ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آءِ ايم ايف وٽ گروي ٿيل ملڪي معيشت

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

دنيا ۾ پاڪستان اڪيلو ملڪ ناهي، جيڪو معاشي بحران مان گذري رهيو آهي پر ٻيا به ڪيترائي ملڪ هاڻ ۽ ماضي ۾ به معاشي بحران مان گذرندا رهيا آهن. تازو سريلنڪا معاشي بحران جي ور چڙهي ويو ۽ ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، جتي مهانگائي هن وقت بنهه گهڻي وڌي وئي آهي. اهڙي ريت پاڪستان جو حال به ڪو سٺو ڪونهي. مهانگائي بي لغام ٿي چڪي آهي. ماڻهو ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ پريشان لڳا پيا آهن ۽ ان کان سواءِ هاڻوڪي حڪومت عوام تي بنا رحم کائڻ جي اهو طئي ڪري ورتو آهي ته اها عوام جو بچيل رت به نپوڙي ڪڍندي.

ملڪ ۾ هڪ پاسي سياسي تجربا ڪيا ويا آهن ته ٻئي پاسي وري معاشي تجربا پڻ ڪيا پيا وڃن. آءِ ايم ايف ڏانهن وڃڻ، ڪنهن وقت چين ڏانهن وڃڻ ۽ سي پيڪ جو شروع ٿيڻ، ان کان پوءِ اهو فيصلو ڪرڻ ته هاڻ روس کان تيل ۽ ڪڻڪ ورتي ويندي پر هيستائين اهي تجربا مڪمل طور ناڪام نظر اچي رهيا آهن. سي پيڪ ڪجهه سالن لاءِ هليو. چين جي سيڙپڪاري ٿي پر جيئن عمران خان نيازيءَ جي حڪومت آئي ته سي پيڪ جا سڀئي منصوبا بند ٿي ويا هئا، جنهن ڪري چين به هاڻ سي پيڪ بابت ڪا سنجيدگي ڏيکارڻ لاءِ تيار ڪونهي.
هاڻ جڏهن اتحادي حڪومت مڪمل طور آءِ ايم ايف تي ڀاڙڻ شروع ڪيو آهي ته ان جا نتيجا وري عوام ڀوڳي رهيو آهي. ِ هن وقت تائين عوام لاءِ ڪابه اهڙي حڪومت ڪونه آئي آهي، جيڪا مڪمل طور عوام دوست فيصلا ڪري ۽ جنهن مان لڳي ته اها عوام جي قسمت تبديل ڪري سگهي ٿي. هن وقت تائين ته ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ اتحادي حڪومت اها ايجنڊا کڻي آئي هئي ته مهانگائي ڪري رڳو عوام وسيلي ٽيڪس اوڳاڙي ڪرڻي آهي. تنهنڪري ملڪي معيشت آءِ ايم ايف جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل آهي. جيڪي به شرط آءِ ايم ايف رکي ٿو، هاڻوڪي حڪومت انهن کي بنا دير قبولڻ لاءِ تيار آهي. جيڪڏهن بجلي جا اگهه وڌائڻا آهن تڏهن به حڪومت هائوڪار ڪري ٿي، جيڪڏهن گئس جا اگهه وڌائڻا آهن ته ان ۾ حڪومت ڪو عار محسوس نٿي ڪري. اهڙي ريت پيٽرول جا اگهه وڌائڻ ۾ هي حڪومت دير نٿي ڪري. ڇاڪاڻ ته هاڻ ملڪ جا معاشي معاملا حڪومت طئي نٿي ڪري سگهي پر اهي معاملا آءِ ايم ايف طئي ڪريو رهيو آهي. جيڪو پاڪستان کي قرض ڏئي ۽ اهو قرض وياج سوڌو واپس به وٺندو آهي. قرض واپس ڪرڻ لازمي آهي.
وڌندڙ مهانگائي ۽ پيٽرول جون قيمتون وڌائڻ کان پوءِ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ اهو چوڻ شروع ڪيو آهي ته مهانگائيءَ جي هاڻوڪي لهر پي ٽي آءِ جي ڪرتوتن جي ڪري آئي آهي. ڇاڪاڻ ته اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف کان قرض ورتو آهي، ان کي واپس ڪيو پيو وڃي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عمران خان نيازي پنهنجي حڪومت ۾ آءِ ايم ايف کان ايترو قرض ورتو جيڪو ملڪي تاريخ ۾ ڪڏهن ڪونه ورتو ويو ۽ اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ۾ هو قرض وٺڻ جي خلاف هو. سندس چوڻ هو ته هو آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ بدران خودڪشي ڪري ڇڏيندو. پر هن هر ملڪ کان قرض وٺڻ جو فيصلو ڪيو. اهڙي ريت ان زماني ۾ به ملڪي معيشت آءِ ايم ايف جي قرض تي ڀاڙي رهي هئي. جڏهن ملڪ جي امپورٽ ٻڙي هجي ۽ سڄو زور ايڪسپورٽ تي هجي ته ان حالت ۾ اهو ممڪن ئي ڪونهي جو ملڪي معيشت پيرن تي بيهي سگهي ۽ ماڻهو سکيا ٿي سگهن. تنهنڪري معيشت جي بدحاليءَ ۾ ڪنهن هڪ پارٽيءَ جو هٿ ڪونهي پر سمورين پارٽين جو هٿ آهي. اهي پارٽيون جيڪي هن وقت تائين اقتدار ۾ رهيون آهن، اهي سڀئي معاشي بدحالي ۾ پنهنجو حصو پتي وجهنديون رهيون آهن.
