“اڃان وري اڳتي زمينن جي معاوضي جو جيتري قدر معاملو آھي، تنھن ۾ به اسان سان بيحد ناانصافيون جاري آھن. جنھن ۾ ھڪ ته اسان جي زمينن جو اگهھ پنھنجي مرضي ھلائيندي تمام ٿورو مقرر ڪيو اٿن ۽ ٻيو اھڙو نالي ماتر ئي سھي پر پورو معاوضو به تمام ٿورڙن ماڻھن کي ملي سگھيو آھي. جڏھن ته اڪثريت کي جيڪا معاوضي جي پھرين قسط ملي سا ملي، جنھن کان پوءِ يڪي بس. پھرين قسط ڏيڻ کان پوءِ باقي رھيل رقم ۾ جيڪا غيرواجبي دير ڪئي پئي وڃي تنھن جو ھاڃيڪار اثر اھو پيو آھي جو جن ماڻھن کي ٿوري گھڻي پھرين قسط ملي ھئي سا ٽڪو پئسو ٿي وئي ۽ ڪنھن به ڪم جي ڪانه رھي. ان کان سواءِ ھڪ ٻيو انتھائي اھم مسئلو ڪمپنين سان ريوينيو کاتي وارن جي اھا ملي ڀڳت آھي، جنھن ۾ ماڻھن کي پنھنجين زمينن جو مڪمل رڪارڊ ڏنو ئي نٿو وڃي.
ھائو سائين!! اسين اھي متاثر ٿرواسي آھيون، جن کي اھو آسرو ڏنو ويو ھو ته ڪوئلي واري رٿا عمل ھيٺ اچڻ سان ئي مقامي ماڻھن کي بي بھا روزگار جا موقعا ملندا ۽ ھر پاسي خوشحالي ايندي پر ٿر ۾ ڪوئلي واري رٿا ته ضرور عمل ھيٺ اچي چڪي پر اسان جو اڄ جو حال اھو آھي جو نه اسان کي ڪمپنين ۾ گھربل روزگار جو حق مليو، نه اسان وٽ زمينون رھيون جو اسين ڪنھن پوکي راھي وسيلي پنھنجو گُذر سفر ڪري سگھون ۽ نه ڪوئلي واري علائقي ۾ اسان جا ڳوٺ رھيا. ھاڻ اسان جو اھو حال آھي جو ٻنيون ٻارا ۽ گئوچر کسجي وڃڻ کان پوءِ اسين بُک ۾ پنھنجا اھي وَھٽ وڪڻڻ تي مجبور آھيون، جيڪي اسان کي پنھنجن ٻچن جيان مِٺا رھيا آھن. نوڪرين جو جيتري قدر تعلق آھي ته اھي سڀ ٻاھران آيل ماڻھن کي ڏنيون ويون ۽ جي ڪنھن ٿرواسي کي ڪا اڀري سڀري پٽيوالي يا چوڪيداري قسمت سان ڏني به وئي ته ان کي ڪچو ڪري رکندا ۽ ڪجھه مھينن کان پوءِ اھو ملازم وري ساڳيو بيروزگار ۽ بُک بدحالي جو شڪار.
