ھاڻي جڏهن وزير اعظم شھباز شريف جي پارٽيءَ جا اعليٰ سطحي عھديدار ۽ اڳوڻو وزير اعظم شاھد خاقان عباسي، اطلاعات کاتي جو اڳوڻو وفاقي وزير مشاهد حسين سيد ۽ شريف خاندان جو وفادار ساٿي خواجه سعد رفيق به 13 جماعتي اتحادين جي سرڪار خلاف پنهنجو سالن کان بند پيل وات کولي ڇڏيو آھي ته مون پنهنجي ڪالم جي عنوان ۾ ننڍڙي درستي ڪرڻ لازمي سمجهي ۽ استاد امر جليل جي ھڪڙي گونگي بدران لکيم ته “نيٺ گونگن ڳالهايو.”
ھنن ٽنھي سينيئر موسٽ مسلم ليگي اڳواڻن پنهنجي پارٽيءَ جي پاليسين سان اختلاف ظاهر ڪري ھڪڙو نئون ڀونءِ چال آڻي ڇڏيو آھي. اھي ڳالھيون ھنن مسلم ليگي ليڊرن مريم نواز شريف جي واپسيءَ کان اڳ ڇو نه پئي ڪيون؟ منهنجي خيال ۾ کين اميد ھئي ته لاھور ھوائي اڏي تي جھاز جي ڏاڪڻين تان لھي جيئن ئي مريم نواز پنجاب جي ڌرتيءَ تي پير ڌريندي ته هڪدم لکين ماڻهو سندس آجيان واسطي ايئن اچي مڙندا جيئن ڏھين اپريل 1986ع تي جنرل ضياءَ جي مارشل لا واري زماني ۾ بينظير ڀٽو شهيد لاءِ خدا جي خلق سڄي پاڪستان مان مڙي مُٺ ٿي ويئي هئي. آئون خاطريءَ سان چئي ٿو ڇڏيان ته مريم نواز شريف جو اھڙو شانائتو استقبال ئي نه ٿيو جھڙو ھنن پراڻن مسلم ليگي اڳواڻن سوچيو ھو. سوال آھي ته آخر ڇو پنجاب جي سڀني کان وڏي سياسي پارٽي مسلم ليگ نواز جي ليڊرن پنجابي عوام جي شاندار موٽ نه ملڻ سبب مايوس ٿي اھڙا بيان به جاري ڪري ڇڏيا ته مسلم ليگ جي سربراهه نواز شريف وٽ جمھوريت جو قدر ئي ڪونهي! اڳوڻي وزيراعظم شاھد خاقان عباسي ۽ وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ته هن پارٽيءَ کي خانداني موروثي جماعت جو لقب ڏنو آهي. مشاهد حسين چيو آهي ته، وزير اعظم صاحب، ھاڻي پنھنجي حڪومت جا ٽپڙ ويڙهي نئين سر عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ اعلان ڪريو! ان حقيقت کي ڏسندي مون کي اردو ڪلام جي ھڪڙي مصرع ياد اچي ويئي آهي ته:
ذرا سي دير ۾ ڪيا هوگيا زماني ڪو؟
جيئن مون ذرا سي دير ۾ ھڪڙي گونگي منجهان ٽي عدد پڌري پٽ ٿيل گونگن جو ذڪر ڪيو آهي، تيئن چوٿون مسلم ليگي اوتار ۽ پاڪستان جو وزير دفاع خواجه آصف به سالن جي ماٺ کي نھوڙي پنهنجو وات کولي چيو آهي ته “پشاور ۾ ٿيل موتمار آپگھاتي حملي جو جيڪو ٻج اسان پاڻ ڇٽيو هو، اڄ معصوم ماڻهن جي لاشن واري صورت ۾ ان جو فصل لڻون پيا.”
خواجه آصف جنهن جو مرحوم پيءُ خواجه صفدر حسين جنرل ضياءُالحق جي ھٿ ٺوڪي مجلس شوريٰ جو سرواڻ ھو تنھن کي پاڻ سڀني کان گھڻي ڄاڻ آهي ته جنرل ضياءُ، جنرل حميد گل، جنرل فضل حق، جنرل اختر عبدالرحمان ۽ سندن ساٿين اسي واري ڏهاڪي ۾ افغانستان تي روسي قبضي خلاف طالبان نالي جيڪي ھٿياربند گوريلا ويڙھاڪ تيار ڪيا ھئا، سي ساڳيا ئي افغاني دھشتگرد پشاور، مردان، صوابي، سوات ۽ پاڪستان جي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾ خودڪش بمبارن ذريعي ھفتي ڏيڍ اندر مسجدن ۽ بازارن کي تباهه ڪندڙ بارود سان اڏائي سوين ماڻهن کي ماري چڪا آهن. رت پياڪ طالبان جي انھيءَ ڀوائتي ڀرتيءَ ۾ ھنن جنرلن سان جماعت اسلامي ۽ جمعيت علماءِ اسلام پڻ زبردست سھڪار ڪيو ھو ۽ پنهنجن ديني مدرسن ۾ پڙهندڙ ڪچيءَ ڄمار جي ٻارڙن کي بھشت جا من موهيندڙ سھڻا سھڻا خواب ڏيکاري روس جي خلاف “جھاد” لاءِ اماڻي ڇڏيندا هئا.