دنيا ۾ ڪئين ملڪ آهن، جيڪي قرض کڻندا آهن. آمريڪا کان وٺي جاپان تائين سڀئي مالياتي ادارن جا قرضي ملڪ آهن، پر انهن جو عوام پاڪستان جي عوام وانگر بدحال ڪونهي. اهي ملڪ ترقيءَ جي تسلسل کي جاري رکندا پيا اچن. اهي ملڪ ڪنهن به ريت پنهنجي عوام کي پريشان ٿيڻ ڪونه ٿا ڏين ۽ پنهنجي معاشي پاليسين جي ڪري معاشي بحرانن کي منهن ڏيڻ قابل ٿي ويندا آهن. نتيجي ۾ نه رڳو اهي ملڪ دنيا جي ترقي ۾ پنهنجو حصو پتي وجهي رهيا آهن پر انهن وٽ پنهنجي معيشت کي مضبوط ڪرڻ جا ڪئين گر پڻ آهن. پاڪستان سان رڳو معاشي مسئلو ڪونهي. هي ملڪ دهشتگرديءَ جي ور چڙهيل آهي، بدانتظامي هن ملڪ ۾ ڪاهي پئي آهي، دفاع جي مد ۾ ايترو پئسو خرچ ڪيو ٿو وڃي جو عوام لاءِ پئسو بچي ئي ڪونه ٿو. ان کان سواءِ ملڪ ۾ قانون نالي ڪا شيءِ ڪونهي. جڏهن ايترا مسئلا چوکنڀا ملڪ کي گهيريو بيٺا هجن ته پوءِ ملڪ جو بحرانن مٿان بحران پيدا ٿيڻ لازمي آهي. ملڪ ۾ حڪومتن جو ٺهڻ ۽ ڊهڻ جو سلسلو وڏي وقت کان جاري آهي. گذريل ڪجهه سالن ۾ جيڪي سياسي تجربا سامهون آيا آهن، انهن تجربن جي ڪري جيڪا سياسي غيريقيني پيدا ٿي آهي، ان ڪري به معاشي حالتون خراب ٿيون آهن ۽ اهي وڌيڪ خراب پڻ ٿي سگهن ٿيون. تنهنڪري اڄ جڏهن پاڪستان معاشي طور تباهه حال لڳو پيو آهي ته ان باري ۾ حيران ٿيڻ جي ضرورت ان ڪري به ڪونهي، جو جڏهن ملڪ کي هلائڻ لاءِ غير ضروري سياسي تجربا ڪيا ويندا ته ان جا نتيجا ضرور نڪرڻا آهن.
ڪالهه پشاور ۾ جيڪو دهشتگرديءَ جو واقعو ٿيو آهي، جتي مسجد ۾ ٿيل هڪ بم ڌماڪي ۾ 32 ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ 150 تائين زخمي ٿي پيا آهن ته اهو ان سلسلي جو ئي تسلسل آهي، جنهن جي شڪايت ماضي ۾ دنيا جا ڪيترائي ملڪ پاڪستان کان ڪندا آيا آهن. اڄ ملڪ جو گهرو وزير راڻا ثناءُالله چئي رهيو آهي ته افغانستان جي زمين پاڪستان خلاف استعمال ٿي رهي آهي، ڪنهن زماني ۾ پاڪستان جي زمين افغانستان خلاف استعمال پئي ٿيندي هئي. ڇاڪاڻ ته ضياءَ پاران متعارف ڪرايل جهاد وسيلي افغانستان ۾ جيڪا باهه لڳائي وئي آهي، اها باهه هاڻ پاڪستان ۾ گهڙي آئي آهي. ان ڪري ان کي ايترو جلدي نٿو وسائي سگهجي.
ان امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي ته هن وقت جيڪو بحران ملڪ ۾ موجود آهي، اهو ڏينهون ڏينهن سنگين ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته حڪمران بحران جا حل عارضي ڳولي رهيا آهن. جڏهن عارضي حل ڳوليا ويندا آهن ته انهن جا نتيجا به جٽادار ڪونه هوندا آهن، تنهنڪري عوام تي معاشي بار وجهڻ، پيٽرول مهانگو ڪري وري بجلي مهانگي ڪرڻ ۽ ملڪ جي سڄي معيشت کي آءِ ايم ايف وٽ گروي رکڻ سان معاشي بحران ٽري نٿو سگهي. پر ان لاءِ هڪ طويل حڪمت عملي جي ضرورت آهي. ڇا اسين ملڪ کي اڃا به سيڪيورٽي اسٽيٽ ڪري هلائڻ جي قابل آهيون، يا ان کي هڪ فلاحي رياست ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن. هڪ اهڙي فلاحي رياست جنهن ۾ سڀئي آباد قومون بهتر نموني جيءَ سگهن. ٻي صورت ۾ اسان کي سريلنڪا جو تجربو ياد رکڻ گهرجي. جتي عوام نڪتو ۽ ان حڪمرانن کي ڀڄائي ڪڍيو. پر تنهن هوندي به ان جي معيشت بهتر ڪونه ٿي سگهي آهي. جيڪڏهن رياستي معاملا ائين هلائڻا آهن، جيئن هلندا پيا اچن ته پوءِ رياست به ائين ئي هلندي رهندي ۽ عوام لاءِ ڪوبه سکيو ڏينهن ڪونه ايندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button