سنڌ ادب به پنهنجي سفر ۾ نثري ادب ڏانهن اچي رهيو آهي، نثري ادب ميچوئر سماج ۽ ادب جو هڪڙو اهم مورچو سڏبو آهي جنهن ۾ تجزيا، تنقيدون، لاڙا، بحث، فڪر ۽ فلسفياڻيون ڳالهيون بحث هيٺ اينديون آهن. سنڌي ادب ۾ شاعري پنهنجي عروج جو دور ڏٺو، شاهه لطيف، سچل، سامي، شيخ اياز، استاد بخاري، امداد، تنوير، اياز گل کان وٺي فواد ڪلوڙ تائين ڪيترائي سٺا شاعر رهيا ۽ شاعري لکي رهيا آهن، جن کي تنقيدون ۽ تجزيا به ڀرپور مليا آهن. اهي مهاڳن ۽ تنقيد جي صورت، تجزين، مهورتي تقريب ۾ تبصرن توڙي تحقيقي مقالن جي صورت ۾ به، پر شاعري تي ڊسڪورس ۽ ڊسڪشن هلندا رهندا آهن پر ڪهاڻي يا ڪهاڻي نويسي جنهن ۾ ناول لکڻ يا ناٽڪن کي به ڳڻي سگهجي ٿو، تن تي خاطر خواهه نه ڳالهايو ويو آهي يا گهٽ ڳالهايو ويو آهي. ان جو هڪڙو سبب ڪهاڻي نويسي يا ڪهاڻي يا ناول يا ڊرامن لکڻ جو مقدار به گذريل ٻن ڏهاڪن کان پهرين گهٽ رهيو آهي. ان مقداري کوٽ جي ڪري به شايد نثر نويس ڊسڪورس جي سطح تي نه آندا ويا هوندا يا ڪو ٻيو سبب به ٿي سگهي ٿو پر گذريل ٻن ڏهاڪن دوران نه صرف ڪهاڻي نويسي (ڪهاڻي، ناول يا ڊرامن لکڻ جي صورت ۾، جيتوڻيڪ ناٽڪ اڃا به گهٽ پيو لکجي) جي تعداد يعني مقدار ۾ اضافو ٿيو آهي پر ڪجهه معياري ڪتاب به آيا آهن ته انهن تي تنقيدون ۽ تجزيا به آيا آهن. جهڙوڪ اڪبر لغاري طرفان سيريز ۾ ناولن تي تبصرا يا تنقيدون هڪ اهم ڪڙي آهن. ايئن پنهنجي پر ۾ ڪيترائي ٻيا ليکڪ به لکندا رهيا آهن جنهن ۾ تازو ممتاز بخاري جو نسيم کرل جي ڪهاڻين تي ڪتاب “صدي جي ٻرانگهه” به نظر مان گذريو آهي جنهن ٻين ڪيترن اهم مضمونن سان گڏ جارج لوڪاسس جي ٿيوري جو اطلاق ڪري ڪهاڻين جو تجزيو ڪيو آهي. ايئن نثري يا ڪهاڻي نويسي تي ڊسڪورس جي شروعات ٿي آهي اهو ڊسڪورس مثبت رخ ۾ هلي ٿو. ڪهاڻي نويسي جي فن کان ويندي فڪر تائين اڃا ڪيترائي زاويا آهن، جن کي ڦلهورڻ جي ضرورت آهي ڇو ته اسان اڃا E. M. Forster جي تجزياتي عنصرن کي به مناسب نموني اپلاءِ ڪري ناول تي نه ڳالهايو آهي، نڪي ارسطو جي پوئيٽڪس جي علامتن کي لاڳو ڪري ڪهاڻي نويسي جي فن جو جائزو ورتو آهي. جيتوڻيڪ ڪجهه اهڙا ڪتاب يا تبصرا به موجود آهن. جن ۾ ڪجهه تحقيقي مقالا جيڪي سنڌي شعبي ۾ ايم فل يا پي ايڇ ڊي صورت ۾ لکيا ويا، اهي به ڇپيا آهن پر ان تنقيد ۽ تجزياتي ڊسڪورس کي عوامي ادب يا تنقيد جي سطح تي آڻڻ جي ضرورت آهي، جيئن پڙهندڙ ۽ لکندڙ ان ڊسڪورس جو اصلي فليور حاصل ڪري سگهي.
