ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

“ڪيفي ادب”- ھڪ جائزو

Editorial-Article- Mushtaq Jarwar

ٻه ھزار ٻاويهھ جو ڊسمبر تيز سيءَ جي لھر سان گڏوگڏ سنڌي ادب پڙھندڙن لاءِ ڪيترائي نوان ڪتاب پڻ کڻي آيو هو. جن ۾ ناولن جو انگ وڌيڪ آھي، جن جي موضوعن ۽ ٽيڪنڪ ۾ نواڻ پڻ آھي. نوجوان ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار اختر حفيظ جو ناول “ڪيفي ادب” پڻ انهن مان هڪ آھي. اختر حفيظ جي سڃاڻپ ھڪ ڪالم نگار واري پڻ آھي پر ھن جو ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار وارو پاسو وڌيڪ سگهارو آھي. مون اختر حفيظ جي پھرين ڪهاڻي تحريڪ رسالي ۾ “چتا” نالي سان پڙھي ھئي. جنھن جي پڄاڻي 15 سال گذرڻ باوجود مون کان ناھي وسري. اھا ھڪ لاجواب ڪھاڻي ھئي.
اختر حفيظ جي ان ڪھاڻي جيان ناول “ڪيفي ادب” به سنڌي ادب ۾ ھڪ منفرد ناول آھي. ھن ناول ذريعي ھڪ پاسي اختر حفيظ ادبي اسٽيبلشمينٽ کي چيلينج ڪيو آھي ۽ ٻيو جڳاڙي ادب ۽ اديب جو اصل چھرو ڏيکاريو آھي. ھن ناول ۾ ليکڪ سنڌ جي شھرن جو ورھاڱي سبب ٿيندڙ اثر ۽ ھندستان مان لڏي ايندڙن جي نفسيات ۽ ان جي ڌرتي ڌڻين سان رويي جو ڇيد پڻ ڪيو آھي. ناول جو مرڪزي ڪردار “آدرش” جيڪو ھڪ ڪھاڻيڪار ۽ ڪالم نگار آھي، هو ادبي اسٽيبلشمينٽ کان باغي آھي، تنھنڪري ھُو جڳاڙي ڪھاڻيڪارن، شاعرن ۽ اديبن تي تنقيد ڪندو رھي ٿو، جنھن ڪري ھُو ادبي حلقي ۾ اڪيلو ۽ ويڳاڻو آھي. ھو سنڌ جي وجودي ليکڪ ماڻڪ کان متاثر آھي. تنھنڪري کيس اڪيلائيءَ ۾ ماڻڪ نظر اچي ٿو. جنھن سان ھو ڪچھري پڻ ڪندو رھي ٿو. جيئن ته آدرش جي گذر سفر جو ذريعو اخبار ۾ ڪالم لکڻ آھي، جيڪي پڻ ادبي اسٽيبلشمينٽ جي حلقي جي ڪھاڻيڪارہ لاجواب جي اثر رسوخ سبب بند ٿي وڃن ٿا. ڇو ته اھا ڪھاڻيڪارہ آدرش کان متاثر ھوندي آھي ۽ هن ۾ دلچسپي وٺي ٿي پر آدرش کيس موٽ نٿو ڏي ۽ ھن جي ماءُ بيمار ھجڻ ڪري ھن کي پنھنجيون ڪھاڻيون لاجواب کي وڪڻڻيون پون ٿيون، لاجواب اڳتي ھلي پنھنجي ڪردار کي تبديل ڪري ٿي. اھي ئي ڪھاڻيون آدرش جي نالي سان ڇپرائي ان ڪتاب جي مھورتي تقريب رکي ٿي، ائين ھن ناول جي پڄاڻي ٿئي ٿي.
