ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حڪمرانن جا سخت فيصلا ۽ نظرانداز ٿيندڙ عوام

ملڪ ۾ ھاڻي نيون ڳالهيون گردش ڪري رهيون آھن ته موجوده حالتن ۾ حڪومت مني بجيٽ پيش ڪرڻ سميت سخت فيصلا ڪرڻ بابت ويچاري رهي آھي، جنهن جي ٻڌڻ سان عوام ۾ بي چيني ڦھلجي رهي آھي ته خدايا خير ڪجان، هاڻي وري ڪهڙا سخت فيصلا ورتا ويندا ۽ مني بجيٽ ۾ عوام مٿان ڪهڙا بم ڪيرايا ويندا؟
ڏٺو وڃي ته پاڪستان ۾ امير ڏينهون ڏينهن امير ۽ غريب ڏينهون ڏينهن غريب ٿيندو پيو وڃي. حڪمران معيشت جي ناڪامي ۽ نقصانن کي مڃڻ بدران ان جا بهانا ۽ جواز جواز ڄاڻائي ڏينهون ڏينهن مهانگائيءَ جا بم عوام مٿان ڪيرائي رهيا آھن ۽ مهانگائيءَ جي وزن سبب عوام جي چيلھه چٻي ٿي وئي آھي. حڪمران ۽ ان جا حمايتي اڃان عوام کي ڊيڄاري رهيا آھن ته سخت فيصلا ڪرڻا پوندا ۽ سياسي بيانيو اهو آھي ته اسان سياست بچائڻ نه ملڪ بچائڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
ڏٺو وڃي ته اهي سڀ جا سڀ خيالي پلاهه آھن. هتي نه ڪنهن کي ملڪ سان محبت آھي نه ئي سياست ۽ جمهوريت سان هتي هر ڪنهن کي پنهنجي بئنڪ بيلنس، اثاثن سان محبت آھي ۽ اهو ئي ورد انهن جي دلين ۽ پيل آھي جنهن سبب عوامي اهنج عوامي مسئلا عوامي حالتن کان واقف هوندي بي خبر ٿيا پيا آھن. حڪمرانن کي جيڪڏهن سخت فيصلا ڪرڻا آھن ته انهن کي گهرجي فيصلن واري توب جو رخ ٿورو مٽائين. ڇاڪاڻ ته عوام ڪافي قربانيون ڏنيون آھن ۽ اڃان به ڏئي پيو. عوام دال وٺي ته ان تي ٽيڪس ڏئي، اٽي تي ٽيڪس ڏئي، گيھه تي ٽيڪس ڏئي، کنڊ تي ٽيڪس ڏئي، پتي (چانهھ) تي ٽيڪس ڏئي، ڪولڊ ڊرنڪ تي ٽيڪس ادا ڪري، هاٽ ڊرنڪس تي ٽيڪس ڏئي، سگريٽ تي ٽيڪس ادا ڪري. ماچيس تي ٽيڪس ڀري، هوميوپيٿي يا ايلوپيٿي دوا وٺي ان تي ٽيڪس ادا ڪري. بجليءَ جي بل تي ٽيڪس ڏئي گئس جي بل ٽي ٽيڪس وصوليو وڃي ٿو. بجليءَ جي بل تي ودهولڊنگ ٽيڪس، ايڪسائيز ٽيڪس، جنرل سيلز ٽيڪس، ٽيليوزن هجي چاهي نه هجي ان تي به ٽيڪس، ٽافي تي ٽيڪس، سفر دوران ٽيڪس، ٽڪيٽ تي ٽيڪس، ٽول ٽيڪس، پيٽروليم اسمن تي ڳرا ڳرا ٽيڪس ادا ڪندڙ محب وطن عوام تي اڃان ڪيترا بار وجهڻ جا سانبها ڪيا پيا وڃن. اهو اسان لاءِ ڳڻتي جو لمحو آهي ته عوام پاران ادا ڪيل ايڏا ڳنڀير ٽيڪس آخر ڪيڏانهن ٿا وڃن؟
روزاني بنيادن تي بلڪه ائين چئجي ته هر منٽ تي ٽيڪس ادا ڪندڙ عوام جو ڏنل ٽيڪس جو پئسو ڪيڏانهن ٿو وڃي؟ ان جو حساب ڪتاب ڪنهن وٽ آھي ۽ حساب ڪتاب ڪير ڏيندو ۽ ڪير ڪندو؟ ۽ جيڪو ٽيڪس عوام کان وصوليو وڃي ٿو، اهو ڪٿي ڪٿي ۽ ڪيئن ڪيئن استعمال ڪرڻو آهي؟
