
بالي ووڊ جي اداڪارا ڪنگنا رناوت روايتي تنقيد واري طريقي کي اختيار ڪندي چيو آهي تھ ڀارت خانز ۽ مسلمان اداڪارائن جو ديوانو آهي. سماجي راطب واري ويب سائيٽ تي ڪيل لاڳيتين پوسٽن ۾ هن جو چوڻ هو تھ هن ملڪ خانز سان محبت ڪئي، ڪڏهن ڪڏهن تھ رڳو شاهه رخ خان کي چاهيو اٿس. جڏهن تھ ڀارت جي اهڙي پيار کي ڏسندي ان تي فاشسٽ ۽ نفرت جو الزام هڻڻ زيادتي آهي. هن چيو تھ مڃان ٿي محبت جي جيت ٿي، پر فلم پٺان جو حقيقي نالو انڊين پٺان هجڻ گهرجي.