ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بليڪ آئوٽ

Editorial

ڪالهه ڪيترن ڪلاڪن تائين ملڪ ڪاراڻ ۾ ٻڏل رهيو. ڇو ته ملڪ ۾ بجلي ڪونه هئي. نيشنل گرڊ اسٽيشن ۾ خرابي سبب بجلي مڪمل طور بند ٿي وئي هئي ۽ ملڪ ۾ بليڪ آئوٽ ٿي ويو هو. بجلي نه هجڻ ڪري ماڻهن جي زندگيءَ جو ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويو. عام ماڻهوءَ جي زندگي ڪيتري متاثر ٿي هئي، ان جو اندازو متان حڪمرانن کي نه هجي پر اها عجيب ڳالهه آهي ته هڪ ائٽمي ملڪ هوندي به بجليءَ کان محروم لڳو پيو آهي ۽ ملڪ ۾ بليڪ آئوٽ هر سال ٿيندو رهندو آهي. هر سال ڪيترائي ڀيرا ٿيندو رهندو آهي. ان کي صحيح ڪرڻ لاءِ وزيراعظم هر ڀيري تنبيهه ڪندو آهي ۽ جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏيندو آهي پر اهو رڳو چوڻ جي حد تائين هوندو آهي. ڪالهه جيڪا فني خرابي ٿي آهي، ان جا ڪارڻ ڪهڙا به هجن پر تنهن هوندي به عوام کي گهڻي پريشاني ٿي آهي.
رپورٽ موجب نيشنل گرڊ ۾ خرابي سبب اسلام آباد، ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا سميت ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ بجلي غائب ٿي وئي، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ صبح ساڍي ست وڳي بجلي جي فراهمي معطل ٿيڻ سبب شهر جو 90 سيڪڙو حصو بجلي کان محروم آهي. جن علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي انهن ۾ گلستان جوهر، گلشن جمال، راشد منهاس روڊ، رونگي، ملير، قيوم آباد، گذري، ڊفينس، اولڊ سٽي ۽ ٻيا علائقا شامل آهن، ڪي اليڪٽرڪ ذريعن جو چوڻ آهي ته بريڪ ڊائون جو امڪاني سبب نيشنل گرڊ ۾ خرابي آهي. بجلي جي مڪمل بحالي ۾ 5 کان 6 ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا. ڄامشورو ريجنل سينٽر جي 500 ڪي وي سرڪٽ ۾ فالٽ اچڻ سبب حيدرآباد، مٽياري، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار ۽ بدين سميت 13 ضلعن کي بجلي جي فراهمي بند ٿي وئي. حيسڪو ترجمان موجب صبح جو 7 لڳي 35 منٽ تي ريجنل سينٽر پاران حيسڪو کي آگاهي ڏني وئي، 500 ڪي وي سسٽم ۾ ٽرپنگ سبب 78 گرڊ اسٽيشنن کي بجلي فراهمي معطل ٿي وئي. اين ٽي ڊي سي عملو ٽيڪنيڪل فالٽ ختم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي. بجلي جي مين سپلاءِ ڄامشورو کان ٽرپ ٿيڻ سبب ٺٽي جي مين مڪلي گرڊ اسٽيشن، جهمپير گرڊ اسٽيشن، ساڪرو، پير پٺو، سجاول سميت حيدرآباد ڊويزن جي سمورن گرڊ اسٽيشنز ذريعي فيڊرز کي بجلي جي فراهمي بند ٿي وئي. دادو، سانگهڙ، ڪنڊيارو، فيض گنج تعلقي ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون سبب سمورا فيڊر صبح کان بند پيل آهن ۽ بجلي نه هئڻ ڪري بجليءَ تي هلندڙ ڪم ڪار به بند ٿي ويو. بلوچستان جي سمورن ضلعن ۾ بجليءَ جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي ۽ ان حوالي سان ڪوئيٽا اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (سيسڪو) اختيارين جو چوڻ آهي ته گڊو کان ڪوئيٽا ويندڙ بجليءَ جون ٻئي ٽرانسميشن لائينون ٽرپ ٿي ويون جنهن سبب صوبي جي وڏن حصن ۾ بجليءَ جي سپلاءِ معطل آهي. ڪيسڪو چيف جو چوڻ آهي ته گڊو ۽ ڊي جي خان کان ايندڙ سپلائي لائين ٽرپ ٿي وئي جنهن سبب سڄو بلوچستان بجلي کان محروم آهي، فني خرابي بابت ڄاڻ ورتي پئي وڃي. لاهور اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (ليسڪو) ذريعن جو چوڻ آهي ته لاهور سميت سمورن وڏن ۽ ننڍن شهرن ۾ بجلي غائب ٿي وئي آهي، شروعاتي اطلاعن موجب ڏکڻ ۽ اتر مين لائينن ۾ هڪ ئي وقت فالٽ ٿيو، بجليءَ جي فراهمي معطل ٿيڻ سبب اورنج لائن ٽرين کي به بند ڪيو ويو آهي.
هن ملڪ ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جا ڪيترائي ذريعا آهن پر انهن ذريعن جي هوندي به بجليءَ جي کوٽ لڳي پئي آهي. نه هتي ڪي وڏا سولر پلانٽ لڳايا ٿا وڃن، نه هوا وسيلي بجلي پيدا ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿو ڪيو وڃي ۽ نه ئي بجليءَ جي کپت کي وڌائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن ٿيون. هڪ ائٽمي طاقت رکندڙ ملڪ لاءِ اها شرمساري واري ڳالهه آهي جو ان ۾ 24 ڪلاڪن تائين لائيٽ نه هجي ۽ عوام جي پريشانين کي ڪنهن ليکي ۾ نه آندو وڃي. هر حڪومت اهو اعلان ڪندي آهي ته اها بجليءَ جي لوڊشيڊنگ واري مسئلي کي حل ڪندي پر هيستائين اهو مسئلو جيئن جو تيئن موجود آهي. نتيجي ۾ نه ماڻهن وٽ بجلي آهي ۽ نه ئي ڪا مستقبل جي رٿا آهي.
اسين سمجهون ٿا ته ڪالهه جيڪو بليڪ آئوٽ ٿيو آهي، ان جي صاف شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ انهن سببن کي پڻ ڳوليو وڃي ته آخر ڇا معاملو آهي جو هر سال اهو بليڪ ٿيندو رهندو آهي. ان کان سواءِ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته بجلي پيدا ڪرڻ جا متبادل وسيلا پيدا ڪيا وڃن ته جيئن بجلي گهرن کي فراهم ٿيندڙ تيل به بچي سگهي ۽ بليڪ ٿيڻ جو خطرو به ٽري وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button