مسڪين، غريب ۽ پورھيت طبقي جو حال اھو ئي آھي جو وٽس پيئڻ لاءِ صاف ۽ پاڪ پاڻي ناھي ۽ نه ئي وري کائڻ لاءِ ماني ڳڀو آھي. هونئن ته پاڪستاني عوام کوڙ سارن مسئلن ۽ چيلينجز کي منهن ڏئي رهيو آھي پر اسان جي خوشحال ۽ مالدار سنڌ جو عوام ته گهڻو ڀوڳي رهيو آھي. چي گويرا جي چوڻي آھي ته “جنھن قوم کي تاريخ سان دلچسپي نه ھجي ان جو حافظو ڪمزور ۽ مزاج جذباتي ھوندو آھي. اھو ئي سبب هوندو آھي جو اهي پنھنجي اڳواڻ جي چونڊ ۾ گهڻو ڪري دوکو کائيندا آھن.” اسان جي قوم جو حال به شايد اھڙو ئي آھي جنھن جي نتيجي ۾ اڄ قوم کي بدحال ڏينھن ڏسڻا پئجي رھيا آھن ۽ ملڪ ڏيوالي ڏانهن وڌي رهيو آھي.
هن ملڪ ۾ سڀ کان وڏو ڏڪار ته قانون جو آھي ۽ قانون جي ڪا رٽ نظر نه پئي اچي جنھن سبب هرڪو من مانيون ڪري رهيو آھي ۽ ڪو موقعو هٿن مان نه پيو وڃڻ ڏئي.
عوام مان ھاڻي برداشت جو مادو ختم ٿيندو پيو وڃي، جنهن سبب ڏينهون ڏينهن اخبارن ۾ اهي خبرون شايع ٿي رهيون آھن ته فلاڻي شھر ۾ بيروزگاري ۽ مهانگائيءَ کان تنگ اچي ٽن ٻارن جي والد زهر پي يا ڦاهو کائي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو ۽ انهن خودڪشين ۽ آپگهاتي واقعن جا ڪارڻ ڇو اڀري رهيا آھن ۽ اهڙن واقعن جا ذميوار آخر ڪير آھن؟
جيڪڏهن واقعي حڪمرانن کي ملڪ جي مٽيءَ سان جمهوريت سان ۽ عوام سان ٿورو به لڳاءُ آھي ته چونڊيل نمائندن، پارليامينٽرين، اعليٰ عملدارن مطلب چونڊيل نمائندن ۽ اعليٰ عهدن تي ويٺل ڪامورن کي ڏنل رڳو مراعتون واپس به نه ورتيون وڃن فقط انهن تي ٿيندڙ پيٽروليم اسمن، بجليءَ جي بلن، گئس جي بلن سميت مليل مراعتن کي گهٽ ڪيو وڃي، تڏهن به ملڪ ۾ وڌيل مهانگائيءَ ۾ ڪافي حد تائين ڪمي اچي سگهي ٿي. رياست ھر سال اربين روپين جون مراعتون انهن کي ڏئي ٿي. جيڪڏھن رڳو انھن سھولتن کي واپس ورتو وڃي ته پاڪستان مان غربت جو ڪافي حد تائين خاتمو آڻي سگھجي ٿو. صوبائي وزيرن کان صلاحڪارن ۽ سيڪشن آفيسرن تائين کين ملندڙ رڳو پيٽرول جو ئي اندازو لڳايو وڃي ته الائي ڪيترو پيسو بچندو، جيڪو غريبن کي سھولتون ۽ بنيادي گھرجون پورو ڪرڻ ۾ ڪم اچي سگھي ٿو ته پوءِ اھڙيون ٻيون نه ڄاڻ ڪيتريون ۽ ڪنھن ڪنھن کي ملندڙ مراعتون آھن ۽ ھونديون، جن کي واپس وٺي پيسو عوام تي خرچ ڪيو وڃي ته عوام خوشحال ٿي ويندو.