جيئن ته ھن ناول جو بنيادي خيال ھڪ ليکڪ جو وجودي بحران آھي، جيڪو روايتي ادب ۽ اديبن کان منفرد آھي، جيڪو سماج ۾ رائج خيالن کان باغي آھي. تنھنڪري ھُو سماج توڙي ۽ ان روايتي حلقي ۾ مس فٽ آھي پر ان سان گڏوگڏ ناول ۾ ليکڪ حيدرآباد جي ماضي توڙي حال جي سياسي حالتن جو پڻ ڇيد ڪري ٿو. جيئن ته ھن ناول ۾ آدرش جي ڪھاڻيءَ سان ڪيترن ئي ٻين ڪردارن جون ڪھاڻيون آھن، جن جو پنھنجو ادبي ۽ سماجي پسمنظر آھي ۽ ناول ۾ ليکڪ ھر ڪردار جي نفسيات، ان جي سماجي حالتن جو ڇيد ڪري ٿو، جيڪو اسان جي چوڌاري جي ماحول ۽ ادبي دنيا جو حقيقي عڪس آھي. تنھنڪري ھن ناول کي سمجھڻ ۽ تنقيدي مطالعو ڪرڻ ضرورت پڻ آھي.
ناول جو هڪ نقطو جڳاڙي ادب ۽ جڳاڙي اديب آھي، جنھن ۾ جڳاڙي ليکڪ پنھنجي شھرت لاءِ سئو لفظن جي ڪھاڻي، فليش فنڪشن جھڙيون ڪھاڻيون لکي ڪھاڻيءَ سان زيادتي ڪن ٿا. آدرش اھڙي ادب تي تنقيد ڪري ٿو. انھن تي طنز ڪري ٿو جنھن ڪري ادبي اسٽيبلشمينٽ جا اديب آدرش کان نفرت ڪن ٿا. هن لاءِ مسئلا پيدا ڪن ٿا. جڏھن ته آدرش پنھنجي خيالن ۽ ڪچھرين ۾ سنڌ جي چوٽيءَ جي ڪھاڻيڪارن علي بابا ۽ ماڻڪ جي ڪھاڻين کي لازوال ڪھاڻيون سمجھي ٿو ۽ انھن ڪھاڻين جي ڪري ئي ماڻڪ ۽ علي بابا وڏا ڪھاڻيڪار ليکيا وڃن ٿا.
ناول نگار ماڻڪ جي ڪھاڻين ۽ ناولن تي ٽيڪاٽپڻي پڻ ڪري ٿو جنھن ۾ ليکڪ جو خيال آھي ته ماڻڪ ھن دور جو وڏو ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار آھي جنھن تي سنڌيءَ ۾ ڪو بھتر ڪم نه ٿي سگھيو آھي ۽ ماڻڪ جي ويڳاڻپ رڳو ماڻڪ جي ويڳاڻپ نه ھئي پر اھا ويڳاڻپ پوري سنڌي قوم جي آھي، ڇو ته سنڌي قوم پنھنجي ڌرتيءَ تي رھندي به ويڳاڻي آھي. جيئن صفحي 50 تي ھُو ڊاڪٽر رجب جي واتان ھي چورائي ٿو ته “ماڻڪ جي ويڳاڻپ کي اڪيلو ڪري نه ڏسو. اھا ويڳاڻپ رڳو ماڻڪ جي ويڳاڻپ ناھي. ڊاڪٽر رجب سندس ڳالھه ڪٽيندي چيو “اھا اسان جي سماج ۽ سنڌي قوم جي ويڳاڻپ آھي جنھن کي ھن پنھنجي ويڳاڻپ ڪري پيش ڪيو. ماڻڪ جي ويڳاڻپ فقط فرد جي ويڳاڻپ آھي پر سنڌي قوم جي ويڳاڻپ اجتماعي آھي، پنھنجي ڌرتي ھوندي سوندي ھڪ دجالي رياست ۾ قوم ويڳاڻي آھي “. مٿي ڏنل ٽڪري ۾ ھڪ طرف ليکڪ ماڻڪ جي ويڳاڻپ کي جسٽيفاءِ ڪري ٿو ته ٻئي پاسي ليکڪ رياست جو اصل چھرو ڏيکاري ٿو، جنھن ڌرتي ڌڻين کي پنھنجي ڌرتيءَ تي ئي ويڳاڻو ڪيو.
