انسان کي وندر کپي، پوءِ اها ڪهڙي به صورت ۾ ڇو نه هجي. چاهي اها وندر راند جي صورت ۾ هجي يا ڪنهن ٻئي وسيلي جي هجي. انسان خوش ٿيڻ جي آس رکي ٿو. سنڌ ۾ ميلن جي تاريخ پراڻي آهي. گهڻي ڀاڱي ميلا درگاهن تي لڳايا ويندا هئا. جنهن جو مقصد ڪنهن خاص ڏهاڙي تي زيارتي يا طرح طرح جي ماڻهن جو گڏ ٿيڻ، تنهن کان پوءِ انهن جي سلامي وغيره هو. ميلو ماڻهن جي مالي حالتن کي بهتر ڪرڻ جو پڻ هڪ ذريعو آهي. ڇاڪاڻ ته ننڍيون بازاريون لڳڻ سان روزگار جا موقعا فراهم ٿين ٿا، جنهن سان ننڍي پيماني تي سيڙپڪاري ڪندڙ طبقو گهڻو فائدو وٺي ٿو، جنهن لاءِ ميلا هڪ بهترين آپشن آهن. ميلا ڪهڙي قسم جا هوندا آهن، ان تي به اول سوچڻ جي ضرورت آهي.
پهرين ڳالهھ ته ماضي ۾ جيڪي پهرين ميلا لڳا اها ثقافتي ۽ رسمي ميلا لڳا، جيڪي مختلف قومن جي ثقافتي ريتن رسمن جي ترجماني ڪندا هئا. جيئن جسم ارتقا ڪئي آهي، اهڙي ريت تھذيبن به ارتقا ڪئي آهي. ان سڏ ۾ ميلا به پنهنجي ارتقائي دور کان ويندي هڪ نئين شڪل اختيار ڪن پيا. ان ڳالهھ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته حالتن جي گهرج سماج جي هر پسمنظر کي نئون رخ ڏئي ڇڏيندي آهي. ميلا مذهبي معاملن جي به ترجماني ڪندا آهن ته ميلا کيل تماشو به آهن.
ميلا علمي ادبي ۽ سائنسي علم جي به ترجماني ڪندا آهن. پر ڇا سنڌ ۾ لڳايل ميلا فقط تفريح آهن يا ٺلهي ٺاهه ۾ ڪنهن خاص سڃاڻپ فراهم ڪندا آهن. اهو هڪ اهم سوال آهي.
هر درگاهه يا شخصيت جو تاريخي ڪردار رهيو آهي جنهن ۾، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، شيخ اياز وغيره پنهنجي جوهر ۾ اهميت رکن ٿا، جيڪي سنڌ توڙي ننڍي کنڊ ۾ پنهنجي ڪم ۽ شاعريءَ سبب سڃاتا وڃن ٿا. پر انھن مان ڪو به ولي ناهي نه ئي اهي ڪي الهامي هستيون آهن، جو اتي وڃي ماڻهو باسون باسين ۽ اهي قبول ٿي وڃن. ڀٽائي، سچل، سامي ۽ اياز سنڌ جا معتبر شاعر آهن. ان کان وڌيڪ ٻي کان بهتر وصف نٿي ٿي سگهي.
سنڌ ۾ درگاهي ميلن جي کوٽ ناهي. قلندر جو ميلو پنهنجي مريديءَ ۾ اول هوندو آهي. 2017ع واري واقعي سبب 88 ماڻهو دهشتگرديءَ جو کاڄ ان ڪارڻ ٿيا جو اهي ميلي تي ويل هئا. ميلن جو مقصد ماڻهن کي متحد ڪري هڪ ٻئي کي تفريح سان گڏ پنهنجي پاڻ کي ڪنهن سرگرمي ۾ شامل ڪرڻ به آهي. ميلا ٻن قسمن جا ٿيندا آهن. هڪ رسمي جيڪي نج ڪمرشل ۽ عام ماڻهو ان کي مذهبي رنگ ۾ شامل ڪري مچائڻ جو قائل رهي ٿو. جنهن ۾ ماڻهن جي ذاتي تفريحي ۾ هڪ قسم جو adventure هوندو آهي. غير رسمي ميلا جيڪي نج عملي، علمي ۽ اتساهيندڙ هوندا آهن، جن جو ڪم ڪنهن به تهذيب، ڪلچر يا قومي سطح تي پڙهيل لکيل نوجوانن کي اتساهڻ آهي. پر ڇا سنڌ ۾ ادبي ۽ علمي ميلا اهو ڪردار ادا ڪري سگهيا آهن؟ ان تي تفصيلي ڳالهھ ڪري سگھجي ٿي. ڪنهن به ميلي جو مقصد ڪنهن نظريي يا خاص ماڻهن جي ترجماني ڪرڻ ناهي. ميلا سرڪار جي خرچ تي لڳايا وڃن يا غير سرڪاري حڪمت عملي ذريعي. ادبي ميلن جو مقصد تفريح سان گڏ نوجوان نسل، جديد گهرجن، يعني سيڪيولر روين جي ترجماني ڪرڻ هوندو آهي. هر اهو ميلو جيڪو پنهنجي انتظامي ۽ سرگرمي غير سيڪيولر آهي، اهو ميلو سواءِ نج ڪمرشل ۽ خاص ماڻهن جي مفادن کان وڌيڪ ڪجهه به نٿو ٿي سگهي. شيخ اياز ميلو، سنڌ لٽريچر فيسٽيول، ڪراچي لٽريچر فيسٽيول يا حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول اها ڪنهن قسم جي مافيا ناهي بلڪه پنهنجي اصلي مقصد ۾ علم ادب ۽ فن جي ترجماني جا هڪ منظم پروگرام آهن، جن جي انتظاميا تي تنقيد ڪري سگهجي ٿي، باقي ميلي مخالف رويو ترقي پسند ناهي.
