ٻه ڏينهن اڳ اڳوڻي وزير اعظم ۽ (ن) ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته هاڻوڪي سياسي نظام ۾ ملڪ جي مسئلن جو حل نظر نٿو اچي. شاهد خاقان عباسيءَ جي ان بيان کان پوءِ اهو سوال ذهن ۾ اچي ٿو ته ملڪ ۾ ڪهڙو سياسي نظام آهي، جنهن جو تجربو هيستائين ڪونه ٿيو آهي. هن ملڪ ۾ صدارتي نظام رائج ٿي چڪو آهي، آمريتون به رهيون آهن، پارلياماني نظام به ڏڪي ڏڪي هلندو رهيو آهي. پر انهن سمورن تجربن کان پوءِ به ملڪ جي مسئلن جو حل ناهي ته پوءِ ڪهڙو سياسي آهي، جنهن وسيلي ملڪ کي بچائي سگهجي ٿو.
ملڪ آزاد ٿيڻ کان پوءِ قائد اعظم ملڪ جو گورنر جنرل ٿي ويهي رهيو ۽ ملڪ مٿان لياقت علي جي صورت ۾ هڪ اڻ چونڊيل وزير اعظم مڙهيو ويو. ڪيترن ئي سالن تائين هي ملڪ بنا آئين جي هلندو رهيو. قائد اعظم کان وٺي لياقت علي خان تائين ڪنهن کي به اهو خيال ڪونه آيو ته ملڪ لاءِ آئين ڪيترو ضروري آهي. تنهنڪري ملڪ کي 1935ع واري انڊين ايڪٽ تحت هلايو پئي ويو. هي اهو ئي ايڪٽ هو، جنهن جي مخالفت مسلم ليگ پاڻ ڪندي رهندي هئي پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ان ايڪٽ کي ملڪ ۾ لاڳو ڪيو ويو ۽ ان کي ئي آئين سمجهيو ويو.
ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ کي هڪ آئين ڏنو، جيڪو ڪجهه نه هجڻ کان ڪجهه هجڻ واري صورتحال ۾ ته بهتر آهي پر اهو آئين مڪمل طور تي هڪ اسلامي رياست جو آئين آهي، جنهن ۾ ڪئين جهول پڻ آهن. پر ان آئين کي به آمرن ڪيترا ڀيرا پائمال ڪيو آهي. اهو تاريخ جو هڪ بدترين سچ آهي. آئين جي لتاڙ ۽ آئين کي ڪجهه نه سمجهڻ وارو رويو ملڪ کي ڪهڙي دڳ تي وٺي ويو آهي، ان جو اندازو هر حڪومت کي رهندو آيو آهي پر گذريل ڪجهه سالن کان جيڪي سياسي تجربا ملڪي اسٽيبلشمينٽ ڪيا آهن، انهن نه رڳو ملڪ کي سياسي ڌٻڻ ۾ گچائي ڇڏيو آهي پر ان مان نڪرڻ لاءِ ڀلي ڪيتريون هٿوراڙيون هڻجن تنهن هوندي به اهي ڪوششُون لاڀائتيون ثابت ڪونه پيون ٿين.
اها اسٽيبلشمينٽ جنهن کي لڳو ته پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کي پاسيرو ڪري مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿو، ان عمران خان نيازيءَ جي صورت ۾ عوام کي هڪ نئون ليڊر فراهم ڪيو. اسٽيبلشمينٽ هر فورم تي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هي اهو ليڊر آهي، جيڪو ملڪ جو هر مسئلو حل ڪري سگهي ٿو پر جڏهن عمران خان نيازي وزيراعظم ٿيو ته هو ذاتي طور نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ کي ختم ڪرڻ پويان لڳي ويو. پر اهڙين سياسي پارٽين کي ختم ڪرڻ ايترو سولو ڪونهي، ڇاڪاڻ ته اهي اسٽيبلشمينٽ جون ضرورتون ۽ مجبوريون آهن ۽ جڏهن به انهن جي ضرورت پوندي ته اسٽيبلشمينٽ انهن کي پنهنجي لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿي.
عمران خان نيازي واري تجربي ۾ جهڙي ريت ملڪ جي سياسي ماحول کي گندو ڪيو ويو ۽ سياست کان نفرت ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته عمران خان نيازي پاڻ سياست کي گندو ڪرڻ جو پروگرام کڻي آيو هو. هن جهڙي ريت سياسي اڳواڻن جا نالا بگاڙيا ۽ انهن کي چور چور چئي جيڪا پروپيگنڊا ڪئي ان سان نه رڳو سياست ماڻهن لاءِ گار بڻجي وئي آهي پر اهي سياستدانن کان به نفرت ڪرڻ لڳا آهن. جڏهن ته عمران خان نيازيءَ جا نواز شريف ۽ آصف زرداريءَ تي الزام بنا ڪنهن ثبوتن جي هئا. اڄ هڪ هڪ ڪيس مان نواز شريف ۽ آصف زرداري آزاد ٿي رهيا آهن. ان کي ملڪ جو ڪمزور انصاف جو نطام چئجي يا ڪجهه ٻيو، پر حقيقت اها آهي ته ڪورٽن ۾ انهن خلاف ڪجهه به ثابت نه ٿي سگهيو آهي. اڄ به ان ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪري سگهجي ٿو ته ملڪ ۾ نه سياسي پارٽيون آزاد آهن ۽ نه ئي سياسي نظام کي آزاد ڇڏيو ويو آهي جو اهو پنهنجي پر ۾ ڪي فيصلا ڪري سگهي. اهڙا فيصلا جن کي لاڳو ڪرڻ ۾ ڪابه رنڊڪ نه هجي پر هيستائين اهو ممڪن نه ٿي سگهيو آهي. ملڪ ۾ جيڪو چونڊيل نمائندو وزير اعظم ٿيندو آهي، اهو اها شڪايت ڪندو آهي ته کيس اختيار ڪونه هو. جيئن هاڻوڪن ڏينهن ۾ عمران خان نيازي اعتراف ڪري رهيو آهي ته هن وٽ اختيار ڪونه هو، فيصلا ڪو ٻيو ڪندو هو.