سماج جي گهڻائي لاءِ پڙھڻ، رڳو نوڪري وٺڻ جو ھڪ ذريعو آھي. ان وٽ ادب، علم، ڪتاب،ڪھاڻيون، ناول ۽ شاعري دنيا جا فضول ڪم آھن. تنھنڪري اھا ادب پڙھڻ سان ڪابه دلچسپي نٿي رکي جنھن ڪري دنيا جي گهڻائي وٽ اديب، شاعر، ليکڪ، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار جي ڪابه اھميت ناھي. ليکڪ ان رويي کي ناول ۾ ھن ريت پيش ڪري ٿو:”ڪھاڻيون دلي سڪون ڏينديون آھن، پئسو نٿيون ڏيارين. دنيا پئسي کي پوڄيندي آھي. ڪھاڻي گھٽ پڙھندي آھي ۽ پئسو پڙھڻ بنا خرچ ڪندي آهي.”
اھو سوال تمام اھم رھيو آھي ته ھڪ تخليقڪار تخليقن سبب عتاب هيٺ ھوندي، ڏکن ھوندي تڪليفن ۾ به لکڻ بند ڇو نٿو ڪري. ھو پنھنجيون تخليقون سرجڻ بند ڇو نٿو ڪري. جيئن فرائڊ جو خيال ھو ته هو لکڻ سان پنھنجو نفسياتي علاج ڪندو آھي. اهڙي ريت ليکڪ جو خيال آھي ته اھُو اديب جو ڪٿارسس جو عمل آھي جنھن ڪري ھڪ تخليقڪار ڪڏھن لکڻ نٿو ڇڏي.”تون لکڻ ڇڏي سگھين ٿو پر لکڻ توکي ڪڏھن ڪونه ڇڏيندو، اندر جي پيڙا، ڪٿارسس، من جي بي چيني، تنھنجي ڪمري جي دريءَ کان ٻاھر ڀٽڪندڙ ڪردار، سماجي ناانصافي ۽ ماڻھن جي سڏڪندڙ زندگي توکان ڪھاڻيون لکائيندي رھندي.”
سنڌيءَ ۾ گھڻا ڪيمپس ناول لکيا ويا آھن، جن ۾ ناولن جو مرڪزي ڪردار تي ڪا خوبصورت ڇوڪري ان جي لکڻين جي ڪري موھت ٿي پوندي آھي. ائين انھن جي پاڻ ۾ محبت ٿي پوندي آھي، پوءِ روز جون ملاقاتون ۽ رومانس ٿئي ٿو ۽ پوءِ ڇوڪري پئسي جي ڪري بيوفائي ڪري ٿي ۽ مرڪزي ڪردار ان جي بيوفائيءَ تي پيو ڳوڙھا ڳاڙيندو آھي ۽ پنھنجي پاڻ کي تباهه ڪندو آھي. پر هن ناول ۾ اسان کي ھڪ نئون ۽ منفرد تصور ملي ٿو. جنھن ۾ ناول جي مرڪزي ڪردار آدرش تي سندس لکڻين جي فين ملوڪان ھن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳندي آھي پر آدرش ھڪ سڪايل عاشق جيان ان ۾ دلچسپي وٺڻ ۽ ان جي محبت ۾ گرفتار ٿيڻ بدران کيس پنھنجو مستقبل سڌارڻ ۽ اڳيان پڙھائي جاري رکڻ جي تلقين ڪري ٿو، جيڪو منھنجي خيال سنڌي ادب ۾ ھڪ نئون تصور آھي.
