ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جي وائڙائپ ۽ مخالف ڌر جا وار!

Editorial-Article-Allah Bux Rathore

مخالف ڌر جنهن قسم جون سرگرميون تيز ڪيون آهن ۽ ايستائين جو جيڪي ڪجهه عرصو اڳ هڪٻئي جي خلاف ڳالهائڻ ۾ ڪو احتياط به نه ڪندا هئا، اهي نه صرف هڪٻئي سان ملي کير کنڊ ٿيا آهن، پر ڳلي سان ائين لڳائي رهيا آهن، ڄڻ انهن ۾ ڪو رسامو هو ئي ڪونه، نه ئي ڪو انهن ۾ ڪنهن پاليسي تي اختلاف هو. ان جو تازو مثال بلاول ڀٽو زرداري جي، جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ڪيل ملاقات ۽ پوءِ هي تاثر ڏيڻ ته مخالف ڌر حڪومت کي پارليامينٽ جي اندر مات ڏئي ڇڏي آهي. هي الڳ ڳالهه آهي ته ملاقات کان اڳ ۾ هي تاثر ڏنو پئي ويو ته شايد پيپلز پارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر پي ڊي ايم جو حصو ٿي ويندي، ان حوالي سان مولانا سان ملاقات دوران ڪو اعلان به ٿي ويندو، جيڪڏهن ايترو نه به ٿئي ها، گهٽ ۾ گهٽ ٻئي ڌريون معاملي کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪن ها. ميڊيا سان ڳالهين دوران مولانا فضل الرحمان توڙي بلاول ڀٽو زرداري روايتي مسڪراهٽن ۽ ٽهڪن جي مٽا سٽا ڪري ڳالهين جي ڪڙاڻ کي لڪائڻ جي خوب ڪوشش ڪئي. ميڊيا جي سوالن جي جوابن دوران هي ڳالهه واضح ٿي ته ٻنهي ڌرين جو سياسي اسٽينڊ ساڳيو ئي پراڻو آهي، پ پ چاهي ٿي ته عمران خان کي پارليامينٽ ۾ بي اعتمادي جي رٿ ذريعي گهر روانو ڪجي، جڏهن ته مولانا واضح طور تي چئي ڇڏيو ته هو شروع کان وٺي ان راءِ جا آهن ته حڪومت جو جعلي مينڊيٽ آهي ۽ هو نين چونڊن کان گهٽ ڪابه ڳالهه قبول نه ڪندا. بلاول به واضح ڪيو ته پ پ، پي ڊي ايم ۾ شامل نه ٿي رهي آهي، پر هو پارليامينٽ جي اندر هڪٻئي سان سهڪار ڪندا رهندا. ان کان اڳ ۾ هي افواهه به سامهون آيا ته شايد ن ليگ ڪنهن ٽئين اميدوار تي راضي آهي ۽ سال ڏيڍ لاءِ هن سيد خورشيد شاهه کي وزير اعظم طور قبول ڪيو آهي، ان حوالي سان مريم اورنگزيب جي سکر جيل ۾ خورشيد سان ملاقات، ان کانپوءِ ن ليگ جي احسن اقبال جي ڪراچي آمد ۽ شاهه صاحب سان ملاقات، انهن مان هي تاثر سامهون آيو ته ن ليگ خورشيد شاهه کي جيل کان ريل پهچائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. جيئن ماضي ۾ نواز شريف جي خلاف عمران خان جي ڌرڻي دوران خورشيد شاهه جي ٿوري کي لاهي، نين چونڊن لاءِ رستو صاف ڪري سگهجي.
