ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

جڙتو پوليس مقابلا

Editorial

“سنڌ ايڪسپريس” جي هنن ئي صفحن تي اسين ڪئين ڀيرا سنڌ پوليس جي ڪارنامن بابت لکندا رهيا آهيون. سنڌ پوليس جو ماضي ۽ هاڻوڪو رڪارڊ ٻڌائي ٿو ته اها سنڌ جي عوام لا مصيبتون پيدا ڪرڻ ۾ وسان ڪين گهٽائي رهي آهي. اها نه رڳو جڙتو مقابلا ڪرڻ ۾ مصروف آهي پر ان سان گڏ اها ڪيترن ئي نوجوانن کي زخمي ڪري انهن کي معذور به ڪري چڪي آهي. هونئن ته پوليس جي جڙتو مقابلن جي جاچ ٿيڻ ضروري آهي پر اسان وٽ اهڙو ڪوبه رواج ڪونهي، جنهن جي ڪري پوليس مقابلا سدائين پوليس کي ڦٻجي ويندا آهن ۽ ان کانسوا جن ماڻهن جون زندگيون جڙتو پوليس مقابلن جي ڪري تباهه ٿين ٿيون، انهن جو ڪو ازالو نه ٿي سگهندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو پوليس جڏهن ۽ جتي چاهي جڙتو مقابلو ڪري ماڻهن کي ماري سگهي ٿي ۽ اهڙي عمل تي پوليس کان ڪو پڇاڻو به نه ڪيو ويندو. نتيجي ۾ پوليس مقابلن جو سلسلو هلندو رهندو. اڄ سنڌ ۾ جتي به پوليس ٿاڻا قائم آهن، انهن مان گهڻا اهڙا آهن، جيڪي سنڌي ماڻهن لا عذاب بڻيل آهن. پوليس جو ڪم عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ سان گڏ ان جي مسئلن کي حل ڪرڻ آهي پر ڇا اسان جي پوليس اهي ڪم ڪري رهي آهي؟ ڪالهه به جيڪا رپورٽ اخبار ۾ ڇپي آهي، ان موجب هڪ ڀيرو وري پوليس مقابلي ۾ هڪ نوجوان کي زخمي ڪيو ويو آهي.

ڪالهوڪي آيل خبر موجب نصيرآباد گاجي کهاوڙ روڊ تي مسافر جِي قبر ڀرسان پوليس ۽ ڦورن ۾ مقابلو ٿي پيو، جنهن ۾ هڪ ڦورو طالب حسين ولد علي حسن ميربحر کي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ۽ هٿيار هٿ ڪرڻ جِي دعوى ڪئي، جڏهن ته چار ڦورو اونداھي ۾ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. زخمي ڦورو کي نصيرآباد هيلٿ سينٽر کان لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ايس ايڇ او نصيرآباد ذاڪر سانڊاڻو ٻڌايو ته ڪجھه ڏينھن اڳ رفيق شيخ کان لکين روپيا ڦر ٿي هئي، ان واردات ۾ طالب ميربحر، سجاد شيخ، صغير عرف صغو ڪانڌڙو، ارشاد ٻٻر، رشيد ۽ اظهر ڪانڌڙو گذريل رات ڦر جي ارادي سان تاڙ ۾ بيٺل هئا ته ڦورن پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪري ڏني، جنھن جي نتيجي ۾ هڪ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ۽ ٻين جِي ڳولا جاري آهي. هوڏانهن وارثن دانهيندي ٻڌايو ته ايس ايڇ او نصيرآباد اسان جي نوجوان طالب ميربحر کي چار ڏينهن اڳ جاچ لاءِ کڻي ويو هو، جنهن کي گذريل رات جڙتو مقابلو ڄاڻائي ڄنگهھ ۾ گولي هڻي نوجوان جِي زندگي تباهه ڪري ڇڏي آهي. زخمي نوجوان جي وارثن واقعي جي عدالتي جاچ ۽ نوجوان کي انصاف ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو. ان ڳالهه کي به قبول ڪجي ته وارثن غلط بياني ڪري رهيا آهن پر تنهن هوندي به پوليس جو ماضي ۾ اهو ئي رڪارڊ رهيو آهي، جڏهن به اها ڏوهارين کي گوليون هڻڻ چاهيندي آهي ته پوليس مقابلو ئي ڄاڻائيندي آهي، جنهن ۾ گهڻو ڪري ڏوهاري ئي زخمي ٿيندا آهن يا مارجي ويندا آهن. اهڙي ريت اهو سلسلو وڏي وقت کان جاري آهي.
پوليس جي اهڙي رويي تي سنڌ جا ڪيترائي ماڻهو سوال اٿاريندا رهيا آهن ۽ اعتراض واريندا رهيا آهن پر تنهن هوندي به پوليس جي ساڳي روش برقرار آهي. جنهن ڪري عوام سدائين اهو چاهيندو آهي ته پوليس جي عذاب ۽ ان جي ڪاوڙ کان بچندو رهي. جڏهن پوليس پنهنجا اختياري اورانگهيندي آهي ته ان جو مطلب اهو آهي ته اها عوام لا مسئلا پيدا ڪري رهي آهي ۽ عوام جي خدمت لا جوڙيل ادارو عوام کي تباهه ۽ بردباد ڪرڻ ۾ لڳو پيو آهي، تنهنڪري ان پاسي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته آخر اهڙن پوليس مقابلن ۾ سدائين عام ماڻهو ڇو مرندو آهي. سنڌ ۾ ها فرا ۽ فل فرا جو سلسلو جڏهن شروع ٿيو ته ان ۾ ڏوهاري ته معذور ٿيا هئا پر اهي ماڻهو به شڪار ٿيا هئا جيڪي ڏوهاري نه هئا.
اسين سمجهون ٿا ته پوليس تي لڳندڙ سمورا الزام ڀلي سچا نه هجن پر انهن مان ڪجهه ضرور حقيقي هوندا، جن کان پوليس انڪار نٿي ڪري سگهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جڙتو مقابلن جو سلسلو بند ڪيو وڃي ۽ ان کانسوا جتي به اهڙو مقابلو ٿئي ٿو، ان جي صاف شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي. ان جاچ جي نتيجي ۾ جيڪي پوليس وارا به ملوث هجن، انهن خلاف سخت کان سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن ايندڙ وقت ۾ اهڙن جڙتو پوليس مقابلن کان عوام بچي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button