ناول نگار سرمائيداراڻي نظام جي ھڪ ھٽيءَ کي به وائکو ڪري ٿو ته مٿئين طبقي جي نفسيات کي پڻ وائکو ڪري ٿو، جنھن ۾ ھڪ طرف ھن دور ۾ دنيا جي ھر شيءِ، ھر اداري تي سرمائيداراڻي نفسيات حاوي آھي، جيڪا پنھنجي مرضيءَ سان ناانصافيون ڪندي رھي ٿي. جنھن جو مثال لاجواب طرفان آدرش جي ڪالم بند ڪرائڻ يا وري ايڊيٽر جو اھو ئي چوڻ ته اخبارون ڪالمن ۽ ڪھاڻين جي ڪري نٿيون ھلن، اھي اشتھارن ذريعي ھلن ٿيون يا وري ڪھاڻيڪار ڪمال سان پنھنجن ڀائرن طرفان پنھنجي ئي دولت تي قبضو ڪري ڪمال کي بي يارومدگار ڪري ڇڏڻ يا وري ناول ۾ شيرين جو ڪردار ۽ ان جي نفسيات شامل آھي.
فلسفي توڙي ادب ۾ اھو سوال تمام گھڻو بحث ۾ رھيو آھي ته ھڪ تخليقڪار وٽ خيال ڪٿان ٿا اچن؟ ناول جو مرڪزي ڪردار به صفحي 48 تي ان سوال کي ھن طرح ٿو بيان ڪري. “ماڻھو آھي خيال جي مٽيءَ مان ڳوھيل سو خيال پيا ڦرندا آھن. انھن کي جھٽڻو پوندو آھي.” يا وري صفعي 102 تي ھيئن ٿو ٻڌائي”ڪھاڻيڪار ھوندو ئي ذھني مونجھارن ۾ آھي، ڪھاڻيءَ جو جنم ڪنھن مونجھاري مان ٿيندو آھي. ڪھاڻي ھڪ سڏڪو، ڪا دانھن، ڪا ڪوڪ ۽ ڪو احساس ھوندي آھي.”
ناول نگار ان خيال جي پٺڀرائي ڪري ٿو ته ھڪ ليکڪ کي پنھنجي پاڻ ۽ پنھنجي قوم سان سچو ھجڻ گھرجي. ان کي ڪنھن کي خوش ڪرڻ لاءِ درٻاري نه ٿيڻ گھرجي. تنھن جو مثال ڊاڪٽر رجب جو مارشل لائن جي دور ۾ لکڻ ۽ سزائون ڪاٽڻ کان ويندي ليکڪ ماڻڪ جي ڪھاڻين ۽ ناولن جو پوري ناول ۾ ڇيد ڪندو رھڻ آھي يا وري آدرش جو ڪردار آھي جيڪو پڻ آدرشي ۽ پنھنجي پاڻ ۽ قوم سان ڪميٽڊ رھي ٿو. جيئن صفحي 56 تي آدرش چئي ٿو ” آئون ڪھاڻيڪار آھيان ڪو درٻاري ناھيان، جيڪا بک آئون سھان پيو، اھا منھنجي بک آھي.آئون ڪنھن جڳاڙي ليکڪ جي ساراهه ۾ ڪالم لکي پنھنجي پيٽ ۾ گرهه ڪونه وجھندس.” يا وري صفعي 113 تي ليکڪ ڊاڪٽر رجب جي واتان ھي لفظ چورائي ٿو ته “ڪو اديب ماڊرنسٽ آھي يا ناھي پر پنھنجي وطن، قوم ۽ ماڻھن کان لاتعلق نه ھجڻ گھرجي. ائين ھن ناول ۾ ليکڪ ھن دور جي ڪيترن ئي ادبي سياسي، سماجي مسئلن ۽ موضوعن کي بحث ھيٺ آڻي ٿو، جيڪي يقينن ھن دور جا اھم مسئلا آھن. تنھنڪري ھي ناول ھن دور جو اھم ناول آھي ۽ ھر ھڪ کي ضرور پڙھڻ گھرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button