ڪهاڻي نويسي جي فڪر تي في الحال ان ڪري نٿا اچون جو فڪري طرح ادب گهڻ رخي فڪر Multipolar Ideology جي گهيري ۾ آهي. گلوبلائيزيشن ۽ پوسٽ ماڊرن صورتحال جي ڪري وڏا فڪري لاڙا ڪجهه حد تائين متروڪ ٿي معاشي مسئلن جي گهيري ۾ آهن ۽ دنيا مقامي حقيقت نگاري ڏانهن لڙي وئي آهي. باقي فني طرح يا عنصرن جي حوالي سان ڪيتريون ڳالهيون آهن، جيڪي ڪري سگهجن ٿيون. انهن عنصرن ۾ علم البيان يا Narratology هڪ اهم پاسو آهي، جيڪو اسان وٽ ڪهاڻي نويسي جي حوالي سان ڪجهه نظر انداز ٿيل آهي. ان جي لاڙن، جزن يا مڪتبه فڪر جي ڊسڪورس کي سنڌي ۾ کڻي اچڻ سان ڪهاڻي نويسي کي سمجهڻ ۾ ڪافي مدد ملي سگهي ٿي. پيٽر بيري پنهنجي ڪتاب “بگننگ ٿيوري” ۾ اهڙن عنصرن کي تفصيل سان بيان ڪيو آهي جيڪي اسان کي ڪهاڻي نويسي جي تجزيي ۾ تمام گهڻي مدد ڏيئي سگهن ٿا. پيٽر بيري جي ڪجهه اهم علم البيان جي قاعدن موجب سڀ کان پهرين ڪهاڻي نويسي جي تجزيي ۾ ٻن عنصرن کي کنيو آهي ته ڪهاڻي ۾ اسٽوري ۽ پلاٽ Story and Plot جا عنصر الڳ ڪيا وڃن جنهن کي قديمي نقادن The Fabula and the Syuzhet جو نالو ڏنو آهي، جيڪو ارسطو جي پوئيٽڪس جو حصو پڻ آهي. فيبولا ڪهاڻي جي ترتيب ۽ سوزي پلاٽ جو ساخت آهي. ڪهاڻي هڪ ترتيب وار وقت جي ڏاڪي مطابق هوندي آهي پر پلاٽ ۾ مختلف شيون هونديون آهن جنهن ۾ زمان ۽ مڪان جي ترتيب کي اڳتي پوئتي ڪيو ويندو آهي.
