رانديون

ٽي 20 ورلڊ ڪپ ڪير کٽيندو، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ اڄ مقابلو

ٽي 20 ورلڊ ڪپ جو نئون چيمپيئن اڄ سامهون اچي ويندو، جنهن لا آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي. ميڊيا مطابق ٽي 20 ورلڊ ڪپ ڪير کٽيندو، جهڙي سوال ۽ آزمائش کي حل ڪرڻ خاطر آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون اڄ مقابلو ڪنديون. جڏهن تھ انگلينڊ ۽ پاڪستان کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهتل نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا فائنل جي تياري ڪري ڇڏي آهي. جڏهن تھ چيمپيئن بڻجڻ جي ويڙهه ۾ نيوزيلينڊ جو بيٽر ۽ وڪيٽ ڪيپر ڪونوي انجري سبب ان فٽ ٿي چڪو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ، ٻنهي ٽيمن اڳ ڪڏهن بھ ٽي 20 جو فانل نھ کيٽو، اڄ هڪ کي ٽرافي ملندي ۽ ٻيو رنر اپ بڻجي ويندو، جنهن سان دنيا کي ٽي 20 ڪرڪيٽ جو نئون چيمپيئن ملي ويندو. جڏهن تھ نيوزيلينڊ ۾ ڪپتان ڪين وليمسن، مچل سانٽنر، اش سوڊي ۽ آسٽريليا وٽ ڊيوڊ وارنر، ايرون فنچ مچل اسٽارڪ اهم قرار ڏنا ويا آهن. ان کان سيمي فائنل ۾ نيوزيلينڊ انگلينڊ کي سخت مقابلي بعد شڪست ڏئي فائنل ۾ پهتي آهي. جڏهن تھ پاڪستان کي شڪست ڏئي آسٽريليا فائنل ۾ جڳهه حاصل ڪري ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button