ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياسي ۽ مزاحمتي ادب جي ضرورت ۽ ڦھلاءُ

Editorial-Article- Mubark Lashari

گذريل سال ۽ ھيل سال بھ 17 جنوريءَ تي سن ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگرهه تي جيڪي ڪتاب وڪرو ٿيا ان نھ صرف سنڌ پر پوري پاڪستان کي سوچڻ تي ضرور مجبور ڪيو تھ سنڌ ۾ مزاحمتي ۽ سياسي ادب جي ڪيتري ضرورت آھي ۽ ڪيترا ڪتاب پيا وڪرو ٿين. انھن ۾ صرف سنڌي ڪتاب نھ ھئا پر اردو ۽ انگريزي ڪتاب بھ ھئا. ساڳيو مظھر اسان کي ڊسمبر ۾ خانھ بدوش ڪيفي تي شيخ اياز ميلي ۾ جيڪي ڪتاب وڪرو ٿيا، انھن جو بھ ھڪڙو پنھنجو اندازو آھي. مختلف ماڻھن طرفان مختلف انگ اکر ملن ٿا. مجموعي طور انھن مان ھر ھڪ موقعي تي گھٽ ۾ گھٽ 10 لکن جا ڪتاب ضرور وڪرو ٿيا آھن. ان ۾ سڀ کان پھرين صورتحال ڏسڻ گھرجي تھ حالتون ڪھڙيون ھيون ۽ ڪھڙن حالتن ۾ ڪتابن جو وڪرو صورتحال جي ابتڙ ٿيو جنھن صورتحال سڀني کي حيران ضرور ڪيو.
انھن حالتن مان سڀ کان پھرين تھ معاشي صورتحال آھي، جنھن جيتوڻيڪ سنڌ جي ماڻھن جي چيلھه ئي چٻي ڪري ڇڏي ھئي. جنھن مان سڀ کان پھريون الميو ڪووڊ-19 واري صورتحال ھئي، جيڪا صورتحال 2020ع ۾ خطرناڪ حد تائين پھچي وئي ھئي جنھن ۾ نھ صرف ھر قسم جو ڪاروبار ٺپ ھو پر پورھيو ۽ مزودريون بھ بند ھيون. جھڙوڪ: سون تي سھاڳو وري اھو بھ ٿيو تھ حڪمران طبقي ۽ سرمائيداري نظام جي ڦر لٽ اڃا الڳ داستان آھن. ڪووڊ ۾ جيتوڻيڪ ٻاھرين دنيا کان وڏا فنڊ مليا امدادون آيون پر ھميشھ جيان عام ماڻھن يا غريبن وٽ اھي ئي ڪاري وارا ڪک ٿي پھتا. مٿان گذريل ذري گھٽ اڌ ڏھاڪي کان مٿئين سرڪار جيڪي سياسي نوجوانن تي ھٿ رکيا ۽ کنڀي گم ڪرڻ ۽ سوشل ميڊيا تي جيڪي قانون ٿي ٿاڦيا انھن بھ پنھنجي وسان ڪين گھٽايو پر سنڌي ماڻھن جي اندروني مزاحمت اڃا وڌي ٿي وئي، اڃا سياسي اڃ وڌي ٿي وئي. پر سڀ کان وڏي ڳالهھ جتي ڪووڊ-19 ماڻھن کي اٽي لٽي ۽ اجھي لاءِ پريشان ٿي رکيو تھ قوم اڃا سوڌو انھي صورتحال مان نھ نڪتي ھئي تھ مھانگائي ۽ ملڪي معاشي ڏيوالپڻي مڊل ڪلاس کي بھ نھوڙي ٿي ڇڏيو.
