مظلوميت ۽ غربت پنهنجي تشريح ۾ هڪ ٻئي سان سلهاڙيل هجڻ سان گڏوگڏ ڪافي حد تائين هڪ ٻئي کان الڳ آهي هڪ مظلوم جي لاءِ ضروري ناهي ته هو غريب به هجي، هڪ غريب پنهنجي معاشي استحصال جي هجڻ جي باوجود ڪنهن وڏي جبري مظلوميت جو شڪار هجي، اهو ضروري ناهي ها البت هن جي استحصال جا بنياد يا جڙون مظلوميت سان ڳنڍيل هجن ٿيون پر عام تشريح ۾ يعني طبقاتي معاشري جي تشريح ۾ مظلوميت جي تشريح هي ٿي بيهي ته ڪنهن فرد، خاندان، طبقو يا قوم ان زمري ۾ اچي ٿي، يعني جنهن جو استحصال ٿئي، جنهن تي تشدد ٿئي، جنهن کي رياست جو قانون انصاف ڏيڻ جو پابند هجڻ جي باوجود انهيءَ کي انصاف پلي نه پئي، هو انصاف جي لاءِ ٺوڪرون کائيندو رهي ۽ ٻڌائيندو رهي اهو مظلوميت جي دائري ۾ يا تشريح ۾ اچي ٿو، (قومي مظلوميت گھڻو ڪري گھڻ قومي رياستن جي اندر حاڪم جابر بالادست قوم جو شڪار مظلوم قومون ٿين ٿيون يا ڪالونيلزم جي دور ۾ سڌي غلاميءَ جي جڪڙ ۾ رهندڙ قومون مظلوميت جي دائري ۾ اينديون هيون ۽ اچن ٿيون) باقي هڪ رياست جي اندر پوري قوم نه مظلوم ٿيندي آهي ۽ نه غريب، هڪ آزاد رياست جي اندر غريب ۽ مظلوم فرد، خاندان ۽ طبقا ٿيندا آهن. مثال موجوده دور ۾ سنڌ جي حالت برطانيه جي ڪالونيل دور کان به بدتر آهي ڇو ته رياست جو ڪردار پنهنجي طبقاتي ڪردار جي نڀائڻ جي باوجود رياستي رٽِ قائم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿيندي پوئتي هٽندي نظر پيو اچي، جڏهن ته ڪالونيل دور جي اندر رياستي رٽِ مڪمل طور تي جيڪڏهن نه ته به 90 سيڪڙو قائم هئي 10 سيڪڙو جي رعايت يا ڪمزوري حاڪم قوم انگريزن جي حوالي سان هئي، ان دور ۾ ڪيترائي اهڙا ڪيس انگريزن جي حوالي سان ٿيا، جتي رياستي رٽِ کي آسيرو پاسيرو ڪيو ويو، پر مجموعي طور تي هتي رٽِ برقرار هئي.
پاڪستان ۾ عام طور تي ۽ سنڌ ۾ خاص طور تي رياستي رٽِ ته تحس نحس آهي، انهيءَ سان گڏوگڏ رياست جو قانون ڪمزور ۽ بي پهچ ماڻهن کي انصاف ڏيڻ ۾ ناڪام آهي، انهيءَ جو شڪار هڪ خوشحال فرد تڏهن ٿئي ٿو، جڏهن هن جون سياسي وابستگيون رياست تي قابض قوتن کان الڳ آهن پر جيڪو غريب آهي بي پهچ ۽ مجبور اهو ٻٽي اذيت جو شڪار آهي، يعني هڪ معاشي طرح غربت جي ذلت ان کي نپوڙي پئي ته ٻئي طرف ڪو جبر، تشدد، ڏاڍ ۽ ظلم هن کي ڀورا ڀورا ڪري ٿو ڇڏي، مثال
امِ رباب چانڊيو جو خاندان جي اپر ڪلاس ۾ نه ته مڊل ڪلاس ۾ اچي ٿو، پر چانڊين سردارن سان هن جي جھيڙي هن کي مظلوم ڪري ڇڏيو، هاڻي ام رباب مظلوم آهي پر هو غربت ۾ پيڙهندڙ ناهي پر ٻئي طرف ناظم جوکيو جو خاندان هڪ طرف سرداري جبر جو شڪار ٿيل مظلوم خاندان آهي ۽ ٻئي طرف هو انتهائي غريب به، ايتري حد تائين جو ناظم جي وني گھرن ۾ پورهيو ڪري پنهنجي پيٽ جو گذارو ڪري پئي، ان ٻنهي خاندانن جو ٽڪر سردارن سان آهي، سنڌ جو عوام ٻنهي سان گڏ آهي پر برسراقتدار پارٽي يا حڪمران طبقي جا اڪثريتي فرد سردارن سان گڏ آهن.
