رانديون

جوڪووچ 10هون ڀيرو آسٽريلين اوپن جو چيمپيئن بڻجي ويو، سٽسيپاس کي شڪست

سربيا سان تعلق رکندڙ نواڪ جوڪووچ 10 ڀيرو آسٽريلين اوپن جو چيمپيئن بڻجي ويو آهي، جڏهن تھ يونان جي رانديگر سٽسيپاس اسٽيفانوس کي شڪست ملي آهي. ميڊيا مطابق آسٽريلين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ سربين ٽينس اسٽار ڪرونا ويڪسين نھ ڪرائڻ سبب پابندين بعد اجازت ملندي آسٽريليا جي سرزمين تي پنهنجي فتح جو جهنڊو کوڙي ورتو آهي.

نواڪ جوڪووچ ٽرافي کڻي بيٺل آهي

يونان جي نمبر ون ٽينس رانديگر سٽسيپاس مضبوط مخالف خلاف فتح ماڻڻ جي آخري حد تائين ڪوشش ڪئي، پر نواڪ جوڪووچ شاندار راند کيڏندي مٿس فتح حاصل ڪري ورتي آهي. نواڪ جوڪووچ ٽائيٽل واري مقابلي ۾ سٽسيپاس اسٽيفانوس خلاف پهرين رائونڊ ۾ 6، 3 ٻئي ۾ 7، 6 ۽ ٽئين رائونڊ ۾ 7، 6 جي پوائينٽس سان مقابلو کٽي ٽرافي ماڻي آهي.

نواڪ جوڪووچ جا کٽيل سلم گرينڊ وارا منظر (فائيل فوٽو)

جڏهن تھ چيمپيئن شپ کٽڻ بعد نواڪ جوڪووچ خوشي ۾ اکين مان ڳوڙها ڳاڙي ويٺو. هوڏانهن سٽسيپاس اسٽيفانوس جو چوڻ هو تھ مان هڪ عظيم رانديگر خلاف کيڏيس، مداحن مون کي بهتر رانديگر بڻايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button