سنڌ جي امر ڪھاڻيڪار، ڪالم ۽ ناول تخليق ڪندڙ نامياري ليکڪ سائين امر جليل جو پراڻو ناول “نيٺ گونگي ڳالهايو” مون کي سالن کان پوءِ جمعي واري ڏينهن واڪ ڪرڻ مھل ھڪ اخبار جي ھيڊ لائين پڙھندي ياد اچي ويو. ھي ناول جيئن ته گھڻو آڳاٽو آهي جنهن ڪري انھيءَ جو جيڪو تت ياد اٿم سو نئين ٽهيءَ جي جوانن جي ڄاڻ خاطر مختصر نموني لکان ٿو. امر جليل صاحب جي ھن ناول جو مرڪزي ڪردار ھڪڙو گونگو شخص آهي جيڪو ڪنن کان ٻوڙو نه آهي ۽ ٻڌي سگهي ٿو. ھي ويچارو گونگو جيڏانهن به وڃي ٿو اتي اھوئي ذڪر ٿيندو آهي ته اسان جي دوست اسلام دين جي حياتيءَ کي خطرو آهي. پوءِ ھو پنھنجا سڀ ڪم ڇڏي پراڻي سنگتيءَ اسلام دين جي تلاش ۾ نڪري ٿو پوي.
مذهبي سياسي پارٽين جي اڳواڻن توڙي واعظ ڪندڙ مولوين کي ڏينھن رات اھا ئي وائي وات ھوندي آھي ته، “دين خطري ۾ آهي”
ھي گونگو ڪنن کان ٻوڙو نه ھوندو آھي تنھن ڪري ٻڌي سڻي سگهي ٿو. ھو پھرين ته پنهنجي ھٿن ۾ ھڪڙو پليڪارڊ کڻي سڄي شهر ۾ رلي ڦري اسلام دين جي ڳولھا ڪري ٿو پر گھربل ھمراھه کيس ھٿ نٿو اچي. پوءِ ڪو راھگير واٽ ويندي سندس ھٿ ۾ جھليل لاٺي وارو بورڊ پڙھي کيس اھو ڏس ڏيندو آهي ته اسلام دين کي ڳولھڻو اٿيئي ته اسلام آباد ھليو وڃ، من اتي توکي اسلام دين نظر اچي وڃي. گونگو پلي ڪارڊ سودو اسلام آباد پهچي اتي گاديءَ واري شهر جي ھڪڙي مشهور چونڪ جي وچ تي بيھي رھي ٿو ته جيئن اسلام دين پنهنجو نالو پڙھي ساڻس ملي ته کيس خطري کان آگاهه ڪريان. ڪجھه ڪلاڪن کان پوءِ اوچتو ڪي نامعلوم نقاب پوش گونگي کي جھلي کنڀي کڻي وڃڻ وارا ھوندا آھن ته سندس وات مان رڙ نڪري ٿي وڃي ته بي ڏوھي آھيان. آئون ته اسلام دين کي بچائڻ گهران ٿو جنهن جي حياتيءَ کي خطري جو چؤٻول ٻڌي سندس ڳولھا پيو ڪريان.
بدقسمتيءَ سان اسان جي ملڪ جي ھرھڪ سويلين صدر جو حال به انهي گونگي جھڙو ڏٺوسين جيڪو فقط تڏھن رڙ ڪري ٿو جڏهن ڪو شخص کنڀجي ٿو. آئون صدر عارف علوي جو ذڪر ڪريان پيو جنهن گذريل ساڍا چار سال ماٺ جو روزو رکي پاڻ کي گونگو بڻائي ڇڏيو هو. پر فواد چوڌريءَ جي کنڀجڻ شرط سندس وات پٽجي ويو آهي. ھاڻي جڏهن سندس صدارت جو سج لھڻ وارو آھي ته کيس انساني حقن ۽ سياسي اڳواڻن سان ٿيندڙ ناروا سلوڪ جي ياد ستائي پيئي. ڇا اھڙي ساڳي بدسلوڪي سندس پنهنجي پارٽي جي چيئرمين عمران خان جي حڪومت ۾ سياسي ڪارڪنن ۽ صحافين سان عام نه ھئي؟ ان وقت سندس زبان کي تالو لڳل ھو ڇا جو ھاڻي اوچتو رڙ نڪري ويئي اٿس ته فواد چوڌريءَ کي غير قانوني طريقي سان کنڀيو ويو آهي؟ جيتوڻيڪ آئون عمران خان جي حڪومت ۾ ٿيندڙ سندس واعدي خلافين ۽ بار بار يوٽرن کائڻ تي ٽن سالن تائين هنن ئي ڪالمن ۾ مٿس سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندو رهيو آهيان تنهن ڪري پي ڊي ايم سرڪار جي دؤر ۾ صحافين ۽ سياسي اڳواڻن سان ٿيندڙ بيواجبي تي اکيون ٻوٽي نٿو ويھي سگھان. وزير اعظم شھباز شريف جي حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ ارشد شريف جھڙي اينٽي اسٽيبلشمينٽ سچار صحافيءَ جو بيدرديءَ سان پرڏيهھ ۾ ٿيل قتل ۽ صحافت مٿان پنجوڙ وجھي اظھار جي آزاديءَ کي چٿڻ ۽ چيڀاٽڻ جا ڪيترائي اڻوڻندڙ واقعا ٿيا آهن جن تي صحافين جي معتبر عالمي تنظيمن کان وٺي مقامي صحافين تائين سخت تنقيد ڪئي ويئي آهي. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل وقت بوقت اھڙين پابندين کي ننديو آهي ۽ ھاڻي فواد چوڌريءَ سان دھشتگردن جھڙو ورتاءُ ڪرڻ خلاف پڻ سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ انساني حقن جي لتاڙ جا ھڪ ٻئي پٺيان انيڪ واقعا جمهوري قدرن جي نفي ڪندڙ آهن.