اسان جي ملڪ ۾ رياست جو ڪردار عوام جي لاءِ نه هجڻ جي برابر آهي، رياست عوام کي انصاف ڏيارڻ ۾ ڪو به اڳواڻي جو ڪردار نٿي ڪري پر عوام وڏي جدوجهد سان ڪنهن مظلوم کي انصاف ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، مائي جندو جو ڪيس اسان جي آڏو هڪ وڏو مثال آهي ته هڪ فوجي آفيسر هن جا ڪونڌر ڪٺا ۽ انهن مظلومن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ کين دهشتگرد ۽ هندستان جو اينجٽ ڪري پيش ڪيو ويو ۽ ڪيس داخل ڪيو ويو، پر ٽنڊي بهاول جي شهيدن جو خون جڏهن احتجاج ۾ اڳتي وڌيو ٿيو ته صورتحال بدلجڻ شروع ٿي، عوامي احتجاج ۽ خانداني احتجاج ڀرپور ڪردار ادا ڪيو پر معاملو پنهنجي اڳيان آهي ته عدالتن کان انصاف مليو قاتل کي سزا آئي، هن جي رحم جي اپيل ايوانِ صدر جي ٽيبل تي هئي تنهن وقت فاروق لغاري پ پ پ سان وابسته صدر هيو، معاملو ڊلي ٿيو ۽ اينگھائڻ جي پاليسي اختيار ڪئي وئي، آخر مائي جندو جي ڌيئرن ايوان صدر کان انصاف طلبي پنهنجو پاڻ کي باھه ڏئي ساڙيو، اهي ٻئي ڄڻيون قربان ٿي ويون، تڏهن هڪ وڏي دٻاءَ کان پوءِ رحم جي اپيل رجيڪٽ ٿي ۽ قاتل کي سزا آئي، جڏهن رياست طبقاتي ڪردار جي لٺ جو ڪردار ادا ڪندي ادارن جي اندر بدترين سياسي مداخلت ۽ ڪرپشن مڪمل طور تي رياست جو هليو ايترو بگاڙي ٿي ڇڏي جو مظلوم ۽ غريب خاص ڪري غريب ۽ مظلوم صرف ۽ صرف نااميدن ۽ بد کان بدتر مايوسين جو شڪار ٿي ٿا وڃن، اسان کي هي به اڳيان نظر اچي رهيو آهي جو رياست جي ڪردار ادا نه ڪرڻ سان فرد ۽ خاندان پنهنجي سماج ۾ سماج جي اندر برادري ۽ راڄوڻن دٻائن ۾ رهي ٿو. ظاهر آهي جتي رياست جا ادارا طاقتور فردن ۽ طبقن جي لاءِ ڪمداريءَ جو ڪم ڪندا هجن جتي انصاف پنهنجي پيچيدگين ۾ دولت جي زنجيرن سان جڪڙيل هجي ۽ توريو وڃي، اتي هڪ غريب ماڻهو جي لاءِ هڪ خاندان جي لاءِ ڪهڙي راھه بچي ٿي، جتان هو انصاف جي اميد رکي مايوسين جو شڪار خاندان يا فرد پنهنجو جياپو قائم رکڻ لاءِ لازمي طور برادري ۽ سماج ۾ واپس ٿو اچي، سماج جا متحرڪ سياسي گروھه جيڪي گھڻي ڀاڱي پنهنجي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڪرڻ جي لاءِ شروعاتي ظلم ۽ احتجاج ۾ صفِ اول ۾ بيٺل هوندا آهن ۽ جڏهن اشو ڪمزور ٿيندو آهي تڏهن هو پوئين صفن ۾ به ايترو پري هوندا آهن جو مظلوم جي دانهن ۽ ڪوڪ جو آواز به انهن تائين ناهي ويندو، تنهن ڪري اڪيلائپ جو شڪار خاندان گھڻو ڪري