بلاول ڀٽو جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪنهن گهٽ اهميت واري نه هئي، ان جو اندازو گذريل ڪجهه ڏينهن کان سياسي فرنٽ تي ايندڙ تبديلين ۽ حڪومت کي مليل شڪستن مان لڳائي سگهجي ٿو. حڪومت جي وڏي شڪست هي آهي ته اها پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس جنهن طمطراق سان ڪوٺائي ڪيترن ئي بلز کي منظور ڪرڻ جو پروگرام تيار ڪيو هو، اهو منصوبو في الحال ناڪام ٿي ويو. ان جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته جنهن وقت هي اهم سياسي ملاقات ٿي رهي هئي، ان کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ ۾ قومي اسميبلي ۽ سينيٽ جا الڳ الڳ اجلاس ته ٿيا، پر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو، مخالف ڌر جي اڳواڻ ڏانهن لکيل خط گهڻي اهميت وارو هو. ان وقت ۾ شڪايت ڪئي وئي ته مخالف ڌر حڪومت سان ڪنهن به معاملي تي سهڪار نه ڪري رهي آهي. ان سان گڏ ن ليگ جي قومي اسيمبلي مان منظور ڪيل بل کي به ان وڏي اهميت ڏني وئي، حڪومتي ڌر ان بل کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. حڪومتي عهديدارن تاثر ڏنو ته جيئن ته حڪومت جي عددي اڪثريت برقرار آهي، پر جنهن وقت ن ليگ جو بل منظور ڪيو ويو، ان وقت حڪومتي ڌر جا ميمبر ڪيفي ٽيريا ۾ چانهن پيئڻ لاءِ ويا هئا.
حڪومتي ڌر نه صرف مايوسي جو شڪار آهي، پر وائڙي به نظر اچي رهي آهي، حڪومت جي پريشاني کي ڪيتريون ئي ڌريون اتحادين جي ناراضگي يا چونڊ سڌارن جي حوالي سان خدشن سان جوڙي رهيون آهن. هي خدشا ته پهريان به هئا، ايستائين جو ق ليگ، فنڪشنل ليگ ۽ ايم ڪيو ايم پهريان به ڪافي معاملن تي اعتراض پئي ڪيا، پر هن ڀيري لڳي پيو ته ڪو خاص اشارو ٿيو آهي، ته جيئن حڪومتي نظام کي جام ڪجي يا وري قانون سازي جي حوالي سان اهڙو ماحول تيار ڪجي جو پارليامينٽ اندر حڪومت کي پنهنجا ميمبر پورا ڪرڻ ۾ مشڪلات پيش اچي. هي ٽئي سياسي پارٽيون، جيڪي حڪومت جون شروع کان اتحادي رهيون آهن، انهن جي سياسي ڪيمسٽري کان به سڀ واقف آهن، ان سان گڏ هو جنهن اداري جي اشاري تي حڪومتي صفن ۾ شامل ٿيا، اهو به اوپن سيڪريٽ آهي. ق ليگ ته پنهنجي نئين حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ صلاح مشورا به شروع ڪري ڇڏيا آهن. اهڙي وقت ۾ جڏهن عمران خان پنهنجن ئي آقائن کي اکيون ڏيکاريون ۽ ڪيترن ئي ڏينهن کان انهن کي پنهنجي اهميت محسوس ڪرائيندو ۽ جتائيندو رهيو، ان سان صورتحال خراب نظر اچي ٿي. حڪومت جي گهٽ ۾ گهٽ 20 ميمبرن جي مخالف ڌر سان رابطي ۾ هجڻ واري ڳالهه ڪا ڳجهي ناهي، پر اهي کلي عام عمران خان کي چيلينج ڪري رهيا آهن. جهانگير ترين جا حامي ان کانسواءِ آهن، جيڪي الڳ ايجنڊا جو حصو آهن.