ان کان پوءِ قديم نقادن مان يونان جي نئراٽالاجيڪل نقاد ارسطو جي پوئٽيڪس جي جزن جو جائزو ورتو ويندو آهي. جهڙوڪ ٽريجڊي ۽ ڪاميڊي جا جزا آهن جيڪي اسان کي لکڻي جي ٿيم يعني موضوع جو ڏس ڏين ٿا (انهن جي تفصيل بعد ۾ ڏينداسين)، يعني بيان جا اهي طريقا جن سان بياني عنصرن کي سمجهي ڪهاڻي نويسي جي ٿيم کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي ته اها ڪهاڻي المياتي آهي، مزاحيه يا طنزيه آهي يا ڪو ٻيو موضوع آهي. ان کان پوءِ روس جي اهم نقاد ولاديمير پروپ Vladimir Propp اچي ٿو وڃي، جنهن روس جي لوڪ قصن مان سئو کن ڪهاڻيون کنيون ۽ انهن ڪهاڻين جي ساخت جو تجزيو ڪيو ته ساختياتي طرح اهي عنصر ڪهڙا آهن، جيڪي ڪهاڻي کي ڪهاڻي بڻائين ٿا. پروپ انهن مان 31 عنصر ڪڍيا ۽ ٻڌايو ته ساختياتي طرح ڪهاڻي انهن عنصرن تي مشتمل آهي ۽ ڪابه ڪهاڻي انهن 31 عنصرن مان ٻاهر نه آهي (انهن جو تفصيل بعد ۾ ايندو). پروپ جي تجزيي مان روسي هيئت پسندي ۽ ساختياتي تنقيد گهڻو ڪجهه کنيو ۽ تنقيدي لاڙي ۾ ڪتب آندو. جيتوڻيڪ ساختياتي تنقيد بنيادي طرح لسانيات جي لاڙن، نظرين ۽ مفڪرن تي آڌاريل آهي پر تنهن هوندي به اهو ساختياتي تجزيو علم جي هر ميدان ۾ هڪجهڙو ٿي استعمال ۾ آندو ويو آهي. چوٿين نمبر تي اهم نئراٽالاجسٽ جيرالڊ جينيٽ جا بيانياتي جزا آهن جيڪي بيان ڪرڻ واري فن ۽ ٽيڪنيڪ سان لاڳاپيل آهن. جينيٽ جي عنصرن مطابق ته ڪهاڻي نويسي ۾ ڏسجي ته ڪهاڻي ۾ ڇا جي بدران ڪهاڻي ڪيئن ٻڌايل آهي؟ فني طرح هي جزا اهم ۽ ڪجهه ڏکيا به لڳي سگهن ٿا پر ٽيڪنيڪي طرح ڪهاڻي نويسي ۾ تمام گهڻا مددگار آهن، جينيٽ جي جزن مان هتي صرف هڪڙو مثال ڏجي ٿو، باقي تفصيل اڳتي ايندو. جينيٽ جي عنصرن مان پهريون عنصر اهو آهي ته ڪهاڻي ڪجهه ٻڌائي ٿي يا ڪجهه ڏيکاري ٿي يعني ڪهاڻي Mimetic آهي يا Diegitic آهي يعني ميميسز جو مطلب ته ڪنهن شيءِ جي نقالي يعني ان واقعي کي ادا ڪري سگهجي ٿو جيڪو پرفارمنس بيسڊ آهي. جڏهن ته ڊجيسس ۾ اهو بياني آهي، جيڪو بيان ڪرڻ جي مقصد لاءِ هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪهاڻي ۾ اهي ٻيئي عنصر گڏ گڏ به هلن ٿا ته صرف هڪڙو به ٿي سگهي ٿو. ايئن جيرالڊ جينيٽ جا 6 عنصر آهن، جيڪي ڪهاڻي نويسي ۾ اهم حيثيت والارين ٿا. ان کانسواءِ نئريٽو ٽيڪنيڪ ۾ رولان بارٽز جا ڪوڊز آهن، جيڪي پڙهندڙ کي ڊيڪوڊ ڪرڻا آهن. اهي ڪوڊ ٽيڪنيڪي طرح ڪهاڻي کي ڪنهن زمان ۽ مڪان سان ڳنڍين ٿا تنهنڪري اسان مختصر خاڪو هيئن ٺاهي سگهون ٿا ته
Story vs Plot (Structural formation)
Aristotle’s Components (Theme)
Vladimir Propp’s Elements (plot)
Gerald Gennette’s Material (narrative elements)
Roland Barthe’s Codes (Readers’ decoding ability)
ٿلهي ليکي مٿي ڏنل ڪهاڻي نويسي جي ڊسڪورس کي تفصيلي طرح ڏٺو ويندو، جيڪو سنڌي ۾ ڪهاڻي نويسي واري بحث ۾ مدد گار ٿي سگهي ٿو.
(هلندڙ)