ان سان گڏ اهو به واضح ڪندا هلون ته ڪوئلي جي کوٽائي ۽ ٿرمل پاور پلانٽس جي نتيجي ۾ اسين ٿرواسي نه رڳو بي گھر ۽ بيروزگار ٿيا آھيون پر اسان جي ٿر ۾ چوڌار اھا ماحولياتي گدلاڻ پڻ گھيرو ڪرڻ لڳي آھي، جنھن جو صاف سُٿرين ڀِٽن ۾ وسندڙ اسان ٿرواسين ڪڏھن تصور به نه ڪيو ھو پر ھاڻ اھڙي گدلاڻ جي نتيجي ۾ ھتان جي حياتي مختلف رُخن ۾ متاثر ٿيڻ لڳي آھي ۽ عام صحت جا مسئلا تمام گھڻو وڌي ويا آھن. ٻيو سائين توھان کي اھو به ٻڌائيندا ھلون ته اسان سان پاڻي جي حوالي سان به ڪمپنين جيڪي ڪلور ڪيا آھن، سي سچ به ته سُڻائڻ کان چڙھيل آھن. اھو ھيئن ته ٿر ۾ پاڻي جيئن ته تمام ٿورو آھي، تنھنڪري جنھن به ڪُنڊ ۾ جيڪا لپ ملي ٿي، تنھن جي ڪا قيمت ئي ڪانھي. پر ھاڻ ٿيو ڇاھي جو ڪوئلي وارين ڪمپنين اسان کان اھو واحد قدرتي وسيلو به کسي ورتو آھي. ڇاڪاڻ جو ڪوئلي واري رٿا ۾ پاڻي جنھن غيرمعمولي مقدار ۾ استعمال ٿئي ٿو، تنھن جي پورت ڪرڻ لاءِ ڪمپنيون ٿر جي جَر مان تمام گھڻو پاڻي ڇِڪي ڪڍن ٿيون ۽ ان جي نتيجي ۾ جَر جو پاڻي تمام گھڻو ھيٺ لھي وڃڻ ڪري کاڻين جي ڀر وارن ڳوٺن جا ڪيترائي کوهه سُڪي ويا آھن. ساڳي ريت پاور پلانٽس کي ھلائڻ لاءِ نارا ڪئنال مان وڏي مقدار ۾ جيڪو صاف مِٺو پاڻي کڻي نبي سر ۽ ويجيھار واري رستي سان ڪول فيلڊ تائين پھچايو پيو وڃي، تنھن سان نارا ڪئنال تي آڌاريل اُتان جي مقامي آبادگارن جو پڻ حق پائمال ٿي رھيو آھي ۽ اسين اھو ڏُک به پنھنجو ڏُک سمجھون ٿا، جو اھي سڀ ويڌن ڪوئلي جي ڪري ئي جاري آھن. ھڪڙي پاسي اسان جو پاڻي کڻڻ وارو اھو ڏاڍ آھي ته ٻئي پاسي وري بجلي گھرن مان جيڪو بنا ذميواري جي ڇڙواڳ طريقي سان زھريلو پاڻي گوڙاڻو ۽ ڌڪڙچو ۾ ڊيمن جي نالي سان ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، تنھن سان ڊيمن جي ڀرپاسي واري ڳوٺن جون زمينون توڙي کوهه زھر سان ڀرجي ويا آھن. ڇاڪاڻ ته انھن ڊيمن جو اھڙو ڪوبه بندوبست ٿيل ناھي، جيڪو زھريلي پاڻي جي سيمي کي ٻي زمين ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي سگھي. تنھنڪري اتان زھريلو پاڻي لڳاتار سيمو ڪري ڀرپاسي وارين زمينن ۽ کوھن ۾ داخل ٿي رھيو آھي ۽ ڪيترائي مِٺا کوهه زھريلا ٿي ويا آھن ۽ اتان جي مقامي آبادي ۾ پيٽ جون بيماريون عام ٿي چڪيون آھن. انسانن کي متاثر ڪرڻ سان گڏ اھو زھريلو پاڻي اتان جي وڻ ٻوٽن کي به ساڙي رھيو آھي ۽ جانور پڻ اھڙو پاڻي پيئڻ سبب سَون جي تعداد ۾ مري چڪا آھن. سو اسين ٿرواسي جيڪي ڪوئلي واري ان رٿا جي سماجي، معاشي ۽ ماحولياتي ناڪاري اثرن جا سڌا سوان متاثر آھيون، تن کي ايشين ڊيولپمينٽ بينڪ پاران انرجي ٽرانزيشن ميڪينزم بابت ٿيندڙ اسٽڊي جي حوالي سان ڪافي ڳڻتي آھي، جنھن جو اظھار ھن خط وسيلي ڪندي، اسين ايشين ڊيولپمينٽ بينڪ آڏو پنھنجا ھيٺيان نقطا رکڻ لازمي سمجھون ٿا.