سنڌ اندر موجوده صورتحال ۾ اٽو اڻلڀ ٿي ويو آھي ۽ اھو ڏھاڙيدار، مسڪين، غريب، ھاري، پورھيت خريد ڪري ئي نه ٿو سگهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ ڪو به چيڪ اينڊ بيلنس ناھي. ھر ھڪ اٽي چڪي فلور ملز ۽ دڪاندار الڳ الڳ ريٽ مقرر ڪري ڇڏيا آھن، جنهن سبب ھيٺيون طبقو خريداري ئي نٿو ڪري سگهي. افسوس ان ڳالهھ جو آھي ته ھيءَ اُھا خوشحال سنڌ آھي جتي ماکي، مکڻ ۽ کير وڪڻڻ عيب سمجهيو ويندو ھو. اڄ ان سنڌ جي اھڙو ته حليو بگاڙيو ويو آھي جو ماڻهن پنهنجا ٻچا وڪڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آھن پر بک ۽ بدحاليءَ کان ھاڻي بيزار ٿي خودڪشون ڪري رهيا آھن.
عوام پاران روز مره جي ڏنل ٽيڪس کي صحيح نموني استعمال ڪيو وڃي ته آءِ ايم ايف جهڙي اداري کان قرض وٺڻ کان به بچي سگهجي ٿو ۽ حڪمران طبقي کي عوامي ڀلائي لاءِ اپاءَ وٺي عوام لاءِ سوچڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته هينئر مهانگائي برداشت ڪرڻ عوام جي وس کان ٻاهر آھي. روزمره جي زندگيءَ ۾ استعمال هيٺ ايندڙ شيون ڏينهون ڏينهن مهانگيون ٿينديون پيون وڃن ۽ عوام وٽ آمدني جا ذريعا گهٽ آھن. هڪ پاسي قدرتي آفتن جو سٽيل ۽ ٻئي پاسي حڪمرانن جي ناقص پاليسين جي ور چڙھيل عوام دانهين ته آخر ڪنهن در دانهين.
بند گهٽيءَ ۾ ڦاٿل عوام ايترو تنگ ٿي ويو آھي جو ڪيڏانهن وڃڻ به چاهي ٿو ته وڃي نه ٿو سگهي ۽ ڪو گس ڏسڻ ۾ نه پيو اچي ته منزل ڪهڙي پاسي آھي. هاڻي ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته حڪمرانن توڙي وس وارن کي گهرجي ته ٻين ملڪن کان جيڪا گذريل سال ٻوڏ دوران امداد ملي هئي، ان جي منصفاڻي ورڇ ڪري مستحقن تائين پهچائي وڃي ۽ جيڪي حڪمرانن کي شاهي خرچ طور مراعتون مليون آھن، رزاڪاراڻي طور واپس ڪري ملڪي ڀلائي لاءِ ڪتب آندايون وڃن ۽ عوام پاران ادا ڪيل ٽيڪس صحيح نموني استعمال هيٺ آندا وڃن. ائين ڪرڻ سان ملڪ ته خوشحال ٿي ويندو پر غربت جو به ڪافي حد تائين خاتمو اچي سگهي ٿو ۽ پاڪستان سرڪار کي آءِ ايم ايف جا شرط مڃڻ جي ضرورت ڪانه پوندي پر ان کان قرض به گهرڻ جي نوبت نه ايندي. جيڪڏهن حڪومت کي سخت فيصلا ڪرڻا آھن ته مهرباني ڪري هن ڀيري توبن جو رخ عوام کان ھٽائي عوام دوست فيصلا ڪيا وڃن ته جيئن ملڪ ۽ قوم جو آئيندو بهتر ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button