شوبز

بلوچ ڳائڻي ايوا بي شادي ڪري پنهنجو گهر وسائي ورتو

پاڪستان جي مشهور بلوچ ڳائڻي ايوا بي شادي ڪري پنهنجو گهر وسائي ورتو آهي، جنهن جي وڊيو پڻ وائرل ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق ڪنا ياري سان شهرت ماڻيندڙ حجاب واري ايوا بي ڪجهه عرصو اڳ مڱڻو ڪيو هو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ايوا بي جي شادي وارين رسمن واريون وڊيوز سوشل ميڊيا تي بھ شيئر ٿيندي وائرل ٿي ويون آهن. جڏهن تھ وڊيوز ۾ شادي جي رسمن ۾ ايوا بي ڪنوار جو روايتي بلوچي لباس پارائي ميندي بھ لڳائي آهي. هوڏانهن راڳي مدثر قريشي سان پرڻو ڪندڙ ايوا بي کي مداحن ۽ ساٿين مبارڪون ڏنيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button