ڪنهن به وزير اعظم جي ان کان وڏي بيوسي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جو ملڪ ۾ اٽو مهانگو ترين اسم ٿي ويو هجي، عوام رڙيون ڪري رهيو هجي. شهر شهر ڳوٺ ڳوٺ سستي اٽي لاءِ احتجاجن جو سلسلو جاري هجي ۽ وزير اعظم اهو حڪم ڏئي ته مهانگو اٽو وڪڻندڙن کي گرفتار ڪيو ويندو ۽ اٽي جو اگهه ساڳيو رهي، ان ۾ هڪ رپيو به لاٿ نه اچي. ٻه ڏينهن اڳ وزيراعظم شهباز شريف پنجاب جي چيف سيڪريٽري عبدالله سنبل ۽ آءِ جي پوليس عامر ذوالفقار ملاقات ڪئي. ذريعن موجب وزيراعظم سان چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب گذريل ڏينهن ملاقات ڪئي ۽ اِها ملاقات هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهي. ملاقات ۾ وزيراعظم هدايت ڪئي ته امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ۾ رکيو وڃي. هن پنجاب ۾ هٿرادو مهانگائي وڌائڻ وارن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته اٽو مهانگو کپائڻ وارن کي پڪڙيو وڃي ۽ مهانگائي ڪنٽرول نه ڪرڻ وارن آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. بظاهر ته هي حڪم هڪ وزير اعظم جو آهي پر ان تي عمل ٻڙي آهي. ڇاڪاڻ ته هن ملڪ جو نظام ائين ئي هلي رهيو آهي. جنهن ۾ نه انصاف آهي، نه تعليم آهي، نه عوام لاءِ سهولتون آهن ۽ نه ئي عوام جي دانهن کي ڪو ٻڌڻ وارو آهي. تنهنڪري هي سياسي نظام واقعي به ملڪ جي سياسي مسئلن کي حل نٿو ڪري سگهي.
پر سوال اهو آهي ته دنيا جي ٻن ملڪن ۾ به اهڙو ئي سياسي نظام آهي، اتي عوام جا مسئلا حل آهن. عوام کي کائڻ لاءِ سستو اٽو ملي ٿو، عوام کي بجلي ملي ٿي ۽ عوام گيس نه ملڻ جهڙين پريشانين کان به آجو آهي. اصل ۾ ملڪ جي سياسي نظام کي جيڪڏهن معذور رکيو وڃي ته يقينن اهو ڪنهن به مسئلي کي حل ڪرڻ جي صلاحيت نٿو ڪري. پر جيڪڏهن اهو ئي سياسي نظام فعال هجي. قانون جي حڪمراني سڀني لاءِ هڪجهڙي هجي ته پوءِ اهو نظام ضرور انصاف ڏيندو آهي. اهو نظام سياست وسيلي ئي مسئلن کي حل ڪندو آهي.
سياست ڪنهن به ريت خراب ناهي پر ان کي خراب ڪندڙ سياسي ٽولا ضرور هوندا آهن. جڏهن ملڪ کي سياسي نظام وسيلي هلڻ ئي ڪونه ڏنو ويو آهي ته اهو سياسي نظام ڪهڙي ريت مسئلا حل ڪري سگهي ٿو. اهو نظام ته پاڻ هڪ مسئلو ٿي ويندو آهي، جنهن جي تڏا ويڙهه ڪرڻي پئجي ويندي آهي. پاڪستان ڏينهون ڏينهن بحرانن ۾ ڦاسي رهيو آهي، اهي بحران وقت گذرڻ سان حل ٿيڻ بدران وڌيڪ ڀوائتا ٿي رهيا آهن ۽ انهن کي حل ڪرڻ ۾ دير پڻ لڳي رهي آهي.
سياسي نظام جون خرابيون سياست وسيلي ئي حل ڪري سگهجن ٿيون. ان لاءِ ڪنهن نئين تجربي جي ضرورت ڪونهي. ان ڪري هن وقت تائين جيڪي ڪجهه ٿي چڪو آهي، ان کي واپس ته نٿو موٽائي سگهجي پر جيڪي ڪجهه خراب ٿيڻ وارو آهي، ان کي روڪي سگهجي ٿو. ان لاءِ ضروري آهي ته سياستدانن جا هٿ ٻڌڻ بدران کوليا وڃن، انهن کي اسٽيبلشمينٽ جي مهري طور استعمال ٿيڻ بدران هڪ آزاد سياستدان طور پنهنجو ڪردار نڀائڻ گهرجي ته جيئن ملڪ کي هاڻوڪن بحرانن مان ڪڍي سگهجي ۽ مستقبل ۾ وڌيڪ بحرانن ۾ نه ڦاسائجي.