پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا مايا علي ساٿي اداڪار بلال اشرف سان هلندڙ افيئر وارين ڳالهين کي رڳو هڪ افواهه قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن تھ بلال اشرف پڻ اهڙين ڳالهين کي غلط سڏي ڇڏيو. ميڊيا سان هڪ شو دوران ڳالهائيندي مايا علي ۽ بلال اشرف جو چوڻ هو تھ افيئر جون ڳالهيون درست ناهن، ڇوتھ ماڻهن اهڙي قسم جا افواهه پکيڙيا آهن، اسين انهن کي ڇا ڪيون. هنن چيو تھ شوبز شخصيتن کي اهڙين ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ بدران ڪم تي فوڪس رکڻ گهرجي. مايا علي پنهنجي تازي وڊيو تي جاني ڪهان جگر گيا جي جو ڪيپشن ڏئي مداحن کي حيران پڻ ڪيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close