
پاڪستان ويمن ۽ آسٽريليا ويمن ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽيون ۽ آخري ٽي 20 ميچ برسات جي حوالي ٿي ويو آهي ۽ ان کي بنا نتيجي جي ختم ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق ڪينبرا ۾ شديد برسات سبب پاڪستان ويمن ۽ آسٽريليا ويمن جي ميچ جي ٽاس بھ نھ ٿي سگهي آهي. ياد رهي تھ آسٽريليا ويمن پهريون 2 ميچون کٽڻ سبب سيريز پنهنجي نالي ڪري چڪو آهي. هوڏانهن آسٽريليا ون ڊي سيريز ۾ پاڪستان کي وائيٽ واش ڪري چڪو آهي.