اسلام آبادپاڪستان

ٻڌايو وڃي ته گم ٿيل ماڻهو جيئرا به آهن يا مري ويا:اسلام آباد ها ڪورٽ

اسلام آباد :بچاءَ واري وزارت چيو آهي ته گم ٿيل ماڻهو آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ وٽ ناهن، جنهن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ڪاوڙ ڪندي ريمارڪس ڏنا ته اها ته خبر پوي ته گم ٿيل ماڻهو جيئرا آهن، مري ويا آهن يا هوا ۾ گم ويا آهن؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق گم ٿيلن بابت ڪيس جي شنوائي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪميٽي ڪميٽي نه ڪيو، ٻڌايو ماڻهو ڪيستائين آزاد ٿيندا؟ منهنجي رٽائرمينٽ 2031 ۾ آهي، تيستائين تاريخ رکي ڇڏيان. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيلن بابت ڪيس جي شنوائي ٿي، جنهن دوران جسٽس گل حسن اورنگزيب پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو ماڻهو ڪڏهن آزاد ڪرائيندئو؟ عدالت پڇاڻو ڪيو ته گم ٿيلن جي آزادي بابت فيصلي خلاف اپيل ڇو داخل ڪئي وئي؟ اڳوڻي حڪومت اپيل ڪئي هئي، توهان به ان کي جاري رکي رهيا آهيو. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته معاملي تي ڪميٽي ٺهيل آهي، جيڪا ماڻهن سان ملاقات ڪري رهي آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته توهان ڪميٽي ڪميٽي نه ڪيو، ٻڌايو ماڻهو ڪڏهن آزاد ٿيندا؟ منهنجي رٽائرمينٽ 2031 ۾ آهي، تيستائين تاريخ رکي ڇڏيان؟ چيف جسٽس چيو ته گم ٿيلن کي آزاد ڪرائڻ رياست جي ذميواري آهي. جڏهن ته جسٽس گل حسن اورنگزيب چيو ماڻهو مري ويا آهن ته ٻڌايو، معاملو ختم ڪري ڇڏيون. چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته گذريل ٽن سالن ۾ ذري اڳڀرائي نه ٿي، جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته اسان کي 8 کان 10 هفتا مهلت ڏيو، جسٽس گل حسن چيو ته نه، پوءِ اسان فيصلو محفوظ ڪري ٿا ڇڏيون. چيف جسٽس چيو توهان حلفي بيان ڏيو ته فلاڻي تاريخ تي ماڻهو آزاد ٿي ويندا، ڪميٽي ڪميٽي ڇا ٿا ڪيو، ڪميٽي ڇا ڪندي؟ ڪميٽي پارليامينٽ جي ڪمري ۾ ويهي چانهه پي چوندي بُرو ٿيو، ڪهڙي بنياد تي چاهيو ٿا ته سنگل بئنچ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيون؟ عدالت چئن هفتن ۾ ڌرين کي لکت دليل جمع ڪرائڻ جي هدايت ڏيندي شنوائي 8 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. چيف جسٽس چيو ته ايندڙ شنوائي تي اٽارني جنرل ۽ عدالتي مددگار کان ڪجهه ٻڌنداسين ۽ ڪيس ۾ فيصلو ڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button