ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مڪاني چونڊن کانپوءِ ايم ڪيو ايم جون شڪايتون

ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيل مڪاني چونڊن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ۽ جماعت اسلامي وڌيڪ سيٽون کٽي مڪاني ادارن لاءِ پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪري ورتي آهي. ايم ڪيو ايم پاران مڪاني چونڊن جو بائيڪاٽ ڪرڻ جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽي شهري علائقن مان به ڪافي سيٽون کٽي ورتيون آهن. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ هن وقت پيپلز پارٽي پنهنجو ميئر آڻڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي آهي پر جماعت اسلامي ڪراچيءَ جي ميئرشپ لاءِ ڪوششُون ڪري رهي آهي، جنهن لاءِ اها پي ٽي آءِ سان اتحاد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. مڪاني ادارن جون چونڊون ڪرائڻ جو مقصد اهو هوندو آهي ته جيئن هيٺئين سطح تي ماڻهن کي جيڪي مسئلا پيش اچي رهيا آهن، اهي حل ٿي سگهن ۽ ان کان سواءِ نئين قيادت کي پڻ موقعو ڏجي ته جيئن اڳيان هلي اها عام چونڊن ۾ حصو وٺي سگهي ۽ مقامي سطح تي انهن ماڻهن کي سامهون آڻجي جيڪي اتان جي ماڻهن جا مسئلا حل ڪري سگهن. ايم ڪيو ايم مڪاني چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳايو پر اها ڪامياب نه ٿي سگهي. نتيجي ۾ پيپلز پارٽي شهري آباديءَ مان به ڪافي ووٽ کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي. ان کان پوءِ هاڻ ايم ڪيو ايم اهو چوڻ شروع ڪيو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي شهري علائقن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي ۽ شهري آبادي سان زيادتيون ٿي رهيون آهن.
ڪالهه پنهنجن خدشن جو اظهار ڪرڻ لاءِ ايم ڪيو ايم اڳواڻن حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪري چتاءُ پڻ ڏنو آهي. ايم ڪيو ايم ڪراچي ۽ حيدرآباد جون نئين سر تڪبنديون نه ٿيڻ جي صورت ۾ رستن تي اچڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي. حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خالد مقبول، مصطفيٰ ڪمال ۽ وسيم اختر چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي شهري علائقن ۾ ٻهراڙيءَ جا علائقا شامل ڪري ڌانڌليون ڪيون ويون. خالد مقبول چيو ته ڪير اهو نه سمجهي ته اسان خاموش ٿي ويهنداسين، عدليه سميت هر فورم تي آواز اٿاريو پر ڪو به کڙ تيل نه نڪتو، هاڻي رستن تي اچڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڪراچي ۾ اسان جي ڪري امن قائم آهي، هاڻي شهر ۾ ڪو به نو گو ايريا نه آهي، سنڌ جي شهري علائقن سان زيادتيون بند نه ٿيون ته حالتون خراب ٿي وينديون. ايم ڪيو ايم شهري آباديءَ جي پارٽي آهي. خاص طور تي حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جو وڏو ووٽ بينڪ آهي. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم مڪاني چونڊن جو بائيڪاٽ نه ڪري ها ته نتيجا ڪجهه ٻيا هجن ها پر ايم ڪيو ايم جي سمورن ڌڙن بائيڪاٽ ڪري جماعت اسلامي کي موقعو فراهم ڪيو ۽ اها هڪ ڀيرو وري ڪراچيءَ ۾ متحرڪ جماعت طور سامهون آئي آهي. اها ايم ڪيو ايم جي پراڻي شڪايت آهي ته شهري علائقن سان زيادتيون ٿي رهيون آهن، جڏهن ته پيپلز پارٽي آخري وقت تائين ايم ڪيو ايم سان ساٿ نڀائيندي چونڊون ملتوي ڪرائڻ جو چيو هو. پر عدالتي فيصلي ۽ اليڪشن ڪميشن جي اعلان کان پوءِ سنڌ حڪومت وٽ چونڊون ڪرائڻ کان سواءِ ڪو رستو ڪونه هو. هن وقت تائين شهري آباديءَ سان سنڌ حڪومت يا پيپلز پارٽيءَ جي هوندي ڪهڙي زيادتي ٿي آهي، جنهن لاءِ ايم ڪيو ايم حيدرآباد پرس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪري حالتون خراب ٿيڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي. ايم ڪيو ايم مڪاني ادارن کان ٻاهر رهندي به اردو آباديءَ جي مدد ڪري سگهي ٿي ۽ ان کي سياسي طور سپورٽ ڪري سگهي ٿي پر جيئن ته ايم ڪيو ايم جي سياست لساني دائرن تائين محدود آهي، تنهنڪري مڪاني ادارن جون واڳون پيپلز پارٽيءَ کي ملڻ کان پوءِ اها ماٺ ڪري نه ويهندي پر پيپلز پارٽيءَ لاءِ مسئلا پيدا ڪندي رهندي، جنهن سان شهري آباديءَ ۾وڌيڪ بي چيني پيدا ٿيندي.
عوامي سطح تي جيڪي به مسئلا موجود آهن، انهن کي حل ڪرڻ لاءِ ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽي ۽ جماعت اسلامي تي دٻاءُ وجهي سگهي ٿي پر ڪا ڌمڪي نٿي ڏئي سگهي. ڇاڪاڻ ته چونڊن جو بائيڪاٽ ڪرڻ ايم ڪيو ايم جو گڏيل فيصلو هو، ان کي ڪنهن زور ڪونه ڀريو هو ته اها مڪاني ادارن واري چونڊ نه وڙهي.
اسين سمجهون ٿا ته شهري آباديءَ کي هر قسم جون سهولتون ڏيڻ گهرجن. انهن جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ گهرجن ته جيئن ان جون شڪايتون ختم ڪيون وڃن. ڇاڪاڻ ته شهر جو ميئر ڪنهن خاص ٽولي جو ميئر ڪونه هوندو آهي پر اهو پوري شهر جو ميئر هوندو آهي. تنهنڪري ايم ڪيو ايم لساني سياست کان پاسو ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button