ڪووڊ جي صورتحال کان پوءِ ملڪي معاشي صورتحال رھيل سھيل ڪسرون پوريون ڪري ڇڏيون. پي ٽي آءِ جي دور حڪومت ۾ جتي مھانگائي چوٽ چڙھي وئي تنھن مڊل ڪلاس جي چيلھه ئي ڀڃي ڇڏي. ھيٺيون طبقو تھ ھونئن بھ ڪووڊ ۾ چيڀاٽجي چڪو ھو پر ٿوري گھڻي ڪسر جيڪو رھيل ھئي، اھو مڊل ڪلاس کي ھيٺ ڌڪي پوري ڪئي وئي. مڊل ڪلاس جيڪو گھڻي ڀاڱي پگھاردار يا ادارن تي مدار رکندو ھوندو آھي، پي ٽي آءِ حڪومت ادارن جي فنڊن ۾ بي پناهه ڪٽوتيون ڪري پگھاردار طبقي تي اڻ ڳڻيا ٽيڪس رکي تباهه ڪري ڇڏيو. ٿيڻ ايئن کپندو ھو تھ اھي ٽيڪس مٿئين طبقي تي لاڳو ڪيا وڃن ھا ۽ انھن کان گذريل 75 سالن جي ڦرلٽ ۽ حڪمرانيءَ جو حساب ورتو وڃي ھا پر ايئن نھ ٿيو. نتيجي ۾ زندگيءَ جا سمورا شعبا متاثر ٿيا، گھڻائي ڪاروبار ويھجي ويا. جنھن مان پگھاردار، باشعور مڊل ڪلاس طبقو تمام گھڻو متاثر ٿيو.
اڃا مٿين ٻن مصيبتن مان قوم نڪتي نھ ھئي تھ آخري وڏو ڌڪ 2022ع جي تمام گھڻين برساتن ۽ ٻوڏ ھنيو. برساتون تھ معمول کان واقعي گھڻيون ھيون پر سيلابي صورتحال گھڻي ڀاڱي حڪمران طبقي طرفان انجنيئرڊ ٿيل ھئي. ان جو سبب حاڪمن يا حاڪمن جي پالتو وڏيرن يا ڀاڙيتن طرفان پاڻيءَ جي قدرتي گذرگاھن تي قبضي يا انھن تي نقلي شھر يا آباديون اڏڻ ھو. جيتوڻيڪ ظاھري طور ڪا بھ وارثي نھ پئي ٿي پر فطرت کي ڪنھن نھ ڪنھن موڙ تي اچي حساب ڪتاب وٺڻو ھو سو اچي ورتو. ٻوڏ ۽ برساتن سبب سنڌ جي معيشت تقريبن ويھجي وئي. مھينن تائين روڊ رستا بند رھيا. ماڻھن جا اربين رپين جا فصل ٻڏي ويا، مزدوريون ٺپ ٿي ويون ۽ ويتر مھانگائي وڌي وئي. جنھن جو تصور بھ نٿو ڪري سگھجي.
ڪنھن بھ قوم جي مٿئين صورتحال مان گذرڻ جو جيڪڏھن منطقي طرح جائزو وٺجي تھ اھو تصور بھ نٿو ڪري سگھجي تھ ڪا قوم ھيترين مصيبتن مان اڃا نڪتي بھ نھ ھئي تھ اھا قوم سن ۾ شيخ اياز جي ميلي تي لکن جا صرف ڪتاب خريد ڪندي. ان جا ڪھڙا سبب آھن ۽ ڪھڙي تربيت آھي جيڪا انھي قوم کي ايترو مايوس ٿيڻ نٿي ڏئي، اھو حيرت ڪدو آھي. ڪتاب بھ مذھبي نھ ھئا جنھن سان محسوس ڪجي تھ قوم جي دنيا تھ نھ ٺھي پر آخرت ٺاھڻ لاءِ پئي پڙھي جيڪا صورتحال ڪراچيءَ جي ايڪسپو سينٽر تي 17 عالمي ڪراچي ڪتابي ميلي ۾ ڏسڻ وٽان ملي. جيڪڏھن ڪراچيءَ جي ڪتابي ميلي، سن ۽ شيخ اياز جي موقعن تي ڪتابن جو وڪرو ڏسجي تھ وڏا فرق نظر ايندا. جھڙوڪ: ڪراچيءَ ۾ ڪتاب خريد ڪندڙ ھر طبقي يعني مٿئين طبقي جا ماڻھو بھ ھئا پر ھتي ڪتاب خريد ڪندڙ تقريبن ھيٺئين يا ھيٺئين مڊل ڪلاس جو ماڻھو ھو. ٻيو وڏو فرق اھو ھو تھ ڪراچيءَ ۾ تقريبن اڌ کان وڌيڪ ڪتابن جا اسٽال مذھبي ھئا پر سن ۽ حيدرآباد ۾ مذھبي ڪتابن جا اسٽال نھ ھجڻ برابر ھئا. اھا سڄي صورتحال اسان کي ٻڌائي ٿي تھ ان پٺيان سياسي ۽ مزاحمتي عنصرن جو ھجڻ اھم آھي.
