ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٻڏندڙ معيشت، آءِ ايم ايف ۽ عوام

Editorial-Article- Yameen Jatoi

اهو ته هاڻي واضح ٿي چڪو آهي ته معاشي حالتون بنهه سازگار ناهن ٿيڻيون. جهڙي نموني هي آ ايم ايف جا شرط مڃي رهيا آهن ان مان پڻ اهو ظاهر ٿئي ٿو ته وٽن آ ايم ايف جي ٻي ڪا به اهڙي واٽ ڪانهي جنهن وسيلي هي معاشي ڏيوالي مان پاڻ کي ڪڍي سگهن. ڪجهه ڏينهن اڳ برطانيا جي رسالي فنانشل ٽائيمز پاڪستان جي معيشت بابت لکيو آهي ته معيشت جي ٻيڙي ٻڏڻ جو خدشو آهي. پاڪستان ۾ بجلي جي بندش، غيرملڪي مٽاسٽا ناڻي جي سخت کوٽ سبب ڪاروبار هلائڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، جڏهن ته ملڪ جون اعليٰ اختياريون وڌندڙ بحران کان بچڻ ۽ آءِ ايم ايف جو پروگرام بحال ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل آهن. پاڪستان جي بندرگاهن تي درآمدي شين سان ڀريل ڪينٽينر جمع ٿي رهيا آهن، ٽيڪسٽائيل سميت مختلف فيڪٽريون ڪچي مال جي کوٽ ۽ توانائي جي مسئلن سبب بند ٿي رهيون آهن. هوڏانهن هول سيل مارڪيٽ ۾ دالين جو صرف 15 ڏينهن جو ذخيرو بچيو آهي، جنهن جي ڪري دال هزار رپيا في ڪلو ملندي. هول سيل ڊيلرز جو چوڻ آهي ته ڊالر جي قيمت ۾ واڌ باوجود اسان جا ڪنٽينر نٿا ڇڏيا وڃن، جنهن سبب دالين جا هزارين ڪنٽينر بندرگاهه تي ڦاٿل آهن ۽ مارڪيٽ ۾ دال جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. ڊيلرن موجب رمضان ويجهو اچڻ ڪري دالين جي طلب وڌي وئي آهي ۽ هاڻي رمضان ۾ شين جي کوٽ پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي، ڇو ته امپورٽ ٿيل شين جي ڪنٽينر تي دير وارو هرجاڻو معاف نه ڪيو ويو آهي جنهن سبب شين جا اگهه 25 سيڪڙو وڌي ويا آهن.
معيشت جو ٻيڙو ڪيئن ٻڏي رهيو آهي ان جو هڪ اظهار ڊالر جي اڏام مان به ٿي رهيو آهي. پاڪستاني رپيو گذريل ٻن ٽن ڏينهن اندر آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ 12 سيڪڙو قدر وڃائي ويٺو آهي، اهڙي صورتحال ۾ سڄي ملڪ اندر مهانگائي ۾ واڌ جو خطرو وڌي ويو آهي. ايڪسپورٽ جي سهاري هلندڙ معيشت ۾ ڊالر جي وڌندڙ کپت جي ڀيٽ ۾ فراهمي واضح طور گهٽجي وئي آهي، طلب ۽ رسد ۾ وڏي فرق کي گهٽائڻ لا اسٽيٽ بئنڪ وٽ انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ پهچائڻ لا ڊالر ئي موجود نه آهن. ٻئي طرف ملڪ جا مٽاسٽا جي ناڻي وارا ذخيرا گهٽجي 3 ڏهائي 7 ارب ڊالر جي خطرناڪ حد تائين پهچي ويا آهن، جڏهن ته ادائيگين جي ڊيمانڊ ۽ پرڏيهي قرضن جي ادائيگي تمام وڌي وئي آهي، ملڪ جي سراسري درآمد واري ادائيگي هلندڙ سال جي شروعاتي ڇهن مهينن ۾ لڳ ڀڳ 5 بلين ڊالر ماهوار آهي، جڏهن ته پرڏيهي قرضن جي ادائيگي ان کان هٽي ڪري آهي، اهڙي صورتحال ۾ حڪومت آ ايم ايف جي مطالبي تي ناڻي جي مٽاسٽا جو لچڪ وارو نظام بحال ڪري ڇڏيو آهي، جنهن مطابق هاڻي معيشت ۾ پرڏيهي ڪرنسي جي طلب ۽ رسد واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي مارڪيٽ جي قوتن (اڪثر ڪمرشل بئنڪ) کي رپئي ۽ ڊالر جي مٽاسٽا شرح جو تعين ڪرڻ جا اختيار واپس ڪيا ويا آهن.
اسٽيٽ بئنڪ مٽاسٽا ناڻي جي ذخيرن جا تفصيل جاري ڪندي ٻڌايو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ جا ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 9 سالن جي سڀ کان گهٽ سطح تي پهچي ويا آهن. مرڪزي بئنڪ موجب ذخيرا 20 جنوري تي ختم ٿيندڙ هفتي ۾ مجموعي طور تي 99 ڪروڙ ڊالر گهٽ ٿيا آهن، مٽاسٽا ناڻي جا ذخيرا 20 جنوري تائين 9 ڏهائي 45 ارب ڊالر رهيا، ذخيرا 92 ڪروڙ ڊالر گهٽجي 3 ڏهائي 67 ارب ڊالر رهيا، جيڪي رڳو ٽن هفتن جي امپورٽ لاءِ ڪافي هوندا، جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن جا ذخيرا 6 ڏهائي 76 ڪروڙ ڊالر گهٽجي 5 ڏهائي 77 ارب ڊالر رهيا.