ملڪ جي اعليٰ عدالت عمران خان کي انتهائي اهم معاملي جي پڇاڻي لاءِ جنهن انداز سان گهرايو ۽ ان کان ڪارڪردگي بابت پڇاڻو ڪيو، ان سان هي پيغام به ويو ته عمران خان جا اهي حامي يا اقتدار ۾ آڻيندڙ ڪيترا نه ناراض آهن. ٻين کي ته ٺهيو پر حڪومت جو سڀ کان وڏو وڪيل اٽارني جنرل کلي عام چئي رهيو هو ته هو نه صرف عمران خان جو دفاع نه ڪندو، پر اهي، جن خلاف شهيد ٻارڙن جا والدين ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ چون ٿا،انهن جو به هو بچاءَ نه ڪندو، نه ئي وري انهن اهم شخصيتن جي خلاف ڪا ايف آءِ آر داخل ڪرائي سگهجي ٿي. ائين لڳي رهيو هو ته اٽارني جنرل شايد پنهنجو عهدو ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي وڃي. هي اهو ساڳيو اٽارني جنرل آهي،جيڪو پهريان ئي حڪومت جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ان جو دفاع ڪرڻ کان انڪار ڪري چڪو آهي. ان سان گڏ هو ڪجهه عرصو اڳ نيب چيئرمين جي مدي ۾ واڌ ڪرڻ لاءِ صدارتي آرڊيننس جي به مخالفت ڪري چڪو آهي. پر هاڻ ته انتهائي غير معمولي صورتحال آهي، جنهن ۾ اٽارني جنرل ڪنهن به وقت ٺڪاءَ ڏئي سگهي ٿو.
وزير اعظم جنهن پريشاني ۾ ورتل آهي، ان دوران هڪ ڪوبه اهڙو قدم کڻي سگهي ٿو، جنهن سان جمهوري نظام ڊي ريل نه به ٿئي، پر پارليامينٽ کي چٽ ڪري سگهي ٿو. هن جي سياسي ڪيمسٽري اها رهي آهي ته جيڪڏهن هن کي شاٽس کيڏڻ جي اجازت نه ملندي آهي ته هو سمورو کيل خراب ڪري ڇڏيندو آهي. ٻي ڳالهه ته وزير اعظم ڪيتري جمهوري سوچ رکي ٿو، ان تي به ڪي ٻه رايا ناهن. انڪري هن کان ڪنهن به قدم جي اميد ڪري سگهجي ٿي. هاڻ ته اهي جيڪي مٿي تي هٿ رکڻ وارا هئا، انهن جي پرڀري ٿيڻ جي صورت ۾ هو وڌيڪ مايوسي جو شڪار آهي. هن کي هڪ طرف مخالف ڌر تنگ ڪيو آهي ۽ ان کيس ديوار سان لڳائي ڇڏيو آهي، ته ٻئي پاسي سليڪيٽرز به اکيون ڏيکارڻ شروع ڪيون آهن. حڪومت جو وهنوار پهريان ئي ٺپ ٿي چڪو هو، جنهن کي هلائڻ عمران خان جي وس جي ڳالهه ناهي. هينئر هي ڳالهيون به عام آهن ته جيڪڏهن صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وڃي ته حڪومتي صفن مان ڪيترائي ميمبر مخالف ڌر ڏانهن رخ ڪندا. عمران خان کي جن ڌرين سهارو ڏنو پئي، انهن جي پاسيري ٿيڻ کانپوءِ حڪمران ڌر پريشاني جو شڪار آهي ۽ اهي جن کي اليڪٽيبلز سڏيو پئي ويو، اهي به هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ تي مجبور آهن، انهن کي عمران خان کان وڌيڪ پنهنجو مستقبل بچائڻو آهي، انڪري اهي ڪنهن به وقت ڀڙڪو کائي سگهن ٿا. موجوده حڪومت هاڻ ڪيترا ڏينهن هلي ٿي ۽ عمران اقتدار جون موجون ماڻي ٿو، ان جي ڪابه ضمانت ناهي، نه ئي وري ضامن آهي، جيڪو پهريان واري صورتحال کي واپس آڻي ۽ عمران خان اڇي ڪاري جو مالڪ ٿي وڃي. عمران خان کي اپوزيشن جي خلاف جيڪي شاٽس کيڏڻا هئا، اهي به کيڏي چڪو، باقي شيخ رشيد جي ڳالهين تي ڪنهن کي به اعتبار ناهي، ڀلي هو فوجي آمرن جيان انهن جي روحاني شاگرد جا ڪيترا به هٿ مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري صورتحال هٿن مان نڪري چڪي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button