ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪافڪا جي ناوليٽ “ميٽامورفسس” جي ريٽلينگ II-

Editorial-Article- Kaleem Butt

ناوليٽ ميٽامورفسس جي ريٽيلنگ:

www.prowritingaid.com موجب ڪنهن به ڪهاڻيءَ جي ريٽيلنگ مان مراد اها آهي ته ڪلاسيڪي ڪهاڻيءَ کي ڪنهن نئين انداز سان پيش ڪجي ۽ ان ۾ ڪا نئين ڳالهه يا نئون رخ ڏنل هجي.
اهڙيون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون آهن، جن جي هن وقت تائين ڪيترائي ڀيرا ريٽيلنگ ٿي چڪي آهي. مثال طور جڳ مشهور ناول نگار البرٽ ڪامو جي مشهور ناول “دي اسٽرينجر” جي ريٽلينگ ٿي چڪي آهي، اهڙي ريت عربين نائٽس ۾ ڏنل ڪهاڻين جي ڪيترائي ڀيرا ريٽلينگ ٿي چڪي آهي. ادب جو نوبل انعام ماڻيندڙ ناول نگار حوزي ساراماگو جا ٻه ناول “دي گاسپل اڪرانڊنگ ٽو جيسس” ۽ “ڪائن” عيسائي مذهبي آکاڻين جي ريٽيلنگ آهن. ان کانسوا ڪيترين ئي لوڪ داستانن، ڏند ڪٿائن، شيڪسپئير جي ڊرامن ۽ ڪلاسيڪي ناولن جي ريٽيلنگ ٿي چڪي آهي.

www.prowritingaid.com موجب ڪنهن به ڪلاسڪي ڪهاڻيءَ جي ريٽيلنگ ڪرڻ وقت ٽي شيون اهميت واريون ٿي سگهن ٿيون: نئون مک ڪردار، نئين سيٽنگ ۽ نئين صنف.
ان حوالي سان جيڪڏهن ڪافڪا جي ناوليٽ “دي ميٽامورفسس” جي ڳالهه ڪجي ته هن ناوليٽ جي ريٽيلنگ جاپان جي مشهور ناول نگار هوراڪي موراڪامي “سيمسا ان لو” جي نالي سان ڪئي آهي. هي ڪهاڻي موراڪامي جي ڪتاب “Men Without Women” ۾ ڏنل آهي. هي ڪتاب جاپاني ٻولي ۾ 2014ع ۾ ڇپيو. جڏهن ته هن جو انگريزي ترجمو فلپ گيبرئيل 2017ع ۾ ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ست ڪهاڻيون ڏنل آهن ۽ ڪتاب جي ڇهه نمبر ڪهاڻي “سيمسا ان لوَ” آهي. انهن ڪهاڻين جي حوالي سان ڄاڻايو ويو آهي ته هنن ستن ڪهاڻين ۾ موراڪامي پنهنجي مشاهدي جي سگهه سان اهڙن مردن جون ڪهاڻيون ٻڌايون آهن، جيڪي پنهنجي پنهنجي نموني اڪيلا آهن، هنن ڪهاڻين ۾ غائب ٿي ويندڙ ٻلين کان ويندي دونهين سان ڀريل شراب خانن جو ذڪر ملي ٿو، انهي سان گڏ دلين جي اڪيلائي ۽ پراسرار ماين جو ذڪر به ملي ٿو، اهي ڪهاڻيون اسان سان اڻڳڻين طريقن سان ڳالهائين ٿيون. هنن ڪهاڻين ۾ اسان کي بهترين مزاح به پڙهڻ لا ملي ٿو، جيڪو موراڪامي جي لڳ ڀڳ هر لکڻي ۾ هوندو آهي. جيڪڏهن هن جي لکڻين کي هلندڙ دور جون ڪلاسيڪي لکڻيون سڏجي تڏهن به وڌا نه هوندو.
جهڙي ريت ڪافڪا جي ناوليٽ ۾ سيمسا انسان ۾ جيت ٿي وڃي ٿو، ان جي ابتڙ وري موراڪامي جي هن ڪهاڻي ۾ جيت انسان ٿي وڃي ٿو ۽ ان جو نالو “گريگر سيمسا” آهي. هن ڪهاڻي جي شروعات ڪجهه هنن لفظن سان ٿئي ٿي:

“He woke to discover that he had undergone metamorphosis and become Gregor Samsa. He lay flat on his back on the bed, looking at the ceiling. It took time for his eyes to adjust to the lack of light.”
ايئن جيت مان انسان ٿيل سيمسا کي انهي ڪمري ۾ ڏيکاريو ويو آهي جنهن ۾ اهو انسان مان جيت ٿيو هو. جيئن ته هن جا گهروارا نوڪرين تي ويل آهن، ان ڪري هو گهر ۾ اڪيلو آهي. هو جنهن ڪمري ۾ بند هو. ان ڪمري جو تالو ڀڄي پئي ٿو ۽ هن جي پيءُ تالي ٺاهڻ واري کي فون ڪري ڇڏيو آهي. سيمسا کي بُک جو احساس ٿئي ٿو ۽ هو ڪمري کان نڪري مک هال ۾ اچي ٿو. ايتري ۾ در تي گهنٽي وڄي ٿي. سيمسا جڏهن در کولي ٿو ته هن کي سامهون هڪ ڪٻي ڇوڪري بيٺل نظر اچي ٿي جنهن جي ڪلهي تي ڪارو ٿيلهو رکيل آهي. ڇوڪري کي بلڪل به اهو احساس نٿو ٿئي ته ڪو هن جي آڏو بيٺل همراهه تازو ئي جيت مان انسان ٿيو آهي ۽ هن کي ٻڌائڻ لڳي ٿي ته هتان فون آيو هو ته تالي جي مرمت ڪرائڻي آهي. هو هن کي اهو به ٻڌائي ٿي اهو ڪم هن جو پي ۽ ڀائر ڪندا آهن، پر جيئن ته اڄ شهر ۾ وڳوڙ ٿي پيا آهن، ان ڪري هنن کيس هتي موڪليو آهي. هو رڳو ان ڳالهه جي چڪاس ڪندي ته تالي جي مرمت ٿيڻ گهرجي يا ان جي جا تي نئون تالو لڳڻ گهرجي. اهي ٻئي انهي ڪمري وٽ اچن ٿا جتي گريگر وڏي وقت کان جيت جي روپ ۾ بند هو ۽ انهي ڪمري جو تالو ڀڳو هو. هو ڪم ڪرڻ شروع ٿي ڪري. ڪجهه دير کانپو سيمسا هن کان سوال ٿو ڪري ته هو هر هر ٻانهن کي ايئن ڇو ٿي ڪري جنهن تي هو کيس ٻڌائي ٿي ته جيئن بريزيئر کي سڌو ڪري سگهي. سيمسا کي اهو ٻڌي حيراني ٿئي ۽ اهو لفظ ورجائي ٿو، جنهن تي هو چيس ٿي ته ها بريزيئر، هن کي خبر هوندي نه ته اهو ڇا ٿيندو آهي؟ يا کيس ان ڳالهه تي حيراني آهي ته هڪ ڪٻي ڇوڪري کي اهو پاتل آهي؟ سيمسا کي لفظ ڪٻي ڇوڪري تي به حيرت ٿئي جو ٻين لفظن جيان اهو لفظ به هن لا نئون آهي.
ايئن اهي ٻئي هڪ ٻئي سان ڳالهائيندا رهن ٿا. هوريان هوريان سيمسا جي من ۾ ان ڇوڪري لا پيار ڀريو احساس اڀري ٿو، جنهن تي ان ڪٻي ڇوڪري کي احساس ٿئي ٿو ته سيمسا کي پاتل جبي جي هيٺين حصي ۾ ڳوڙهو وڏو ٿي رهيو آهي. ان تي هو ڇرڪجي وڃي ٿي ۽ هن تي ملامت ڪندي چيس ٿي ته هو سمجهي وئي ته هو هن وقت اهو پيو سوچيو ته هڪ ڪٻي ڇوڪري سان جنسي عمل ڪرڻ ڪيئن هوندو؟ ۽ هو سيمسا کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳي ٿي. سيمسا تڪڙ ۾ هن کان معافي گهري ٿو ۽ هن کي ٻڌائي ٿو ته هو هن وقت ڪيترن ئي مونجهارن ۾ وڪوڙيل آهي ۽ کيس ڪجهه به سمجهه ۾ نه پيو اچي. جڏهن هو وڃڻ لڳي ٿي ته سيمسا هن کان پڇي ٿو ته ڇا هو هن سان وري ملندي؟ اهو ٻڌي ڇوڪري مرڪڻ لڳي ٿي ۽ پڇيس ٿي ڇا سچي هو هن سان ٻيهر ملڻ گهري ٿو ۽ ٻيهر ملي ڇا ڪندو؟ جيئن ته سيمسا انسان ٿيڻ کانپو ڪنهن ٻئي بدران ان ڇوڪري سان ئي سڀني کان پهرين ملي ٿو، ان ڪري کيس پنهنجي سڀ کان ويجهو سمجهي ٿو ۽ چيس ٿو اهي ڳالهيون ڪندا. اها ڇوڪري هلي وڃي ٿي، پردي جي وٿي مان سيمسا هن کي ويندو ڏسي ٿو. هن جي من ۾ ان ڇوڪري سان ٻيهر ملڻ جي آس وڌي وڃي ٿي، اها آس وري هن ۾ جنسي باهه کي ڀڙڪو ڏئي ٿي ۽ ايئن جيت مان انسان ٿيل سيمسا گهر ۾ اڪيلو رهجي وڃي ٿو.
جيئن ڪافڪا جو ناوليٽ انساني روين ۽ احساسن سان ڀريل آهي، اهڙي ريت موراڪامي جي ڪيل ريٽيلنگ به اڻڳڻين احساسن سان ڀريل آهي، سڀ کان پهرين ته انسان ٿيڻ جو احساس آهي، جنهن تي سيمسا کي حيرت آهي، پو ان ڇوڪري سان ملڻ ۽ ان سان ڳالهيون ڪرڻ جو احساس، هڪدم جنسي سڪون جو احساس هن ڪهاڻي ۾ ڀرپور نموني سان پڙهڻ لا ملي ٿو. هي ڪهاڻي به ايتري ئي ڪلاسيڪي انداز ۾ لکي وئي آهي جيترو ڪافڪا جو ناوليٽ لکيل آهي.