جنرل ضياءُالحق لاءِ ڇا لکي ڇا لکان جنهن جي حڪومت ۾ چونڊيل وزير اعظم کي ڦاھيءَ تي چاڙھڻ کان وٺي سياسي ڪارڪنن ۽ سينسرشپ خلاف احتجاج ڪندڙ سچن صحافين کي نه رڳو جيلن ۾ بند ڪيو ويو پر گھڻن ڄڻن کي ته فوجي عدالتون ڦٽڪا هڻڻ جي سزا به ڏيڻ ضروري سمجهنديون ھيون. اھڙو اونداهو فوجي راڄ ٻيھر اسان جي نئين ٽهيءَ کي شال ڏسڻو نه پوي. پاڪستان ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ معاشي بدحالي، بيروزگاري ۽ مھانگائيءَ کي 13 جماعتن جي اتحاد سان جوڙيل ھاڻوڪي سرڪار اھڙو ته ھانءُ ڏاريندڙ ڪري ڇڏيو آھي جو ايندڙ عام چونڊن ۾ جيڪڏهن ھنن 13 ئي پارٽين جا اڳواڻ آب زم زم ۾ وھنجي، آسمان مان نازل ٿي اچن تڏهن به اٽي ۽ اجھي کان وانجهيل ڪروڙين ماڻهو کين ھاڻي ووٽ نه ڏيندا. منهنجي ھيءَ اڳڪٿي رڪارڊ تي رکجو پڙھندڙ ساٿيو!
اصل بيماري اھا ئي ساڳي پراڻي آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي عمران خان تائين سمورن مقبول عوامي سياسي ليڊرن پاران اقتدار حاصل ڪرڻ خاطر فوجي طاقت کي سياست ۾ ڄنگهھ اڙائڻ لاءِ دعوت ڏيڻ آهي. جيڪا فيلڊ مارشل ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل محمد ايوب خان آڪٽوبر 1958ع کان شروع ڪئي ۽ اڃا به جاري آهي. ڇا ھيءَ مرض ڪورونا کان به وڌيڪ ڀوائتو ۽ بڇڙو نه آھي جو رٽائر ٿيندڙ ھر ھڪ آفيسر ڪروڙين غريب مسڪين ماڻهن جي قومي خزاني مان اربين رُپيا پرڏيهي بئنڪن ۾ شفٽ ڪري پنهنجي سياسي خدمتن جو ايڏو وڏو معاوضو وٺي رمندو رهي ٿو، جو ان منجهان سندس ست نه پر ستر پيڙھيون کائين، پيئن ۽ عيش عشرت واري حياتي گھارين؟ 23 ڪروڙ پورھيتن ۽ ھارين نارين جي ٽيڪس ۽ ڳاٽي ٽوڙ پرڏيهي قرضن منجهان بار بار لڳندڙ ھي ڌاڙا رڳو ان ڪري ممڪن ٿي ويا آهن جو چونڊيل سياسي صدر ھجي يا وزير اعظم، جڏهن اھي پاڻ قومي خزاني ۾ کاٽ هڻندا آهن ته پوءِ نيب نالي احتساب جا جعلي ادارا ڊڪٽيٽر شپ جي زماني ۾ ٺاھيا ويندا آهن ۽ سياسي اڳواڻ پنهنجن ئي ڪيل خطائن ۽ ڏوھن جي ڪري مجبور ٿي نه رڳو جيلن ۾ سڙندا آهن پر نيب ڪورٽن مان جند ڇڏائڻ خاطر ڪجھه نه ڪجھه پئسا واپس موٽائي، ٻيھر اقتدار جا مزا وٺندا آهن. مون پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي ته اينٽي ڪرپشن جي آفيسرن جيان نيب جا ننڍا وڏا عملدار به ڪروڙين ڪمائي ٿوم مان زعفران بڻجي ويا آهن.
بدقسمتيءَ سان اسان جي ملڪ تي سالن جا سال جيڪو عالمي سامراج جو تسلط رهيو آهي سو پنھنجن وطن واسين کي سک جو ساهه کڻڻ ئي نه ٿو ڏئي. آءِ ايم ايف نالي ھن اداري کان جنهن به ملڪ جي حاڪمن قرض ورتو آهي سو ڄڻ ته وياج تي پئسا ڏوڪڙ ڏيندڙ وياج خور جو محتاج ٿيو وڃي. نتيجو اهو نڪرندو آهي ته جڏهن به وياج خور قرض وٺڻ لاءِ قرضيءَ جي در تي اچي ٿو ته مقروض جا سنھا ٻچڙا جيڪي اڳ ۾ ئي بکن ۽ ڏکن جا سٽيل ھوندا آھن، سي اسڪول جي پڙهائي ڇڏي ٽائرن جا پنڪچر ٺاھيندڙ ڪنھن بي رحم مستريءَ جا ننڍڙي ڄمار ۾ وڃيو نوڪر ٿين ۽ سج لٿي کان پوءِ فقط ڏهه رُپيا کڻي گھر ويندا آهن. ڏھن روپين ۾ ته اڄڪلھه کٽمٺو به ڪونه ٿو ملي سگهي.
(پورو ٿيو)