پنهنجي ۽ پنهنجي مٽن مائٽن جي خاطر طاقتور ۽ ظالم قوتن جي آڏو هٿيار ڦٽا ٿو ڪري ڇڏي ۽ پوءِ ڏيتي ليتيءَ جي گورک فيصلن ۾ هن کي جيڪا ڪمپنسيشن ڏني ٿي وڃي ۽ بي پناھه ڪمپرومائيز جا دليل مينهن جيان وسڻ شروع ٿي ٿا وڃن تڏهن ڪيترائي بااصول ۽ باڪردار فرد ٿڪجي هارجي پنهنجو پاڻ کي مصحلت جي ڌارا ۾ ڦٽي ٿا ڪري ڇڏين ۽ اهوئي هنن جو وڏو کان وڏو الميو هجي ٿو. جڏهن هو نه ٺهڻ جي باوجود هٿيار ڦٽو ٿا ڪري ڇڏين هن وقت تائين سڄاڻ ڌرين يا انقلابي سياسي پارٽين جن ۾ کاٻي ڌر ۽ قوم پرست ٻئي شامل آهن، انهن سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪندي پنهنجا مددي گروپ تشڪيل ناهن ڏنا، جيڪي پوري پابنديءَ سان فرض نڀائيندي فرد ۽ خاندان کي اڪيلو نه ڇڏين، انساني حقن جون تنظيمون جيڪي شور ۽ گوڙ ۾ وڌيڪ سرگرم ٿيندي پراجيڪيٽ کڻڻ جي چڪر ۾ هجن ٿيون، انهن جو مضبوط ۽ پختو ڪردار ڪڏهن به نٿو ٿي سگھي معاشي مدد عارضي بنيادن تي جيڪا ٿئي ٿي، اها به ڪجھه وقت کان پوءِ پنهنجو ڪردار ٿڌو ٿي ڪري ڇڏي، هتي سنڌ ۾ اهڙي جاڳرتا هن وقت تائين پيدا ناهي ٿي سگھي جو غريب خاندان جي معاشي مدد جي لاءِ باقاعده سماج کان هڪ ڀرپور سپورٽ ملي، اسان کي هي به ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته مددون هميشه عارضي هونديون آهن ۽ انهيءَ جو به مثبت رخ يا اثر تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن انهيءَ ۾ مڪمل شفافيت هجي يعني هي ٻڌايو وڃي ته هيتري مدد ٿي هيتري جي ضرورت آهي هيترو ڏنو وڃي يا بند ڪيو وڃي. اهو ڪم انفرادي طور تي خاندان کان ٿيڻ تمام مشڪل ۽ ڏکيو آهي سياسي جماعتن کي پنهنجي ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ ٺيڪ طرح سان ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي سول سوسائٽي ۽ ميڊيا گڏجي ڪري هڪ اهڙو پريشر وڌائن ته جيئن پارٽين جي ڪردار تي تنقيد ڪندي ڪجھه ڪردار عوام جي حق ۾ ڪري سگھجي، پوائنٽ اسڪورنگ جي چڪر کان نڪري يا ساڙا ساڙي جي روين کان بچندي اصولن کي اڳيان وڌائڻ گھرجي، ناظم جوکيي ۽ ام رباب سان هر اصول پرست ماڻهن کي گڏجي بيهڻ گھرجي يا انهيءَ کان علاوه به جيڪي مظلوم ۽ مسڪين فرد، خاندان آهن يا ظلم جو شڪار ٿين ٿا انهن جو مستقل مزاجيءَ سان ساٿ ڏيڻ جي لاءِ سياسي سماجي ۽ ميڊيا جي ادارن کي هڪ منظم طريقي سان اڳتي وڌڻ گھرجي تڏهن غريب ۽ مظلوم المين کان بچي سگھن ٿا.