڇا ايم ڪيو ايم کي ٻٽو نظام تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ ڏنو ويو ھو؟ ڇا پ پ وارا ايم ڪيو ايم توڙي جماعت اسلامي کي ڪراچي شھر جا ٻه اڌ ڪَري ھڪ بجاءِ ٻن ميئرن لاءِ واٽ نه پيا ھموار ڪن؟ زرداريءَ کي ڪھڙي آئين يا قانون اھو اختيار ڏنو آهي ته ھو رڳو اقتدار خاطر سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ کي ٻن ٽڪرن ۾ ورهائي ڇڏي؟ اڃا به گهڻا ئي سوال سنڌ جي نام نهاد دانشورن کان پڇڻ گھران ٿو ته ٻڌايو ته سنڌ جون زمينون وڪڻڻ جو اختيار آصف زرداريءَ کي ڪھڙي قانون ڏيئي ڇڏيو آهي؟ ڇا سنڌين جي قومي امانت يعني سنڌ جي زمينن عيوض بلڊر مافيا کان پئسا صوبائي بورڊ آف روينيو کي وصول ڪرڻ گهرجن ھا يا سپريم ڪورٽ جي ججن جو ڪم ھو ته اربن روپين جي اھا چوري پڪڙي، بلڊر مافيا کان پئسا وصول ڪري؟ ڇا سنڌ جي فطري سونهن ڪارونجهر جبل کي وڍي ڪٽي گرينائيٽ جھڙو قيمتي پٿر ڪڍي وڪڻڻ قانوني ڪم آهي ڇا؟ قومون پنهنجن تاريخي ۽ جاگرافيائي ورثن کي بچائڻ لاءِ اپاءَ وٺنديون آهن يا انھن جي وجود تي وار ڪري ايندڙ نسلن کي سندن شاندار ورثي کان محروم ڪري ڇڏينديون آهن؟
اڃا به وڏو اھم سوال ھي آهي ته ڇا عمران خان پنهنجي حڪومت واري زماني ۾ ھڪڙو به کنڊ جو ڪارخانو، ڪا اسٽيل مل يا پيٽرول پمپ لڳايا؟ ڇا ھن ڪي ٻنيون ٻارا خريد ڪري آبپاشيءَ جي پاڻيءَ تي پنهنجي مونوپولي يا ھڪ ھٽي قائم ڪئي جيئن اسان جي ھاڻوڪن حاڪمن ڪري ڇڏي آهي؟ اسان سنڌين سان سڀ کان گھڻا ظلم ته سنڌي حڪمرانن ڪيا آهن خاص ڪري زراعت ڪرڻ وسيلي! ڇو ڪمند جي ڪارخانن جا ھي مالڪ ھر مھيني ڏيڍ بعد کنڊ جي اگھن ۾ ناجائز واڌارو ڪري غريبن جا کيسا خالي ڪن؟ آڪٽوبر ۾ چمنيون ٻاري ڪمند جي پيڙائي شروع ڪرڻ بدران ڊسمبر جي پڇاڙي تائين آبادگارن جو ڪمند سڪائي ان جو وزن ڇو ٿا گھٽائين؟ ڪمند جو سرڪاري طور مقرر ڪيل اگھه ڏيڻ بجاءِ پنهنجي مرضيءَ مطابق اگھه ڪھڙي قانون تحت مقرر ڪري ڇڏيندا آهن؟
اھا ڪھڙي انسانيت آهي ته جنهن مند ۾ ھارين ۽ آبادگارن کي فصلن واسطي پاڻيءَ جي گھرج ھجي ته پ پ جا وڏيرا، سردار ۽ زميندار غريبن جو پاڻي به چوري ڪري وٺن ۽ جڏھن وڏڦڙن وسڪارن سبب يا سنڌونديءَ ۾ سيلاب اچي ته پنهنجين ٻنين ۽ ڳوٺن کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ ٻوڏ جو پاڻي سرڪاري مشينري ذريعي ننڍڙن آبادگارن ۽ ھارين نارين جي ٻنين ڏانهن ڌڪيو وڃي؟ ٻوڏ سٽيل لکين ماڻهو اڄ تائين تنبو يا جھوپڙين اندر سياري جي مند ۾ رت ڄمائيندڙ سي ۾ سڙن پيا ۽ وٽن نه سوڙ آهي نه گبرو! دنيا جي ملڪن ۾ دانھن پئجي ويئي آهي ته پاڪستان جي حڪمرانن کي جنھن مقصد لاءِ پئسا ڏيون ٿا اتي خرچ نه ٿا ڪن! سعودي عرب جھڙي ھر ڏکيءَ مهل تي واھر ڪندڙ شاھي ملڪ جي خزاني واري وزير محمد الجدعان سوئٽزرلينڊ ۾ ھلندڙ ڊيواس سربراهي ڪانفرنس ۾ اعلان ڪري ڇڏيو آھي ته پاڪستان کي آئيندي بنا شرطن جي قرض يا امداد نه ڏينداسين. اڃا به جيڪڏهن ڪي دانشور سمجھن ٿا ته معاشي ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ ۽ مني بجيٽ جي وڄ ڪرڻ کان پوءِ فيبروري ڌاري اسان معاشي ڏيوالپڻي جو شڪار نه ٿينداسين ته اھي ڀليل آهن. جڏهن سرمائيدار حاڪمن مان ڪوبه ھڪڙو قرباني ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي ته پوءِ اسان جي سوچ سچي ثابت ٿيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اسان کي اھا سرمائيدارن ۽ سامراج خلاف ستيءَ ۾ مليل سوچ آهي.
اسان ماڻھو جن جي ستيءَ ۾ سامراجي قوتن جي زوريءَ مڙهيل سرمائيداري سرشتي خلاف نفرت اوتيل آهي سي اھا حقيقت سمجهي سگهون ٿا ته پاڪستان توڙي ٻين تمام گهڻن مسلمان ملڪن مٿان آمريڪا، يورپ، سندن عالمي بينڪون ۽ ٻيا سامراجي ادارا جڏهن پنهنجا ڳرا ۽ ڏکيا شرط لاڳو ڪندا آهن ته پاڪستان جا دولتمند حاڪم انھن شرطن کي قبول ڪري ڪروڙين غريبن مٿان مھانگائي ۽ بيروزگاريءَ جون وڄون ڇو وسائيندا آهن؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button