
ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا ٽينس تان رٽائرمينٽ بابت مڙس شعيب ملڪ جي ڪيل اتساهه واري پوسٽ تي ٻن ڏينهن بعد کيس جواب ڏئي ٿورو مڃيو آهي. ميڊيا مطابق ثانيا مرزا جي رٽائرمينٽ تي شعيب ملڪ زال کي عورتن جو اتساهه قرار ڏنو، ٻن ڏينهن بعد ثانيا مسڪراهٽ سان رڳو ايترو لکيو تھ، اوهان جي مهرباني.