اسلام آبادپاڪستان

17 گريڊ جي آفيسرن ۽ گهر وارن جا اثاثا پڌرا ڪيا وڃن:آ ايم ايف

اسلام آباد :پاڪستان سان ڳالهين ۾ آءِ ايم ايف نوان مطالبا سامهون رکي ڇڏيا. آءِ ايم ايف جي نون مطالبن ۾ چيو ويو آهي ته 17هين گريڊ يا ان کان مٿي جي آفيسرن ۽ انهن جي گهر وارن جا اثاثا ڊڪليئر ڪيا وڃن. ذريعن موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اثاثن تائين پهچ لاءِ گائيڊ لائنز جاري ڪيون وينديون، اسٽيٽ بئنڪ، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۽ ايف بي آر گڏجي ڪم ڪندا. ٽيڪنيڪي ڳالهين ۾ آءِ ايم ايف بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ 100 سيڪڙو بل وصولي ۾ ناڪامي تي خدشن جو اظهار ڪيو. آءِ ايم ايف حڪومت کان وصولي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو، بجلي ٽيرف ۾ سبسڊي ختم ڪرڻ ۽ صنعتي شعبي جي ٽيرف سبسڊي جي خاتمي جو به مطالبو ڪيو ويو. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته 100 سيڪڙو بل وصولي ۽ حڪومتي ڪمپنين جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ بنا گردشي قرض جو خاتمو ممڪن ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button