اهڙي ريت ڪافڪا جي هن ناوليٽ جي ريٽيلنگ جو احساس پاڪستان جي انگريزي ليکڪ محسن حامد جي تازي ناول “دي لاسٽ وائيٽ مين” جو پهريون باب پڙهڻ سان به ٿئي ٿو. هي ناول سن 2022ع ۾ نيو يارڪ مان ڇپيو آهي ۽ اهو Anders نالي اڇي چمڙي واري همراهه جي ڪهاڻي آهي. هن ناول جي شروعات ڪجهه هن نموني ڪيل آهي:
“One morning Anders, a white man, woke up to find he had turned a deep and undeniable brown. This dawned upon him gradually…”
جديديت پڄاڻا ادب جي اها ئي خوبي رهي آهي ته ان ۾ ليکڪ ريٽيلنگ کان ويندي انٽرٽيڪسچوئلٽي جهڙن ٽيڪنيڪن جو استعمال ڪري اڳ ٻڌايل ڪهاڻيءَ جا ڪجهه ڪردار يا پلاٽ کڻي هڪ نئين انداز ۾ پنهنجي ڪهاڻي بيان ڪري ٿو ۽ اهڙي عمل کي دنيا ۾ ڪٿي به ادبي چوري جو نالو نٿو ڏنو وڃي، پر ان جي ابتڙ ان کي “ريٽيلنگ” طور قبول ڪيو وڃي ٿو.
هتي مون کي سنڌي پڙهندڙ تي ڏاڍي حيرت ٿيندي آهي، جڏهن اهي بنا ڳالهين کي سمجهي ئي ڪنهن ڪهاڻي يا ناول تي “ادبي چوري” جو الزام هڻندا آهن. جنهن جو تازو مثال اختر حفيظ جي ناول “ڪيفي ادب” تي ٿيل اهو اجايو بحث آهي. پڙهندڙ ته پنهنجي جا تي پر ويندي جو سنڌي ادب جي هڪ ٻن ليکڪن به ناول ڪيفي ادب تي اهو الزام مڙهيو آهي ته اهو پاڪستاني فلم “ماهه مير” تان چورايل آهي. مان ان کي اجايو الزام ان ڪري سمجهان ٿو جو هڪ ته ناول جي مک ڪردار کان ويندي ناول جي سيٽنگ بلڪل الڳ آهي. ٻيو اهو ته اختر هن ناول تي 2012-2013ع کان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، اهو خيال هن کي فيس بُڪ تي هلايل پنهنجي ئي هڪ سلسلي “ڪيفي ادب” تان آيو هو. ٽيون اهو ته اختر جو ناول جنهن موضوع تي لکيل آهي ان تي اڳ به ڪيترائي ناول ۽ ڪهاڻيون لکجي چڪيون آهن، مثال طور “پري زاد” نالي هڪ پاڪستاني ڊرامو آهي جنهن جي ڪهاڻي به ساڳي آهي، ايتري تائين جو ان ۾ به فلم جيان هڪ شاعر جو ڪردار ڏيکاريو ويو آهي. ان سان به لڳ ڀڳ ساڳيا ئي مسئلا آهن ته پو اهو ڊرامو پري زاد جنهن کي سڄي دنيا ۾ خوب ساهرايو ويو اهو به چوري ٿيل آهي ۽ اهڙيون ٻيون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون آهن ته ڇا اهي سڀ ان پاڪستاني فلم تان چوري ڪيل آهن؟ جيڪڏهن ايئن ئي آهي ته پو جيڪڏهن ڪنهن ناول ۾ ڪو ڪبوتر يا وڻ ڳالهائي ٿو ته پو پڪ اهو ناول ايسپ جي آکاڻين تان چوري ٿيل هوندو!
منهنجو خيال آهي ته اسان وٽ ادبي تنقيد تي اناپرستي وڌيڪ حاوي آهي، اسان ادب کي جديد انداز ڏسڻ بدران اڃا به روايتي انداز ۾ ڏسون ٿا. اسان ذاتي اختلافن جي ڪري ڪنهن جي سٺي لکڻي تي به اجايا الزام مڙهي ويهي رهون ٿا ۽ ٻئي جي ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ئي نٿا ڪريون، جيڪو رويو سنڌي ادب لا ڏاڍو نقصانڪار آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان ادب جي جديد ڌارائن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ “ريٽيلنگ” به انهن مان هڪ آهي. دنيا جي ڪيترن ئي وڏن ليکڪن ريٽيلنگ جي بنياد تي ڪهاڻيون لکيون آهن، جن کي تمام گهڻو ساهرايو ويو آهي. بس اسان کي پنهنجي ادبي نابالغي مان نڪري ادبي طور بالغ ٿيڻ جي ضرورت آهي. (پورو ٿيو)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button