سنڌ جا مسئلا، سنڌ جا موجوده چيلنجز، عام ماڻھو جو غيرسياسي ٿيڻ جا ڪارڻ، ڪتاب پڙهڻ جي روايت کي هٿي ڏيڻ، سائنس، ادب ۽ فلسفي جي علم لاءِ اتساهيندڙ رويا نوجوان ۾ پيدا ڪرڻ ۽ سنڌ جي اجتماعي ڀلي لاءِ عام ماڻهو کي رقص يا ناچ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ، جيڪو سماج جي اجتماعي خوشحاليءَ جو اھڃاڻ هوندو آهي. ميلا به ارتقا ڪندا آهن. هڪ صدي اڳ ڪنهن جو به اهڙو تصور نه هو ته علمي ميلا پڙهيل لکيل ماڻهو لاءِ هڪ ذريعو ٿيندا جنهن ۾ عام ماڻهو به پنهنجي پاڻ کي علمي ۽ ادبي محفل جو حصو سمجهندو.
سڀ کان پهرين ادبي ميلو 1768ع ۾ يورپي رياست اسڪاٽ لينڊ ۾ لڳايو ويو هو، جنهن جو مقصد ليکڪن ۽ پڙهندڙن کي منظم ڪري علمي ادبي ماحول کي بهتر ڪرڻ هو.
تنهن کان پوءِ اوڻويهين صدي تائين ميلا مچڻ شروع ٿيا. 1949ع ۾ انگلينڊ ۾ منظم ادبي ميلو رچايو ويو. ائين ڪجهه ئي سالن ۾ ادبي ميلن جو ڪلچر پوري دنيا ۾ شهرت ماڻي سهڻي نموني سان ملايو وڃي ٿو. جنهن جو مقصد ليکڪن، اسڪالرن، سائنسي ۽ ادبي سوچ رکندڙ ماڻهن کي بنا ڪنهن متڀيد يا پنهنجي ذاتي پسند کان آزاد ٿي گڏيل طور هڪ ترقي پسند ماحول جوڙي پڙهندڙن ۽ فن سان سلهاڙيل ماڻهن کي منظر عام تي آڻڻ آهي. سنڌ جي ادبي ميلن ۾ ڪيتري حد تائين اها سيڪيولر روايت آهي جنهن جو مقصد پنهنجي پاڻ کي چمڪائڻ نه بلڪه اجتماعي طور اهو پيغام ڏيڻ ته ميلا ماڻهوءَ کي علمي ۽ نفسياتي طور تي موچارو ڪرڻ لاءِ آهن نه ڪي ڪنهن خاص گروہه يا شاخ جي ترجماني ڪري پنهنجي پاڻ کي چمڪائڻ لاءِ رٿيا وڃن.
ادبي ماحول جي مشهوري ڪنهن به سماج جي اوسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. ڇاڪاڻ ته ادب کان سواءِ سماج اڻ پورو آھي. ادب کان سواءِ سماج گونگو ۽ ٻوڙو هوندو آهي. ادبي ميلا صحتمند سرگرميءَ سان گڏ ادب جي اهميت جو محرڪ آهن. ادب آزاد هوندو آهي. ڪنهن ٻوليءَ جو ادب وڏي وقت تائين پابندي هيٺ نٿو رهي سگهي. ڇاڪاڻ ادب جي سونهن سيڪيولر آهي.
اهڙي ريت ادبي ميلن جي سونهن به هر قسم جي فڪر ۽ فن کي بنا ڪنهن ڏڦير جي آزادي سان ان جي ترجماني ڪرڻ آهي جنهن ۾ اديب، نوجوان ليکڪ ۽ اسڪالرن کي منظم ڪري هڪ علمي ماحول کي پيدا ڪرڻ آهي. سنڌ جي ادبي ميلن ۾ ڪيترو من پسندي وارو رويو آهي. اهو فرق سنڌ جو اديب ۽ آرٽسٽ ئي ٻڌائي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته جنهن سماج ۾ متڀيد هوندو، اهو سماج ڪنهن به پاسي سگهارو ٿيڻ ۾ ناڪام ٿي ويندو. ڪنهن به ادبي ميلي ۾ پنهنجي من پسند ماڻهو کي سڏ ڏيڻ هڪ قسم جو ادبي ميلي جي نالي تي ويساهه گھاتي ۽ انهي سان گڏ ادب سان هڪ قسم جو سطحي رويو آهي. اچو ته ادبي ميلن ۾ متڀيد کي مات ڏيون ۽ اهڙو خيال جنهن ۾ خاص طور تي ترقي پسند فڪر جي حمايت، دقيانوسي خيالن جي خلاف هڪ آواز ۽ آزاديءَ جي تبليغ جا گيت هجن. ان کي همٿائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون.