ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

هٿرادو ذهانت ۽ Chat GPT

انساني ذهانت جيڪا هزارين سالن کان پنهنجي ارتقائي مرحلن مان گذرندي پنهنجي وجود جي جنگ وڙهي پئي ۽ مستقبل ۾ پنھنجي وجود کي قائم رکڻ لاءِ هر طرح جي ڪوشش ڪندي. يووال نوح حراري پنهنجي سڀني ڪتابن ۾ ان خيال تي زور ڀري ٿو جنهن ۾ Homo Deus: A brief history of tomorrow and
Home sapiens: a brief history of yesterday
هي پاپولر سائنس جا ٻه اهم ڪتاب آهن، جيڪي هٿرادو ذهانت ۽ انسان جي موجوده حالتن ۽ ان جي شروعات، cognitive revolution کان ٿي جيڪو ستر هزار سال اڳ واقع ٿيو هو. هاڻي ان کان اڳ ڪهڙي صورتحال هئي؟ ان تي بحث ڪري سگهجي ٿو. پر انهن ستر سالن ۾ انسان پنهنجي جيئڻ جي جنگ پنهنجي پاڻ کي فطرت جي جبر کان بچائيندي، غالب جيوت کي پتڪڙي شعوري سگھه سان گذاريندي تهذيب جو در کڙڪائي ٿو.
تهذيب جو گهر گهڻو پراڻو ناهي جنهن کي ڏهه ھزار سال به مڪمل نه ٿيا آهن. ماهر بشريات يعني Anthropologists جيڪي مختلف ريتن رسمن، رھڻين ڪهڻين، مخلتف عقيدن ۽ ماڻهوءَ جي ماضي ۾ ڪهڙي صورتحال تي ڳالهائيندي ان ڳالهھ تي متفق ناهن ٿي سگهيا ته آخر انسان ان تهذيب جو در ڇو کوليو، جيڪا فطرت ۾ ته ڏسڻ ۾ نٿي اچي؟ پر نيٺ انساني ذهانت پنهنجي مشاهدن کي مضبوط ڪري انهي تهذيب کي بنا پورو ڪندي پاڻ جهڙي هٿرادو ذهانت تخليق ڪئي.
هٿرادو ذهانت پنهنجي پنهنجي جوڙيل لقاءُ ۾ اوسر ته ڪري پئي پر اها ڳنڀير به ٿيندي وڃي جنهن جا اڻ ڳڻيا مثال موجود آهن. ان کان اڳ اسان کي اهو سمجهڻو پوندو ته انساني شعور ڇا آهي؟ شعور جي ڪابه حتمي وصف ناهي. جيتوڻيڪ شعور اسان کي تڪليف، خوشي، سمجھه، ساڃاهه، ساٿ، ذميواري ۽ سماجي طور تي هڪ سياسي جانور جو درجو ڏي ٿو. بقول ارسطو جي ته “انسان هڪ سماجي جانور آهي.”
ان کي ڪهڙو محرڪ سماجي جانور ڪري ٿو؟ اهو قابل بحث آهي. ان کي احساس، جنهن کي اسين خيال ذريعي واضح ڪري سگهون ٿا ته انسان هڪ ٻئي جي تڪليف محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. پر ڇا جديد سماج اسان کان اها سگهه هڙپ ڪرڻ وارو آهي؟ ڇا مشينون اسان کي غلام ڪري اسان تي قابض ٿيڻ واريون آهن؟ ڇا اسان مشينن هيٺ مغلوب ٿي چڪا آهيون؟
تازو open AI مشهور سافٽ ويئر انجن هڪ Chat GPT نالي انساني طرز تي ڳالهيون ڪندڙ، نج اصلاحي انداز سان پيش ڪري ان کي ترتيب ڏيندڙ language module تيار ڪيو آهي، جنهن سان ڪهڙي موضوع تي ڳالهائي سگهجي ٿو. ايستائين اوهان ڪيترا ڏکيا سوال جنهن جا جواب ملڻ ناممڪن هجن يا اهي ڳالهيون جن جي باري ۾ سوچڻ ڪنهن مونجهاري کان گهٽ ناهي. ان تي به Chat GPT پنهنجو موقف رکڻ جي صلاحيت رکي ٿي.
گھڻ رخن موضوعن جي ماهرن پنهنجي تجربي ۾ اهو واضح اظهار ڪيو آهي. جنهن ۾ خاص طور تي فلسفي، نفسيات ۽ پاپولر سائنس جا شاگرد ۽ عالم انهن جڏهن Chat GPT سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ته اهي ته حيران ٿي ويا پر انهن جا خدشا ۽ اميدون به ڏسڻ ۾ آيون.
توهان Chat GPT سان ڳالهه ٻولهه ڪري، انساني پيڙا، زندگي، موت، بيماري، اهڙا سوال جيڪي پيچيده هجن، اهي سولي ٻوليءَ ۾ سمجهي سگهو ٿا. جن جا جواب هيل تائين موجود ناهن. انهن تي لاعلمي جو اظهار ڪندي Chat GPT ڪا به عار محسوس نٿي ڪري. يعني زندگيءَ جو مطلب، خدا جو وجود، زندگيءَ جي ابتدا، ڪائنات جو مقصد، انهن تي اها ڪو به پنهنجو موقف نٿي رکي تنهن هوندي به Chat GPT هڪ کان هڪ بهترين نظم لکي سگهي ٿي. مثال طور مون Chat GPT سان ڳالهه ٻولهه ڪندي شاعريءَ جي فرمائش ڪئي ته ان محبت تي بهترين نظم لکي ڏنو. اها ڪم ڪيئن ٿي ڪري، جيڪو نج سافٽ ويئر انجنيئرنگ جو سوال آهي. اها اسان تي ڪهڙا اثر ڇڏيندي. ماهرن مطابق هڪ هفتي Chat GPT جا يوزر هڪ ميلن کان وڌي ويا. جيڪو هٿرادو ذهانت جي تاريخ ۾ رڪارڊ آهي. Chat GPT جي شروعات 31 نومبر تي ٿي، جيڪا Open AI سافٽ ويئر ڪمپنيءَ جي بدولت قيام ۾ آئي. Open AI اٺ سال اڳ 2015ع ۾ مخصوص ماڻهن ٺاهي جنهن ۾ جڳ مشهور سوشل ميڊيا ڪمپني ٽوئٽر مالڪ Elon Musk ۽ انهي سال گڏ Ilya Sutskever, Wojciech Zaremba Greg Brockman, and Sam Altman ٽن سالن کان پوءِ يعني 2018ع فيبروري ۾ Elon Musk هٿ ڌوئي هڪ پاسي ٿيڻ جو ارادو ڪيو جنهن جو ڪارڻ سندس ڪمپني Tesla هئي. هن وقت Chat GPT جو سي اي او سيم الٽمن آهي. ان جو موقف اهو آهي ته Chat GPT جو بنيادي مقصد انسانيت جي خدمت آهي، جيڪا انسان سان ڳالهه ٻولهه ڪري ان کي ٻڌي. ان کي اطلاع ڏي، هر قسم جي ڄاڻ فراهم ڪندي انساني غلطين کي درست ڪري. يعني هڪ اهڙي Chat Bئ ot جيڪا غير جذباتي ٿي اوهان جي مواد سوالن کي ٻڌي ۽ جيڪڏهن اوهان ان کي ڳالهه ٻولهه دوران جا text based يا سکڻ جي رٿا ڪريو ته اها بنا ڪنهن تعصب جي جواب ڏي.
ٿلهي ليکي Open AI مطابق Chat GPT ۾ اها صلاحيت آهي، جيڪا توهان کي ويا ڪرڻ (گرائمر) ۽ صورتخطي جون غلطيون، ڪنهن تصور ۾ مغالطا، ڪنهن موضوع تي ڄاڻ گهٽ هجڻ جي ڪري ان کي آسانيءَ سان سمجهڻ ۾ مدد ڪندي. توهان کي ڪتاب جي صلاح ڏيندي. توهان جي Chat history جي بنياد تي اوهان کي فلمون، گانا به بنا ڪنهن ذاتي پسند جي ٻڌائيندي. مثال طور آئون نفسيات جو شاگرد آهيان. مون کي ناولن ۾ دلچسپي آهي. مون کي انساني نفسيات ۽ انساني فطرت تي بهتر کان بهترين ناولن جي صلاح وٺڻي هئي، جيڪا Chat GPT ڪجهه سيڪنڊن هڪ نه بلڪه ڪيترا ئي ناول Recommend ڪيا پر انهن کي ترتيب سان بهتر انداز ۾ سمجهايا.
جديد سماج ۾ ڪمرشلزم کان ڪا به ڪمپني يا نظام نٿو هلي سگهي. مستقبل ۾ Chat GPT جي سي اي او مطابق ته اهو پليٽ فارم ڪمرشل ٿي وڃي، جيڪو ڏيڍ مهيني ۾ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ واهپيدار ٺاهي چڪو آهي.
جيڪو نج Chating Robot آهي. انساني انداز ۾ ڳالهائي ٿو. هن کي GPT ان لاءِ چيو وڃي ٿو يعني Genarated pre-trained transformer جيڪو هڪ ئي وقت سمورن علمن جي ڄاڻ رکڻ جي صلاحيت رکي ۽ انهن کي ٻڌائي ٿو، ترتيب سان سمجهائي ٿو. هڪ ڄاڻ کي سمجهندي ٻي ڄاڻ کي فراهم ڪري ٿو. جيتوڻيڪ هن ۾ تعصب جا اهڃاڻ ملي سگهن ٿا پر Chat GPT هن وقت تائين پاڻ کي پاڻڀرو سمجهي ٿي ۽ اهو بيان ڏي ٿي ته “مون ۾ ڪنهن به قسم جا جذبا ناهن آئون جيڪو ڄاڻان ٿي، اهو ٻڌايان ٿي ۽ جنهن جو علم مون وٽ ناهي ان لاءِ معذرت ڪيان ٿي.”

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button