ڪتابن ۾ بھ جيڪي ڪتاب وڪرو ٿيا، جن جي معلومات اسٽال لڳائيندڙن يا خريد ڪندڙ طرفان سوشل ميڊيا تي ڇڏيل حال احوال مان معلوم ٿيو تھ انھن ۾ گھڻائي سياسي ادب وارن جي ھئي ۽ ٻئي نمبر تي تخليقي ادب جي ھئي. پر انھن ٻنھي قسمن ۾ فرق کي جانچجي تھ معلوم ٿيندو تھ تخليقي ادب ۾ گھڻُو مواد نئون ھو، جيئن ڪيترا نوان ناول ڇپيا ۽ وڪرو ٿيا، ڪيترا ڪھاڻين ۽ شاعريءَ جا نوان ڪتاب لکيا ويا ۽ ڇپيا. ان جي ابتڙ سياسي ۽ مزاحمتي ادب ۾ اھو اڳوڻو مواد اڃا تائين انتھائي اھميت رکي ٿو. جھڙوڪ: سائين جي ايم سيد جا ڪتاب، رسول بخش پليجي جا ڪتاب، شيخ اياز ۽ استاد بخاريءَ جا اھي ڪتاب جيڪي ڪنھن دور جي سياسي سجاڳي طور لکيا ۽ ڇپيا ويا. اھي گھڻي انگ ۾ موجود رھيا ۽ وڪرو ٿيا. ان ۾ ٻيو جيڪو مواد وڪرو ٿيو، اھو اڻ سڌي ريت سياسي ادب يا مزاحمت سان لاڳاپيل رھيو آھي. ان جو ھڪڙو مثال حفيظ ڪنڀر جو ڪتاب “جنب ڪٿا” جو ڏئي سگھجي جيڪو ڪتاب عام لفظن ۾ چئجي تھ اھڙي ماڻھوءَ جو آھي جنھن جي سموري زندگي ھڪڙي ادبي، سماجي ۽ سياسي مزاحمت سان سلھاڙيل رھي آھي. جنھن جي ذاتي زندگيءَ جو حال ڄاڻڻ لاءِ ماڻھن کي اھو تجسس پئي رھيو تھ سندن زندگي ڪھڙي رھي آھي. ان کان سواءِ جيتوڻيڪ نئون سياسي يا مزاحمتي ادب ايترو ڪونھ ٿو ڇپجي يا لکجي تھ اھو الميو آھي.
جيتوڻيڪ مزاحمتي ۽ سياسي ڊسڪورس ٿورو گھڻو رھيو آھي جنھن ۾ ڪرٽيڪل اسٽڊي سرڪل جي نوجوانن، عوامي تحريڪ جي پراڻن ورڪرن يا اڳواڻن طرفان لکتون، سائين جي ايم سيد جي پوئلڳن طرفان ڪجهھ ڪم جھڙا ڪجھه ڪم اٽي ۾ لوڻ برابر ملن ٿا پر جنھن تسلسل ۽ باريڪ بينيءَ سان جيڪو مزاحمتي يا سياسي ادب سائين جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجي طرفان لکيو ويو، اھڙي ڪم جي اڄ تمام گھڻي ضرورت آھي. اھڙو ڪم جيڪو نھ صرف ملڪي پر عالمي سطح تي ٿيندڙ سياست، سياسي پاليسين، ڪنسپائريسي ٿيوريز کي نھ صرف سمجھائجي پر انھن کي کولي عوام لاءِ پيش ڪجي ۽ ھڪڙي نظرياتي لائين بھ پيش ڪري. سڀ کان پھرين تھ انھي سطح جي سياست جي عالمي سوچ جي سياسي ۽ مزاحمتي مفڪرن جي ضرورت آھي ۽ پوءِ انھن طرفان ھڪڙو ڊسڪورس تخليق ڪري اڳتي آڻجي. مزاحمت صرف بندوق جو نالو ناھي پر فڪري، نظرياتي، ادبي، سياسي ڊسڪورس جي مزاحمتي ادب جي بھ ضرورت آھي. جنھن سان ماضي کان وٺي حال جي صورتحال کي جائزي ۾ آڻي. ڪتابن جي وڪري جي پسمنظر ۾ اھو چئي سگھجي ٿو تھ انھي ادب جي تمام گھڻي ضرورت آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button