واپاري خسارو 5 کان 6 ارب ڊالر تائين وڌڻ جو امڪان ڏيکاريو پيو وڃي. قرضن جي واپسيءَ لاءِ به 7، 8 ارب ڊالرن تائين گهرجن. ٻئي گڏي ايندڙ مهيني پاڪستان کي 14 ارب ڊالر جي ضرورت پوندي. مطلب ته صورتحال ڳنڀير آهي.
معاشي ماهر ان را جا آهن ته ڊالر مهانگو ٿيڻ سان ٻن ڏينهن اندر ملڪ جي قرضن ۾ ساڍا 4 کرب رپين جو اضافو ٿيو آهي، هاڻي مهانگائي جو هڪ ٻيو طوفان ايندو. هيل تائين ملڪ تي 11 کان 12 کرب رپين جو قرض چڙهي چڪو آهي، جڏهن ته پيٽرول سميت جيڪا به شي انهن جي ور چڙهندي هي ان جا اگهه وڌائي ڇڏيندا. مهانگائي جو هڪ ٻيو طوفان اچڻ وارو آهي، هاڻي کاڌي پيتي جي شين ۽ بجلي جا اگهه وڌندا ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ بيروزگاري ۾ به اضافو ٿيندو، هي وڌيڪ ٽيڪس لڳائيندا ۽ عوام تي وڌيڪ بار پوندو.
حڪمرانن جي عوام دشمن قدمن جي تسلسل ۾ تازي تيل اگهن ۾ ڪيل واڌ به آهي. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار مهانگائي جي ماريل عوام لا پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ 35 -35 رُپين جي وڏي واڌ جو اعلان ڪري آ ايم ايف کي سائي جهنڊي ڏيکاري ڇڏي آهي ته هو عوام جو ڳاٽو ڀڃڻ لا تيار آهن. ايتري قدر جو اوگرا جي سمري جو به انتظار نٿا ڪن. ڇاڪاڻ ته ناڻي واري وزارت پيٽروليم اسمن جا اگهه وڌائڻ ۾ اوگرا کي مڪمل طور نظرانداز ڪري پنهنجي ليکي قيمتن ۾ اضافي جو اعلان ڪيو آهي. اوگرا کان پيٽروليم مصنوعات جي اگهن بابت سمري طلب نه ڪئي وئي هئي، قانون مطابق اوگرا کي پيٽروليم اگهن بابت سمري 30 جنوري تي موڪلڻي هئي، ان باوجود اوگرا جا عملدار نون اگهن بابت اڻڄاڻ رهيا ۽ اگهه وڌائڻ جو امڪان به رد ڪندا رهيا. آئي ايم ايف سان ڳالهين کان اڳ پيٽروليم اگهن ۾ واڌ اڻٽر فيصلو هو، اگهن بابت سڄو ڪم ناڻي واري وزارت ۾ ٿيو، جنهن بعد ناڻي وزير اسحاق ڊار منظوري ڏني. هاڻي چون ٿا ته پهرين فيبروري تي پيٽروليم شين جا نوان اگهه وڌي سگهن ٿا، جيڪي سوا 3 سئو في ليٽر تائين به وڃن سگهن ٿا.
تنهنڪري، صورتحال بنهه سازگار ڪانهي. بهرحال، آ ايم ايف سان اڄ کان ممڪنه ڳالهين جو دور هلندو، جيڪو 9 فيبروي تائين جاري رهڻو آهي ۽ هن ملڪ جي وزيراعظم اهو امڪان ڏيکاريو آهي ته معاهدو ٿي ويندو. جيڪڏهن معاهدو ٿي وڃي ٿو ته اهو عوام جي زندگي ۾ هڪ نئون ڪهرام برپا ڪري ڇڏيندو، جنهن جي حڪمرانن کي ڪا به ڳڻتي ڪانهي. بهرحال، لڳي اهو ئي ٿو ته سندن آ ايم ايف سان معاهدو ٿي ويندو ڇاڪاڻ ته ساڻس معاهدي کان اڳ هنن جيڪي قدم کڻڻ شروع ڪيا آهن، اهي کيس اها پڪ ڏيارڻ لا آهن ته هاڻي جيئن تون چوندين تيئن ئي ٿيندو ۽ آءِ ايم ايف 6 کرب جي مني بجيٽ جو مطالبو ڪري رهي آهي. عوام هڪ وڏي معاشي تباهي لاءِ تيار ٿئي.
اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته عوام هتان جي رت پياڪ سويلين ۽ نان سويلين اشرافيا جي عياشين ۽ ڪڌن ڪرتوتن جو ڏن ڀريندو رهي؟ عوام ٺيڪو کنيو آهي ڇا؟ ٻئي طرف هاڻِ عوام کي به سوچڻو پوندو، جيڪڏهن عوام ايئن ئي اسٽيبلشمينٽ نواز ڪوڙي جمهوريت ۽ ٺوڳي سياست جي پويان هلندو رهيو ته اهو ڏينهن پري ناهي جو هڪ ٻئي سان وڙهي مري. ان کان اڳ جو هڪٻئي سان وڙهي مري، بهتر آهي ته اسٽِبلشمينٽ جي پڇ لٽڪائو ڪوڙن جمهوريت پسندن جي ڳچيءَ ۾ هٿ وجهي پنهنجي مقدر کي بدلائڻ جي شروعات ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button