- اسين سمورا ٿر واسي اھو سمجھون ٿا ته انرجي ٽرانزيشن جو سوال سڌو سنئون ماحولياتي تبديلي ۽ ماحولياتي انصاف جو سوال آھي. سو انرجي ٽرانزيشن بابت ڪنھن به اسٽڊي يا ڪنھن رٿا ۾ ڪوئلي يا فاسل فيول تي ھلندڙ رٿا جي متاثرن جي شموليت ۽ راءِ انتھائي اھم ۽ لازمي آھي. ٿر ۾ ڪوئلي واري رٿا جي متاثرن جي شرڪت کان سواءِ اها اسٽڊي ماحولياتي انصاف خلاف ھوندي. تنھنڪري اسين اھو مطالبو ٿا ڪريون ته ان اسٽڊي ۾ اسان ٿر واسين کي شامل ڪندي، اسان جي راءِ کي اسٽڊي جو حصو بڻايو وڃي.
- ان اسٽڊي ۾ ٿرواسين جي اثرائتي شرڪت يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري آھي ته اسٽڊي سان لاڳاپيل سمورا ڪاغذ پٽ سنڌي ٻوليءَ ۾ سامھون آندا وڃن ۽ اسان سان ميٽنگن واري ٻولي پڻ سنڌي ھجي.
- ٿر ۾ ڪوئلي جي کوٽائي اسان جي سماجي، معاشي ۽ ماحولياتي مسئلن جو سڀ کان وڏو مسئلو آھي. اسان کي ان ڳالهھ تي ڳڻتي آھي ته ٿر ۾ ڪوئلي جي کوٽائي کي اي ٽي ايم تي ٿيندڙ ان اسٽڊي جي دائري کان ٻاھر رکيو ويو آھي. اسين مطالبو ٿا ڪريون ته ٿر ۾ جاري ڪوئلي جي کوٽائي کي اسٽڊي ۾ شامل ڪيو وڃي.
- انهن سمورن مسئلن سان گڏ جيڪو انساني ۽ عورتن جي حقن جي حوالي سان انتهائي ڏکوئيندڙ مسئلو آهي، سو ٿري عورت جي زندگي ۾ آيل اهو اوچتو ناڪاري ڦيرو آهي، جنهن جا ٿريچن جي گهريلو زندگي توڙي روزگار جي حوالي سان انتهائي افسوسناڪ اثر پيا آهن. اصل ۾ ٿر اندر ڪوئلي واري رٿا کان اول ٿر جي عورت پنهنجي زندگي جي وهنوار ۾ مڪمل محفوظ ۽ وڏي حد تائين خودمختيار هوندي هئي. عورتون پنهنجي ٻني ٻاري جي ڪم ڪار کان ويندي مال چارڻ ۽ کوهن تان پاڻي ڀرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنديون هيون پر ڪوئلي واري رٿا عمل هيٺ اچڻ کان پوءِ ٻاهران آيل اوپرن ماڻهن جي وڏي اڪثريتي اچ وڃ سبب ٿري عورت عدم تحفظ جو شڪار بڻجي گهرن تائين محدود ٿي وئي آهي. نتيجي ۾ عورتن جي حصي واري ڪم ڪار جو ٻوجھه مردن سان گڏ ٻارڙن تي گهڻو پيو آهي. ان سان گڏ وڌندڙ ماحولياتي گدلاڻ جا عورتن جي صحت تي پڻ ڪافي ناڪاري اثر پيا آهن، جنهن ۾ خاص طور تي ڳورهاريون عورتون وڌيڪ متاثر ٿيون آهن. تنهنڪري ان اسٽڊي ۾ عورتن واري معاملي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي گهرج آهي.
اسين اميد ڪريون ٿا ته اسان جي انھن جائز قانوني مطالبن تي سنجيدگي سان ويچاريو ويندو ته جيئن اسان سان ڪو انصاف ٿي سگهي.” (پورو ٿيو)