اسلام آبادپاڪستان

پابندي پيل فنڊنگ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي درخواست رد

اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پابندي پيل فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف جي درخواست رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس عامر فاروق، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس بابر ستار تي ٻڌل بئنچ پي ٽي آءِ جي درخواست تي مختصر فيصلو ٻڌايو. عدالت پي ٽي آءِ جي درخواست رد ڪندي اليڪشن ڪميشن جي فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ درست قرار ڏئي ڇڏي ۽ اليڪشن ڪميشن طرفان پي ٽي آءِ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ واري عمل کي پڻ درست قرار ڏنو ويو آهي. ياد رهي ته پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن جي فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئيلنج ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button