مون مٿي صدر عارف علوي جو ذڪر ڪيو آهي جنهن سينئر صحافين سان ڪيل ھڪ گڏجاڻيءَ ۾ نه رڳو فواد چوڌري جو دفاع ڪيو آهي پر اھو چتاءُ به ڏنو اٿس ته جيڪڏهن پي ڊي ايم سرڪار عمران خان کي گرفتار ڪندي ته ان جو تمام سخت عوامي ردعمل ٿيندو. ھن ڳالھه ٻولهھ ۾ ڪجھه اھم نقطه بيان ڪيل آهن جن تي راءِ ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو. مثال طور ھو چوي ٿو ته جيڪي ماڻهو تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي “مائينس ون” فارمولا تحت سياسي ميدان مان ڪڍي ٻاهر ڪرڻ چاھين ٿا تن جي اھا آس پوري نه ٿي سگهندي.
ھن ڏس ۾ منهنجو تجربو ٻڌائي ٿو ته جنرل ضياءُ الحق جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي ڏيئي پيپلز پارٽي منجهان مائينس (ڪاٽا) ڪري ڇڏيو ته ڇا ڀٽو صاحب اڄ ڏينهن تائين ڪاٽا ٿيو آهي؟ ساڳيو فارمولو نواز شريف تي به ٽي دفعا آزمايو ويو ۽ اسٽيبلشمينٽ سندس ننڍي ڀاءُ شھباز شريف کي پارٽي سرواڻ ٺاھڻ لاءِ ڏاڍا گھاٽ گھڙيا پر نواز شريف جلاوطن ھوندي به اڄ تائين پنهنجي مسلم ليگ جا سمورا فيصلا پاڻ ڪري ٿو ۽ شھباز شريف جي ڪم ڪار مان خوش ناهي ڇاڪاڻ ته وڌندڙ مھانگائي ۽ بيروزگاريءَ جي ڪري مسلم ليگ جي عوامي مقبوليت کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ پنجاب ۽ خيبر پختون خواهه ۾ عمران خان کي زبردست موٽ ملي ويئي آهي. اھو ئي ڪارڻ آهي جو نواز شريف پنهنجي نياڻي مريم نواز کي پنھنجي جماعت جو چيف آرگنائيزر مقرر ڪري ڏينھن ٻن ۾ پاڪستان اماڻي رهيو آهي ته جيئن پارٽيءَ جي وڃايل ساک کي بحال ڪري سگهي.
صدر عارف علوي جو اھو چوڻ به صحيح آھي ته عمران خان ھاڻي ھڪدم عام چونڊون ڪرائڻ واري مطالبي تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي پر پي ڊي ايم سرڪار وقت سر عام چونڊون ڪرائڻ بدران ڊجيٽل طريقي سان ملڪ جي نئين سر آدمشماري ڪرڻ جي بھاني شيڊيول مطابق ھلندڙ سال چونڊون ڪرائڻ کان لنوائي رهي آهي.
صدر عارف علوي جي اھا ڳالهھ به سچي آھي ته معاشي ۽ مالي مشڪلاتن باوجود پاڪستان ڏيوالپڻي کان بچي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته آمريڪا پاڪستان جي پاڻ به مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ آئي ايم ايف به حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ھاڻي تيار آهي.
ان ڳالهھ ۾ مون کي ڪوبه شڪ ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي ته پاڪستان جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان کان وٺي اڄ ڏينهن تائين آئي ايم ايف جڏھن به پاڪستان تي سخت اقتصادي پابنديون مڙهيون انھن کي ختم ڪرائڻ خاطر آمريڪي پرڏيهي وزارت کان وٺي پينٽاگون تائين ھرھڪ ادارو ان ڪري اسان جي ملڪ جي واھر ڪندو رهيو آهي جو سامراجي مفادن جي حفاظت لاءِ پاڪستان جي واڳ ڌڻين جي سھولت ڪاري کين گهربل ھوندي آھي. اڄ به ساڳي صورتحال آهي ته چار ڏينهن اڳ آئي ايم ايف بيان ڏنو ته تيسين پاڪستان سان ٺاهھ نه ڪنداسين جيسين اسان جي شرطن مطابق ھن ملڪ جا سياسي حڪمران تيل، گيس، بجلي ۽ ٻين عام انساني واھپي وارين ضروري شين تي نوان ٽيڪس لاڳو نه ڪندا. سوال آهي ته آخر آئي ايم ايف پنھنجي اھڙي ضد تان فقط ٽن چئن ڏينهن اندر ھٿ کڻي 31 جنوري تي پنهنجو اعليٰ سطح وارو وفد پاڪستان سان نرمي ڪرڻ واسطي اماڻڻ تي ڪيئن راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آھي؟
(ھلندڙ)